موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
ميگزين پڙهڻ يا ڊائولوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪريو

28 ويھين ترميم ۽ سنڌ جي مستقبل جو سوال؟!

سنڌ رڳو جاگرافيائي حدن جو نالو ناهي؛ هيءَ تهذيب، تاريخ، ٻولي ۽ هزارين ورهين جي اجتماعي شعور جو استعارو آهي. جڏهن به ڪنهن اهڙي آئيني يا انتظامي ترميم جي ڳالهه سامهون اچي ٿي، جيڪا سنڌ جي سياسي اختيارن، انتظامي ڍانچي يا وحدت تي اثرانداز ٿي سگهي، تڏهن اهو معاملو محض قانوني بحث نه رهندو آهي، پر قومي سڃاڻپ ۽ عوامي حقن جي سوال ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ شاهدي ڏئي ٿي ته اختيارن جي مرڪزيت هميشه ننڍن وفاقي يونٽن لاءِ ڳڻتي جو سبب رهي آهي. 18هين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن کي جيڪي آئيني ۽ انتظامي اختيار مليا، سي وفاقي توازن ڏانهن هڪ اهم قدم سمجهيا ويا. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪا به نئين ترميم صوبائي خودمختياري کي محدود ڪرڻ يا سنڌ جي سياسي وزن کي گهٽائڻ جو تاثر پيدا ڪري ٿي، ته ان تي عوامي ردعمل اچڻ فطري آهي. اصل سوال اهو ناهي ته ترميم جو نالو ڇا آهي؛ اصل سوال اهو آهي ته ان جو روح ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ترميم جو مقصد عوام تائين اختيارن جي منتقلي، مقامي ادارن جي مضبوط ڪرڻ ۽ حڪمرانيءَ کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ آهي ته ان تي سنجيده بحث ٿيڻ گهرجي. پر جيڪڏهن اهڙيون تبديليون وفاقي يونٽن جي رضامندي کان سواءِ، سياسي مصلحتن يا اقتداري ضرورتن تحت آنديون وڃن، ته پوءِ اهي وفاقي هم آهنگيءَ بدران بي اعتماديءَ کي جنم ڏينديون. سنڌ جي حوالي سان هڪ ٻيو اهم پهلو ثقافتي ۽ تاريخي سڃاڻپ جو به آهي. هيءَ ڌرتي اڳ ئي وسيلن جي ورڇ، پاڻي جي مسئلن، مردم شماري ۽ انتظامي اختيارن بابت ڪيترن حساس سوالن کي منهن ڏئي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن به آئيني تبديليءَ کي صرف قانوني عينڪ سان نه، پر سماجي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ به ڏسڻ گهرجي. قومون صرف قانونن سان نه، پر اعتماد، شموليت ۽ گڏيل احترام سان مضبوط ٿينديون آهن. هڪ ذميوار جمهوري معاشري ۾ آئيني ترميمون دروازن پٺيان نه، پر عوامي مشاورت، پارلياماني بحث ۽ وفاقي اتفاقِ راءِ سان جنم وٺنديون آهن. سنڌ جي ماڻهن کي اهو حق حاصل آهي ته سندن مستقبل بابت ٿيندڙ هر اهم فيصلي ۾ سندن آواز شامل هجي. جمهوريت جو حسن به اهو ئي آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهيو وڃي، نه ڪي محض ادارتي قوت کي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 28هين ترميم بابت پيدا ٿيندڙ هر ابهمي، خدشي ۽ سوال جو واضح جواب ڏنو وڃي. ڇو ته جڏهن قومن کان سندن اعتماد کسجي وڃي ٿو، تڏهن آئيني شقون به دلين ۾ جاءِ نٿيون ٺاهي سگهن. سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ تاريخي سڃاڻپ سڀ کان اھم آھي. سنڌ جي بقا فقط جاگرافيائي وجود ۾ ناهي، پر ان جي آئيني حيثيت، ثقافتي وقار ۽ عوامي اختيارن جي تحفظ ۾ آهي. جمهوريت جي اصل ڪاميابي به تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن هر ترميم عوام جي خواهشن جو آئينو بڻجي، نه ڪي خدشن جو! ايڊيٽر ڊجيٽل سنڌ ميگزين، ڪراچي وزٽ ڪيو اسان جي ويب سائيٽ: Digitalsindhmagazine.com

ايڊيٽر
ڊجيٽل سنڌ ميگزين، ڪراچي
Digitalsindhmagazine.com
شمارو: اٺون جون 2026ع ڪرنٽ افئير
News Home
ڪارو ڪاري: سنڌ ۾ عورتن جي قتل جو الميو! ليکڪ: صالح شريف پيرزادو
ڀارت ۾ بيروزگارن جي جوڙيل ”ڪاڪروچ جنتا“ پارٽي! (ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ڊيسڪ تان)
منشيات جو مرض ۽ ”پنڪي“ جو نيٽ ورڪ!! ليکڪ: اعجاز ممنائي
28ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي! ليکڪ: شريف گل خاصخيلي
سعيد ميمڻ ھڪ بيمثال شخصيت! ليکڪھ: ڪنول سنڌي
عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ! ليکڪ: امداد عاجز نصيراڻي
رشتن جي سلامتي ۽ انا جي ديوار: ھڪ نئين نفسياتي پروڙ! ليکڪ: مير عطا محمد ٽالپور
”پھرين مئي“ ۽ پورھيتن جو مستقبل! ليکڪ: سجاد ظھير
الا ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙھجي! ليکڪ: امداد عاجز نصيراڻي
شَڪ جو نفسياتي ۽ سماجي جائزو! ليکڪ: ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ، عوام پريشان! ليکڪ: اعجاز ممنائي
آمريڪا، اسرائيل جو ايران تي حملو اڃان تائين ناڪام؟؟ ليکڪ: حبيب جتوئي
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو جائزو! ليکڪ: فياض نائچ
اولھھ جي خوابن جو محل (عالمي صورتحال اھم تجزيو!) ليکڪ: ڪشور محبوباڻي
عالمي صورتحال اھم تجزيو ليکڪ: فياض نائچ
ستاويھين ترميم کان پوءِ ملڪ جو امڪاني سياسي منظرنامو!! ليکڪ: حبيب جتوئي
ڪارونجھر کان آئين تائين سنڌ جي تباھي جو الميو! ليکڪ: منور برھماڻي
شمارو: اٺون جون 2026ع تاريخ
News Home
شمارو: اٺون جون 2026ع ثقافت آرٽ
News Home
شمارو: اٺون جون 2026ع سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
News Home
شمارو: اٺون جون 2026ع انٽرويوز
News Home
شمارو: اٺون جون 2026ع شخصيتون
News Home
شمارو: اٺون جون 2026ع شاعري
شاعر

اصغر ميمڻ

اصغر ميمڻ ڪانڌپي جي ماني! ڪالھھ مئي جي مانيءَ تي، ڪانڌين کان وڌ رش ھئي! جيڏا ماڻھو تيڏيون مکيون، ھر ڪنھن جون ديڳين ۾ اکيون ڍڪ کليو ڄڻ ڀاڳ کليو وٺ وٺان ٿي ڀت مٿان وات ھيا ڄڻ اونھي کڏ جيئن، ھٿ ھليا ٿي بيلچن وانگي! دشمن ملڪ جو حملو ھو ڄڻ ٿالھا ٿالھن تي ٽڪرايا ڏيڻ وارا ڏيندي ڏيندي ٿڪجي ٿڪجي ساڻا ٿيا ديڳيون خيرن ساڻ ختم ٿيون پوءِ ڀي ڪانڌي ڪين اٿيا، نيٺ چيو ھڪ منھن پڪي، ديڳ ڪڏھن ايندي ٻي صاحب ھو جو صوبيدار ھيو جنھن جو پيءَ گذاري ويو ھو جي باقي ويٺا ھا تن کي ڏسندي خارن مان حڪم ڏنو در بند ڪريو پوءِ تن کان ٿالھا ٿالھيون ڌاٻا ڏئي سڀ صاف ڪرايا سڀ چٽايون ڇنڊي ڦوڪي جاءِ ڀي تن صاف ڪئي بس در کليو پوءِ ايئن ڀڳا ڪٿ ٻيھر ڪانڌي ڪونہھ ٿيا!

شاعر

شبير آزاد

شبير آزاد نظم هر ڪو پنهنجو سپنو وڪڻي، جنهن وٽ جو آ سو وڪڻي. اوکو وڪڻي، سوکو وڪڻي، الڪو وڪڻي، ڀڻڪو وڪڻي. مرڪيو وڪڻي، سڏڪيو وڪڻي، سادو وڪڻي، ڏاڍو وڪڻي. دادو، ميهڙ، مورو وڪڻي، ڪاڇو، پاڇو، شورو وڪڻي. ڪرشن، راڌا، سيتا وڪڻي، ها ها شرڌا، گيتا وڪڻي. جنهن وٽ جو آ سو وڪڻي ڪو سڏ وڪڻي ڪو هڏ وڪڻي، ڪو اڏ وڪڻي ڪو مڏ وڪڻي. ڪوڏر وڪڻي، ڪاني وڪڻي، ڀاڄي وڪڻي ماني وڪڻي. ٻاري وڪڻي هاري وڪڻي، ساري وڪڻي ناري وڪڻي. هاءِ ڙي ظالم پاڻي وڪڻي، راڻو وڪڻي راڻي وڪڻي. هر ڪو پنهنجو سپنو وڪڻي. هي ديس! آ دادا گيرن جو، هي پيرن پيدا گيرن جو. هن ديس جو حاڪم ڪاڻو آ، جنهن جي ٻولي ٿاڻو آ. هي ڌرتي لئہھ ڪامڻ آهي، ساري سنڌ لئہھ راوڻ آهي. هي پيسي جو پوڄاري آ، واپاري آ واپاري آ. جيڪو ٽم ٽم تارا وڪڻي، ڪارونجهر جا جاڙا وڪڻي. ڌرتي سرتي ٻارا وڪڻي، ڪينجهر، منڇر سارا وڪڻي. جو اٽڪل سٽڪل ڄاڻي ٿو، سو ڦرڻي ڪرسي ماڻي ٿو. پوءِ ريشم ڪپڙا پائي ٿو، ها هر دم راوڻ ڳائي ٿو. ها ڪي ڪي جوڌا سوچن ٿا، ڌرتي لئہ دودا لوچن ٿا. هر ڪنهن جو وارو ورڻو آ، ها ڄمڻو آ، پوءِ مرڻو آ. هردم مايا رهڻي ناهي، ڌرتي ماتا مرڻي ناهي. سپنن جي بازار لڳي آ، راوڻ جي درٻار ٺڳي آ. هر ڪو پنهنجو سپنو وڪڻي، ها پر ڌرتي سپنو ناهي. ڌرتي جيجل ڌرتي ماتا، ڌرتي ٻيجل ڌرتي داتا. ها جيڪو هن کي ٺاهي ٿو، سو آزاديءَ کي چاهي ٿو. هن جي مٺڙي مٺڙي ٻولي، ڀٽ جي ٻولي سولي ٻولي.

شاعر

فواد ڪلوڙ

فواد ڪلوڙ نظم ڳالھھ منھنجي ختم کان شروع ٿي وڃي! جيڪو چِيلو ھجي سو گُرو ٿي وڃي! ساڻ ھوندي به خود کان ڪنارا ڪيان!! لوڪ ڳالھيون ڪري، مان اشارا ڪيان!! واٽَ مون تي گهُمي مان پَسان واٽَ کي! ماٺِ مون کي ٻُڌي مان ٻُڌان ماٺِ کي! سَڏُ منھنجو ھوا ۾ اُڏامي وڃي؛ منھنجي ڪنھن سان نه ٿي ھم ڪلامي وڃي! مون کي جيون جيئي مان گُذارا ڪيان!! لوڪ ڳالھيون ڪري، مان اشارا ڪيان!! منھنجي حصي جي ڀَلِ ڪو حياتي جيئي! پيگ مون مان ڀَري مَڌُ مون کي پيئي! رات جي رمز ۾ رِندَ جيڪي بَچَن؛ تن جي حصي جا سڀ ٿِيڙَ مون کي اچن! ڪن کولي سمھان بند تارا ڪيان!! لوڪ ڳالھيون ڪري، مان اشارا ڪيان!! نظم جا ڇوڪرا جانِ منھنجي ڇَڏِن! گيت جون ڇوڪريون مون کي گُونگو سَڏِن! ڪنھن به وائي جي ڇا لئه وُراڻي ٿيئان؟ ڇا لئي ناول ٿيان ڇو ڪھاڻي ٿيئان؟ مان شگفته مان ڇو خود کي ساره ڪيان!! لوڪ ڳالھيون ڪري، مان اشارا ڪيان!! .

شاعر

ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ”ساحل“

ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ”ساحل“ نظم شام ڍ ليءَ جي لالي سانول، چيٽ چٽيءَ ۾ سنڌوءَ لهرون، سرنھن ڦولاري، آٻون نسريا، خواب اڌورا! خيال اڌورا! توبن سارا سپنا اڌورا!! سانوڻ رت ۾ بادل برسي، ميگهه ملهارون, گل گلزايون! بوندون برکا، کنوڻين تجلا، گجرا اڌورا! ڪجلا اڌورا! توبن سارا سپنا اڌورا!! جهرمر تارا سڀ ويڳاڻا، ٽيڙو، ڪتيون ۽ گهيٽا بي بيگانا، چانڊوڪي جو چاهه وڃايل، گهنگهور گهٽا ڏس ڪيڏي گهايل، پيام اڌورا! انجام اڌورا! توبن سارا سپنا اڌورا!! ڪونجن جا ڪي ڪڙڪ وڃايل، ڪوهه ڪاف اڏاڻا پنڇي گهايل، رات جي را ڻي بي ڪوما يل، توبن ”سا حل“ جا ھي لفظ اڌارو! گجرا اڌورا! ڪجلا اڌورا! توبن سارا سپنا اڌورا!

شاعر

منور برھماڻي

منور برھماڻي نثري نظم جھور پوڙھو سوچي ويٺو ! جا سنڌ اڏي سا ڪاٿي آھي، دودو ، ٻاگھل جا بختاور بڻي سا ڪاٿي آھي! تحريڪ ھئي، جا انقلاب بڻي سا ڪاٿي آھي. پيٽ بکايل ٻار ڏسي بيٺو ! جا پيٽ ڀري ماني سا ڪاٿي آھي! ناري جي پوتي ليڙو ، سيني تي گولي ، جا واجھائي پئي، ملي انصاف عدل سا ڪاٿي آھي! پيٽرول مھانگو ، اٽو ، مھانگو ٿي پيو لٽو، إ جا غريب پائي ريڙ سا ڪاٿي آھي! ھاڻ منور گھڻو ئي سٺو ! اٿو ، نڪرو مرڻ کان اڳ مات ڏجي، جا ٿي سوچ اھا سا ڪاٿي آھي! جھور پوڙھو سوچي ويٺو !!

شاعر

ارشاد ڪٽپر

ارشاد ڪٽپر غزل پوئتي ٿيندا رهيا سڀ قدم مون کان رٺا، فاصلا وڌندا رهيا فيصلا ڪهڙا ڪبا. نفرتن جي جڳ پٺيان ڊوڙندو رهيس مٺا، سارجن ڪهڙا مھڻا ڀرجهلا ڪهڙا ڪبا. واعدا وک وک تي جي مون کڻي تو سان ڪيا، بي وفا ٿي پو گفتا برملا ڪهڙا ڪبا. خواهشون ڪيئي پلجي ڄور ٿي پويان پيون، حال جو هيڻا رهيا ولولا ڪهڙا ڪبا. منچلن جي پويان ”ڪٽپر“ لڳي جو من پيو، سال ڪي کٽندا رهيا سلسلا ڪهڙا ڪبا.

شاعر

علي نواز مھراڻي

علي نواز مھراڻي نظم پنھنجو جھيڙو ڪٿي آھي؟ ذھن اسان جا خالي آھن. سوچ اسان جي مختلف آ. توکي منهنجي سوچ وڻي نھ، مونکي تنهنجي سوچ وڻي نہھ، من ۾ ڪا ئي مھڪ نه آهي، وات تڏھن تي ٽھڪ نه آهي.. بدبوءِ اوڳاڇيون ٿا ويٺا، ڇا مان ڇا ڪيون ٿا ويٺا، تون به ماڻھو مون جھڙو آن، مان به ماڻهو تو جھڙو ھان، آءُ ته وچ جي وٽ وٺون ڪا، توکي پنھنجو رستو آهي، مونکي پنهنجو رستو آھي. پنهنجو جھيڙو ڪٿي آهي؟

شاعر

سڌير بليدي

سڌير بليدي غزل هلي وئي رُسي اَڄُ سَکي رات مرشد، اُٿي وڻ مَنجها ويا پَکي رات مرشد. اوهان ڌار آهيو، تہ پل وَنگ ۾ هن، لڳي ٿي اوهان بن صَدي رات مرشد. اوهان جي اکين جي رهي منتظر آ. چتايو اوهان کي نَدي رات مرشد، هوا هيج آڻي لٿي ڳوٺ ۾ اڄ. اسان ننڊ پنهنجي ڀَڳي رات مرشد، اوهان چاھَ مان جا، چمي ڳل تي پاتي. اسان روح ۾ هئي رَکي رات مرشد، بتيلن جي بت تي نشو تنهنجو جانان، مهاڻن کي تنهنجي مَڳي رات مرشد.

شمارو: اٺون جون 2026ع ڪھاڻي
ڪهاڻي

دير سوير! ڪھاڻيڪار: زاھد منگي

دير سوير! ڪھاڻيڪار: زاھد منگي صوبيدار نظير احمد ٻپهريءَ ڌاري گشت تان واپس ٿاڻي تي پهتو ته سڌو لاڪ اپ ڏي ويو، جتي ٻه نوان ماڻهو نظر آيس. هڪ ڪرڙ وڍ همراهه هو ته ٻيو وري سترنهن ارڙنهن سالن جو ڇوڪراٽ هو. ” ڪير آهن؟“ سنتريءَ کان پڇائين. ”سر اهيو ڇورو بشني آهي، بينڪ مان سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪڍندي پڪڙيو آهي. هو ٻيو همراهه هڪڙي بزرگ جا پيسا ڦٻائي ويو آهي. ان جي فرياد تي گرفتار ڪيو اٿائونس.“ ” بزرگ ناهي پڪو وياجي آ سائين، ٽيهن هزارن جي جاءِ تي ڇٽيهه هزار ڏنا اٿمانس تڏهن به هن جو قرض نه ٿو لهي.“ همراهه سنتريءَ جي ڳالهه تي هٿ ٻڌي نماڻائي مان صوبيدار ڏي نهاريندي چيو، ”بس ڪر ڙي جوءِ جا...... شريف ماڻهوءَ تي الزام ٿو هڻي.“ سنتريءَ همراهه کي تکو ڳالهاوءُ ڏنو. صوبيدار ٻنهي سان ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ اچي آفيس ۾ ويٺو. ڳاڙهو ۽ نيرو رنگ ڌنڌلي رنگ واري ٿاڻي جي عمارت به هن ملڪ جي انصاف جي نظام جيان ئي جهوني هئي. جنهن جي مٿان وچ تي “ايمان اتحاد ، تنظيم” لکيل هو. چئن ڪمرن ۾ هڪ صوبيدار جي آفيس، ٻي وڏي منشيءَ جي آفيس هڪ مال خانو ۽ ان سان لڳ ئي لاڪ اپ هو. ٿاڻي جو آڳر ڪچو ۽ ڪشادو هو، جنهن ۾ ٻه بيد مشڪ ۽ هڪ ٽالهيءَ جو وڻ بيٺل هئا، جن مان وقت تي جوابدارن کي ٻڌي ماڪوڙا بڇائڻ جو ڪم ورتو ويندو هو. ڪنهن مهل ڪو چهبڪ به پٽي وٺندا هئا. صوبيدار نظير جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺو ته سپاهي گهرام گلاس پاڻيءَ جو کڻي آيس. هن پاڻي پي بس ڪئي، ته سپاهي نادر عليءَ اندر اچي ٻڌايس. ”سائين مقتول پيرل جي امڙ فاطمه آئي آهي. ڏاڍا دلاسا ڏئي موٽائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿمانس پر وڃڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، چوي ٿي هروڀرو صاحب سان ملان.“ صوبيدار ڪجهه گهڙيون سوچن ۾ گم ٿي ويو. ” پوڙهيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان، ڇا چوانس.، ڇا اڄ سچ ٻڌائي ڇڏيانس ته تنهنجي پٽ جي قاتل کي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون.؟ پر هن صدمي ۾ مري نه وڃي اها اميد ئي کيس جيئرو رکي ويٺي آهي. هونئن به هن ملڪ جا غريب اميد جي سهاري ئي ته جيئرا آهن.“ “سائين پوءِ پوڙهيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ سپاهيءَ جي آواز سندس سوچن جي سلسلي کي ٽوڙي وڌو. ” ها، اندر سڏ ڪرينس.“ ” سڏ ڪر ڪراڙيءَ کي.“ سپاهي نادر ٻاهر ويو، ڪجهه دير کانپوءِ مقتول پيرل جي امڙ ڦاپل ۽ سندس نون، ڏهن سالن جو پوٽو اندر اچي بيٺا. هوءَ ڏڪار سٽيل ڪنهن علائقي جي لڳي رهي هئي. صفا هڏن جي مٺ ٿي وئي هئي. ڄڻ ڪيترن ڏينهن کان اَنَ جو ڪو داڻو نه کاڌو هيائين. سندس اکيون روئي روئي سڪي بنجر بڻجي ويو هيون. ” امان جيجان ويهه“ صوبيدار کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو، ” ابا منهنجي ٻچي جي خون سان انصاف ڪر، ري گناهه ماريو اٿن.“ هن جي زبان جي خشڪي سندس ڳالهائڻ مان ظاهر هئي. ” هائو جيجان، گهٻراءِ نه اسان پوري ڪوشش ڪيون پيا، قاتل جلد گرفتار ٿيندا.“ ” ڀريو مهينو ٿيو آ، اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو اٿئو. مون رن زال جو هڪڙو ئي پٽ هو. دنيا ۾ اڪيلو سهارو هيم. هيءُ ننڍا ٻچا مان ڪيئن پاليان.؟ هن گڏ ويٺل پوٽي جي مٿي تي هٿ رکي وري ڳالهه شروع ڪئي. “ منهنجي نهن ته ان ڏينهن کان هوش ۾ ئي ناهي. منهنجو ته ويڙهو ئي اجڙي ويو. ڦاپل سڏڪندي پنهنجي درد ڪهاڻي بيان ڪري وئي. ڪيڏو سوز هو ان ڪهاڻيءَ ۾!! درد جي آخري حد هئي. پوڙهيءَ جي اکين مان ڳوڙهن بجاءِ الا وسي رهيا هئا، جن ۾ صوبيدار پاڻ کي سڙندي محسوس ڪري رهيو هو. هيڪر دل ۾ خيال آيس ته ٽيبل تي پيل رول کڻي پوڙهيءَ کي هٿ ۾ ڏئي چوي ته، ” هي وٺ ايتري تائين وهائيندي رهه جيتري تائين تنهنجي هٿن ۾ ست آهي.” پر هو اهڙا ڳوڙها ڏسي پٿر بڻجي ويو هو. اهڙيون آهون، دانهون ۽ بي وسيون هن لاءِ ڄڻ ڪا معني نه رکنديون هيون. صوبيدار سوچڻ لڳو ڪيئن هن پوڙهيءَ کي ٻڌايان ته تنهنجي پٽ جي بااثر قاتل کي مان ۽ منهنجو منڊو قانون ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. تنهنجي پٽ اهڙي ظالم جي ظلم جي ڪچي ڪري وڌي هئي. جنهن اڳيان اسان بي وس آهيون. اسان جا هٿ ٻڌل آهن ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. سواءِ توکي انهن ڪوڙن ڏٽن ۽ دلاسن ڏيڻ جي اسان جي وس ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي.“ ” ابا وس وارو آهين. الله عزت ڪئي اٿئي. مون مسڪين سان انصاف ڪر.“ پوڙهيءَ اهڙي طرح عازي ڪئي ڄڻ هو ڪو صوبيدار نه بلڪه جج هجي. ”وس وارو“ چئي هن کيس منهن ۾ ڄڻ ڀونڊو ڏئي ڪڍيو. هو هٿ پير ٻڌل اهڙو گڏو هو جيڪو مٿين جي اجازت کان سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو به نه پيو ڪري سگهي. اوچتو ڪراڙيءَ سان گڏ ويٺل پوٽي سامهون ڀت تي گهمندڙ ماڪوڙي کي ٿڦ هڻي ڪڍي. ماڪوڙو هيٺ ڪريو ته لت ڏئي چيڀاٽي ڇڏيائينس. ڇوڪري جي هن عمل صوبيدار جي اڳيان حيرت جا واهڙ وهائي ڇڏيا. هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي. ڇوڪري وٽ آيو مٿي تي هٿ رکي پڇائينس، ”پٽ ويچاري ماڪوڙي کي ڇو ماريئي.!؟“ “ ڪلهه مان وڻ هيٺان کيڏان پو ته مون کي چڪ پائي ويو هو.” ڇوڪري وڏي ڪاوڙ ۾ وراڻيو. ” پٽ اهو ته ڪو ٻيو ماڪوڙو هوندو هي ته نه هو.!!؟ ” آهي ته ماڪوڙو نه..!!“ ڇوڪري وڏي ڪروڌ مان چيو، هن جي بدلي وٺڻ واري عمل صوبيدار کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو، هن ڇوڪري جي اکين ۾ نهاريو جيڪي وڄ جيان ٻري رهيون هيون. صوبيدار پوڙهيءَ سان مخاطب ٿيندي چيو، ”دلجاءِ ڪر جيجان دير سوير تنهنجي پٽ جي قاتل سان حساب ضرور ٿيندو.“ ***

Digital Sindh Magazine

Introduction:

Digital Sindh Magazine is the first digital magazine of Sindh dedicated to the intellectual, literary, political, and ideological development of Sindhi youth. It strives to promote knowledge, critical thinking, and creative expression among the new generation.

The magazine serves as a vibrant platform where young Sindhi writers, thinkers, and scholars can share their ideas, research, and literary work with a wider audience. Through thoughtful articles, literature, analysis, and discussions, Digital Sindh Magazine aims to nurture awareness, inspire dialogue, and contribute to the growth of an informed and progressive Sindhi society.

By embracing the possibilities of the digital age, the magazine connects Sindhi youth with knowledge, culture, and contemporary discourse, empowering them to participate actively in shaping the intellectual and social future of Sindh.

Digital Sindh Magazine