DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
⏳ موسم اپڊيٽ ٿي رهي آهي...
Live 🌤️ سنڌ جي موسم
تازو موسم جا اطلاع

ڪراچي

موجوده موسم جي مڪمل معلومات

🌤️
--°C
--
🌡️
محسوس ٿيندڙ گرمي
--
💧
نمي
--
💨
هوا
--
🌧️
برسات
--
ميگزين پڙهڻ يا ڊائولوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪريو

سنڌ رڳو نقشي تي ٺهيل هڪ انتظامي حد نه آهي؛ سنڌ هڪ هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت ۽ اجتماعي سڃاڻپ جو نالو آهي. موهن جي دڙي کان وٺي شاهه لطيف جي فڪر تائين، سنڌ پنهنجي جداگانـه تاريخي ۽ ثقافتي وجود سان سڃاتي وڃي ٿي. تنهنڪري سنڌ جي وحدت تي سوال اٿارڻ رڳو انتظامي تبديليءَ جو سوال نه، پر سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ، وسيلن ۽ سياسي حقن سان لاڳاپيل معاملو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته 1955ع ۾ ون يونٽ جي نالي سان سنڌ کي اولهه پاڪستان جي هڪ وڏي انتظامي يونٽ ۾ ضم ڪيو ويو. ان سان سنڌ جي الڳ صوبائي حيثيت ختم ٿي وئي ۽ سنڌ اسيمبلي به ختم ڪئي وئي. ون يونٽ جو دور 1970ع تائين جاري رهيو، جڏهن سنڌ سميت ننڍن صوبن جي صوبائي حيثيت ٻيهر بحال ڪئي وئي. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ مزاحمت صرف سياسي پارٽين تائين محدود نه رهي. وڪيلن، شاگردن، اديبن، هارين ۽ سياسي ڪارڪنن مختلف مرحلن تي ان نظام خلاف آواز بلند ڪيو. تاريخي تحقيق مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد ننڍن صوبن جي حقن ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي سوال سان ڳنڍيل هئي. اڄ جڏهن ٻيهر سنڌ جي وحدت بابت مختلف بحث سامهون اچن ٿا، تڏهن اسان کي تاريخ کي جذبات کان وڌيڪ شعور سان پڙهڻ جي ضرورت آهي. سوال اهو آهي ته انتظامي مسئلن جو حل ڇا ڪنهن صوبي جي تاريخي وجود کي ٽوڙڻ ۾ آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن شهر يا علائقي ۾ انتظامي سهولتن جي ضرورت آهي ته ان لاءِ نوان ضلعا، ڊويزن، مقامي حڪومتون ۽ بااختيار ادارا قائم ڪري سگهجن ٿا. پر انتظامي سهولت کي بنياد بڻائي صوبي جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مسئلي جو مستقل حل نٿو ٿي سگهي. سنڌ جي وحدت جو مطلب ڪنهن قوم يا برادري جي خلاف بيهڻ نه آهي. سنڌ صدين کان مختلف قومن، ٻولين ۽ ثقافتن کي پنهنجي اندر جاءِ ڏيندي آئي آهي. سنڌ جي اصل طاقت ئي ان جي تنوع ۽ گڏيل سماجي زندگي ۾ آهي. تنهنڪري سنڌ جي وحدت جي ڳالهه نفرت نه، پر برابري، رواداري ۽ گڏيل حقن جي ڳالهه هجڻ گهرجي. ساڳئي وقت سنڌ جي وسيلن، پاڻي، زمين، روزگار ۽ سياسي اختيارن بابت سوال به سنڌ جي وحدت سان جڙيل آهن. تاريخ ۾ مرڪزي طاقت جي وڌندڙ اثر ۽ صوبائي خودمختياري جي ڪمزوريءَ سبب ننڍن صوبن ۾ بيچيني وڌڻ جا مثال موجود آهن. تحقيق ۾ ون يونٽ کي مرڪزي اختيارن جي مضبوطي ۽ صوبائي حقن جي ڪمزوريءَ سان پڻ ڳنڍيو ويو آهي. اسان جو خيال آهي ته پاڪستان جي مضبوطي صوبن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ نه، پر انهن کي آئيني، سياسي ۽ معاشي حق ڏيڻ ۾ آهي. هڪ مضبوط وفاق اهو هوندو آهي، جتي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا پنهنجي تاريخي ۽ آئيني حيثيت سان گڏ وفاق جو حصو هجن. سنڌ جي وحدت جو تحفظ ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو ڪم نه آهي. اهو سنڌ جي عوام، دانشورن، اديبن، صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽيءَ لاءِ گڏيل ذميواري آهي. اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، پر سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ آئيني حقن بابت بحث حقيقتن، دليل ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي. ايڊيٽر ڊجيٽل سنڌ ميگزين، ڪراچي

ايڊيٽر
ڊجيٽل سنڌ ميگزين، ڪراچي
Digitalsindhmagazine.com

يوٽيوب وڊيو

ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي ويڊيو

سنڌ جو ڪلاسيڪي راڳي ”استاد سينگار علي سليم“ جي زندگي متعلق ڏسو مڪمل ڊاڪيومينٽري

ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي يوٽيوب چيئنل ”واکاڻ“ پاران سنڌ جي سداحيات ڪلاسيڪي راڳي ” استاد سينگار علي سليم“ جي زندگي متعلق هي ڊاڪيومينٽري اوهان سڄڻن سان ونڊ ڪجي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجو قيمتي فيڊبيڪ ضرور ڏيڻ فرمائيندا ته جئين اسين ڊاڪيومينٽيز کي وڌيڪ بهتر کان بهتر بنائي, سنڌ جي انهن هيروز جي ڪيل خدمتن, جدوجهد ۽ زندگين کي اجاگر ڪريون, جيڪي اسان جي نئين نسل جي نظرن کان اوجهل بڻيل آهن۔

شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع ڪرنٽ افئير
News Home
پريا ڪماري جي اغوا جو مامرو ۽ ايم اين اي رميش ڪمار جا انڪشاف......!! ليکڪ: حبيب جتوئي
پاڻي جي سياسي معيشت، جلالپور ڪينال ۽ وفاقي رياست ۾ ادارتي سياسي خطرو! ليکڪ: خليل انصاري
اي ميان! ھوش ڪر، سنڌ وطن آھي.......!! ليکڪ: انعام جتوئي
ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي تي سوچيل سمجھيل، بناجواز ۽ وحشياڻي يلغار! ليکڪ: بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر
تازو وفاقي حڪومت ملڪ ۾ رھندڙ غيرقانوني پرڏيھين کي واپس موڪلڻ لاءِ پاڪستان جي گهرو وزارت حڪم ڏنو آهي
ڇا وفاق سچ پچ ڪنگلو آھي؟! ليکڪ: حبيب جتوئي
پاڪستان جو معاشي آدم خوريءَ وارو لاڙو! ليکڪ: بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر
اشرافيہ طبقي جي بجيٽ جو پورهيت عوام تي پوندڙ اثر! ليکڪ: دوست علي لغاري
”ڪڇان ته ڪافر !“ ليکڪ: منور برھماڻي
حڪومت، سول سوسائٽي ۽ ٽڪرن ۾ ورھايل دانشور! ليکڪ: مسرور شاھھ
سنڌ جي اعليٰ تعليم ۽ نوجوانن لاءِ دنيا ۾ موجود اعليٰ تعليم جا موقعا! ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالوھاب ”ساحل“ جتوئي
سدائين نشان تي، سدائين امتحان ۾! ليکڪ: امداد ”عاجز“ نصيراڻي
28ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟! ليکڪ: حبيب جتوئي
ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!! ليکڪ: ڪشور محبوباڻي
سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي! ليکڪ: نثار لغاري
ايران- روس ويجهڙائي ۽ عالمي طاقت جو نئون توازن! ليکڪ: عبدالرزاق سروھي
پاڪستان پاران ايران لاءِ رستا کولڻ جي پٺيان ڇا آھي؟؟ ليکڪ: حبيب جتوئي
ڀارت ۾ بيروزگارن جي جوڙيل ”ڪاڪروچ جنتا“ پارٽي! (ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ڊيسڪ تان)
28ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي! ليکڪ: شريف گل خاصخيلي
عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ! ليکڪ: امداد عاجز نصيراڻي
رشتن جي سلامتي ۽ انا جي ديوار: ھڪ نئين نفسياتي پروڙ! ليکڪ: مير عطا محمد ٽالپور
”پھرين مئي“ ۽ پورھيتن جو مستقبل! ليکڪ: سجاد ظھير
الا ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙھجي! ليکڪ: امداد عاجز نصيراڻي
آمريڪا، اسرائيل جو ايران تي حملو اڃان تائين ناڪام؟؟ ليکڪ: حبيب جتوئي
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو جائزو! ليکڪ: فياض نائچ
اولھھ جي خوابن جو محل (عالمي صورتحال اھم تجزيو!) ليکڪ: ڪشور محبوباڻي
عالمي صورتحال اھم تجزيو ليکڪ: فياض نائچ
ستاويھين ترميم کان پوءِ ملڪ جو امڪاني سياسي منظرنامو!! ليکڪ: حبيب جتوئي
ڪارونجھر کان آئين تائين سنڌ جي تباھي جو الميو! ليکڪ: منور برھماڻي
شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع رپورٽ
News Home
شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع تاريخ
News Home
شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع ثقافت آرٽ
News Home
شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع عام معلومات

لي مارڪيٽ جي بحاليءَ دوران قديم مجسما هٿ!

لي مارڪيٽ جي بحاليءَ دوران قديم مجسما هٿ! ڪراچي جي تاريخي علائقي اولڊ سٽي ايريا ۾ لي مارڪيٽ جي بحالي واري ڪم دوران آثارِ قديمه جي موجودگي سامهون آئي آهي، جتان ٻه قديم طرز جا مجسما ۽ تاريخي شيون برآمد ٿيون آهن. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته لي مارڪيٽ جي مرمت ۽ بحاليءَ جي عمل دوران هي تاريخي شيون هٿ آيون آهن، جن جي صداقت ۽ تاريخي حيثيت جانچڻ لاءِ آثارِ قديمه جي ماهرن کان باقاعده جاچ ڪرائي ويندي. ميئر ڪراچي موجب، برآمد ٿيل مجسمن جي عمر، تاريخي اهميت ۽ پسمنظر جو تعين ماهرن طرفان ڪيو ويندو. تاريخي ورثي کي بچائڻ ۽ ان جو رڪارڊ رکڻ لاءِ برآمد ٿيل سمورين شين جا مڪمل دستاويز پڻ تيار ڪيا پيا وڃن. هن واضح ڪيو ته لي مارڪيٽ مان ملندڙ شين کي مڪمل طور تي محفوظ ڪيو ويو آهي، ۽ ڪراچي ميٽروپوپليٽن ڪارپوريشن (KMC) شهر جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته برآمد ٿيل شين جو جديد سائنسي معائنو پڻ ڪرايو ويندو. تاريخي نوعيت جي هن اهم دريافت کانپوءِ سائيٽ تي اڳين کوٽائي جو ڪم وڌيڪ احتياط ۽ ذميواري سان جاري رکيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به قيمتي تاريخي ورثي کي نقصان نه پهچي.

عام معلومات

بنارس هندو يونيورسٽي جي سائنسدانن پنهنجي نوعيت جي پهرين جينوم (Genome) تحقيق ڪئي آهي

بنارس هندو يونيورسٽي جي سائنسدانن پنهنجي نوعيت جي پهرين جينوم (Genome) تحقيق ڪئي آهي. جنهن موجب جديد سنڌين جي 60 کان 66 سيڪڙو ڊي اين اي جو سڌو سنئون تعلق قديم سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان مليو آهي. هي ڪا معمولي تحقيق نه آهي. 7 لک 30 هزارن کان وڌيڪ ڊي اين اي مارڪر تجزئي هيٺ آندا ويا. هندستان ۽ پاڪستان جي 113 سنڌي ماڻهن جا جينياتي نمونا به شامل ڪيا ويا. جن کي مختلف آبادين مان لڳ ڀڳ 2,000 ماڻهن جي جينياتي ڊيٽا ڀيٽيو ويو. هي تحقيق بنارس هندو يونيورسٽي ۽ گجرات يونيورسٽي جي گڏيل سهڪار سان مڪمل ٿي. جيڪا Springer Nature جي جرنل Human Genetics ۾ شايع ٿي آهي. ورهاڱي سنڌي قوم کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ملڪ بدلجي ويا. چوڌاري ٻوليون بدلجي ويون. زندگيون بدلجي ويون. پر ڊي اين اي نه بدلي آهي. چاهي ڪو ماڻهو ڪراچي ۾ رهي يا ڪڇ ۾، اولهاس نگر ۾ هجي يا دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾، بنيادي جينياتي سڃاڻپ لڳ ڀڳ ساڳئي آهي. پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ويجهن مائٽن ۾ شادين جي روايت سبب انبريڊنگ (Inbreeding) جو تناسب وڌيڪ آهي. جڏهن ته هندستاني سنڌين ۾ ورهاڱي کان پوءِ ٻين برادرين ۾ شادين سبب انبريڊنگ جو تناسب گهٽجي رهيو آهي.

لي مارڪيٽ جي بحاليءَ دوران قديم مجسما

ڪراچي يونيورسٽي (جامعه ڪراچي) ۾ سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ ۽ واگذاري (خالي ڪرائڻ) جي نظام ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف: تفسيل موجب گهٽ ۾ گهٽ 72 مڪان ريٽائرڊ ملازمن، لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن

ڪراچي يونيورسٽي (جامعه ڪراچي) ۾ سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ ۽ واگذاري (خالي ڪرائڻ) جي نظام ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف: تفسيل موجب گهٽ ۾ گهٽ 72 مڪان ريٽائرڊ ملازمن، لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن، جڏهن ته فارن فيڪلٽي گيسٽ هائوس ۾ 2 ملازم ڪيترن ئي سالن کان رهائش پذير آهن، هڪ مڪان بيوروڪريٽ جي استعمال هيٺ آهي ۽ 3 مڪانن تي سڪيورٽي آفيسرن قبضو ڪري رکيو آهي.يونيورسٽي جي قاعدن موجب ملازم کي ريٽائرمنٽ کانپوءِ صرف هڪ سال تائين سرڪاري مڪان ۾ رهڻ جي اجازت هوندي آهي، پر دستياب سرڪاري فهرست مان ظاهر ٿئي ٿو ته درجنن کان وڌيڪ ماڻهو قانوني مدت ختم ٿيڻ جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ به مڪان خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪجهه ڪيسن ۾ غيرقانوني رهائش جي مدت 18 سالن کان وڌي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيترائي اڳوڻا پروفيسر ۽ آفيسر 9 کان 10 سالن کان غيرقانوني طور سرڪاري رهائش استعمال ڪري رهيا آهن.دستاويزن موجب ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽيٽ آفيس لاڳاپيل قبضاخورن کي مڪان خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آهن، پر اڪثر نوٽيس بي اثر ثابت ٿيا آهن. ٻئي طرف، حاضر سروس استاد، آفيسر ۽ ملازم رهائشگاهن جا منتظر آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته رهائشي ڪالوني جي ڪيترن ئي مڪانن ۾ بجلي ۽ گئس جا انفرادي ميٽر لڳل ناهن، جنهن ڪري استعمال ٿيندڙ بجلي ۽ گئس جو بوجھ سڌي ريت يونيورسٽي تي پئجي رهيو آهي. ڪجهه گهرن ۾ ڪيترائي ايئر ڪنڊيشنرز هلڻ جا اطلاع به آهن، پر يونيورسٽي انتظاميا اڃا تائين نه مڪمل انرجي آڊٽ ڪرايو آهي ۽ نه ئي غيرقانوني استعمال جا پئسا لاڳاپيل ماڻهن کان وصول ڪيا آهن.فهرست موجب اشفاق وارثي مڪان نمبر SD-46 ۾ 2007ع کان مقيم آهي ۽ سندس اجازت واري مدت 2008ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي، ان حساب سان هو تقريبن 18 سالن کان قانوني مدت ختم ٿيڻ باوجود مڪان استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو فهرست ۾ سڀ کان طويل غيرقانوني قيام آهي. فهرست ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جن جي هڪ سال واري مدت اڃا ختم ناهي ٿي يا تازو ئي ختم ٿي آهي، ان کان علاوه دستاويزن ۾ ڪجهه ڪيسن جي نوعيت مختلف آهي.

شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
News Home
شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع انٽرويوز
News Home
شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع شخصيتون
News Home
انسان دوست ادب جو چڪمندڙ ستارو”ميڪسم گورڪي“ ليکڪ: نثار لغاري
مشھور انقلابي سياستدان ۽ شاعر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾!
وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام خلاف جنگ جوٽيندڙ سنڌ جو پھريون سوشلسٽ ڪردار ”شاھھ عنايت شھيد جھوڪ وارو“
"امن عالم، ترقي بني آدم، اتحاد انسان جي نظريي سان عشق ڪندڙ عظيم اڳواڻ سائين جي ايم سيد"
شھيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبھ جي ورسيءَ جي مناسبت سان
ليکڪ: رام اوڏ
سنڌ جي تاريخ جو عظيم ڪردار شھيد ”ھيمون ڪالاڻي“ ليکڪ: ذوالفقار قادري
لاجواب گيتن جي مالڪ،موسيقار، شاعر ۽ مھان ڪلاڪار ماسٽر چندر
مھان سنڌي اداڪار ”گوورڌن اسراني“ جو وڇوڙو!
شھيد سيف الرحمان جتوئيءَ جا قاتل ڪير؟؟!! ليکڪ نجيب الرحمان
سنڌ جي سچي عاشق ”ڪامريڊ ممتاز رڏ“ جو وڇوڙو ليکڪ: ناشاد شوڪت شنباڻي
زندھ دل شخصيت ”ممتاز مھر“ جو وڇوڙو ليکڪھ سنيھ شيخ
قومي راڳي ”سرمد سنڌي
سنڌي ميڊيا جي نامياري اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر ظل هما جي موڪلاڻي !!
اسٽيج جي دنيا جو مشھور سنڌي ادارڪار” گلاب چانڊيو“
لاڙ پٽ جو لاڏلو سگھڙ ”فقير حافظ محمد رمضان چانڊيو“ ليکڪ :صوفي محمد حسن نھڙيو
اسٽيج جي دنيا جو مشھور سنڌي اداڪار”نور محمد لاشاري“
ويڊيوز سنڌ جون غير معمولي شخصيتون

سنڌ جي غيرمعمولي شخصيت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي زندگيء متعلق مڪمل ڊاڪيومينٽري هڪ ڀيرو ضرور ڏسندا!

سنڌ جي غير معمولي شخصيت ”سيٺ هرچند راءِ وشنداس“ جي زندگيءَ متعلق مڪمل ڊاڪيومينٽري هڪ ڀيرو ضرور ڏسندا!

سنڌ جي غير معمولي شخصيت ”ڪماري ڄيٺي تلسيداس سپاهيملاڻي“ جي زندگيءَ متعلق مڪمل ڊاڪيومينٽري هڪ ڀيرو ضرور ڏسندا!

سنڌ جي غير معمولي شخصيت ”سائين جي ايم سيد“ جي زندگيءَ متعلق مڪمل ڊاڪيومينٽري هڪ ڀيرو ضرور ڏسندا!

سنڌ جي غير معمولي شخصيت ”جمشيد نسروانجي مهتا“ جي زندگيءَ متعلق مڪمل ڊاڪيومينٽري هڪ ڀيرو ضرور ڏسندا!

سنڌ جي غير معمولي شخصيت ”شهيد ڀڳت ڪنور رام“ جي زندگيءَ متعلق مڪمل ڊاڪيومينٽري هڪ ڀيرو ضرور ڏسندا!

شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع شاعري
شاعر

انور سانول

ٻٽو غزل سورَ جو ائين سلسلو ترتيب سان. ڄڻ اُٺـــن جو قافـلو ترتيب سان. هوء آ مون کي وکيري ائين وئي، ڀور ٿي پيو حوصلو ترتيب سان . لڙڪَ،لڙڪن جي پٺيان ڳڙندا رهيا، بارشي ڄَڻ مرحــلو ترتيب سان. دل سندي ڌرتــيء اندر اُڌما اٿيا، روزُ آيـــو زلــــــزلــو ترتيب سان. رات تــــنها ياد تــنهنجي ۾ سکي، دردُ بـَـڻيــو ڀــرجهـلو ترتيب سان. هاڻ تنهنجو نانءُ ئي ڊاهي ڇڏيان، ڪونہ ٿيندو فيصلو ترتيب سان. ڪيترو سانول اڃان سڪ ۾ جيئي، ٺاهبو من معاملو ترتيب سان. ڪر ختم هر فاصلو ترڪيب سان. ٺاھ ســـــارو معاملو ترڪيب سان. سور سارا ميٽجي ويندا پرين، ڊاھ سورن سلسلو ترڪيب سان. رات جي پهريئن پهر ۾ ويا وٺي، وڳ اٺــــن جو قافلو ترڪيب سان. خود سمائي ايئن وئي مون ۾ سچي، منتشر ٿيو حوصلو ترڪيب سان. ساٿ پنهنجي ۾ سدا الفت هجي، جوڙجي ڪو مرحلو ترڪيب سان.

شاعر

ڊاڪٽر انور پرديسي

غزل ھاڻــــي وٺو. ڇاڻــــي وٺو. هي محبتون، ماڻـــي وٺو. ڪير ٿو چوي؟ ســڀاڻي وٺو. درد کي ڀلي، ڄاڻـــي وٺو. پنھنجا تہ حق، تاڻــــي وٺو. انـــــور پريت، واڻــــي وٺو!

شاعر

مجاھد فيض ابڙو

غزل توهان کان وڏو ڪين مڪار ماڻهو، سفا ڦـــرڻــوگـــــرڻو ۽ غدار ماڻهو.. اندر ۾ الڳ ڳالھ، لفظن ۾ مٺڙو، پليتن جا آهيو ڪي پڳدار ماڻهو. زمانو سڄو پاڻ ڏي پيا ورايو، منافق جا مفتي مهندار ماڻهو. چڱائي نه ڪنهن سان ڪري ٿا سگهوجي، لٻاڙي لُچن جا مددگار ماڻهو. جتي چار سنگتين سان اٿو ۽ ويهو ٿا. اتي بس گلائن جا ڀنڊار ماڻهو. مجاهد نڪو فيض پاتو اوهان مان، سدائين ٺڳن ساڻ ٺڳدار ماڻهو!

شاعر

”عاجز“ غلام رسول ابڙو

غزل سجائي آرسيون من ۾ اچن ٿيون روز واهڙ تي. نويلون آرزون من ۾ اچڻ ٿيون روز واهڙ تي. ڀنيءَ جي ڀيڄ ۾ پوءِ ڀي گهڙوليون چيلھ تي چائي، کڻي ڪي بارشون من ۾ اچن ٿيون روز واهڙ تي. سدائين ساھ ۾ اڻتڻ، سدائين ساھ اوسيڙا، رچائي وارثيون من ۾، اچن ٿيون روز واھڙ تي جهڳن کان ڊوڙ پائيندي اڏامن ڄڻ پيون آڙيون ، وڄائي جهانجهر ون من ۾ اچن پيون روز واهڙ تي وفائون پانڌ ۾ ويڙهي، اکين جي اوٽ ۾ الڪا گلابي عاشقيون من ۾ اچن ٿيون روز واهڙ تي هوا کي خيچليون ارپي اماڻڻ ڳيچ ڳوٺاڻا لڪائي ڳالهڙيون من ۾ اچن ٿيون روز واهڙ تي.

شاعر

طالبُ الموليٰ آفاقُ

غزل اُوڏاريا ڪبُوتر، اُوڏاريا پئي ڳيِرا! ورين ڪيِنَ واپس، ڏسڻ لاءِ آکيِرا! اوهان جو ڪو قاَصِدُ، کڻي نه آيو نياپو! تُوڙي جو ڏٺو هو، تَرَ ۾ ڏيندي ڦِيرا! جڏهن کان ويوُ آن ، ڏٺُو نه اٿم مون آئينوُ! ڪِٿي تِيلَ ڪَنگاَ، منھنجا حالَ مِيرا! جُدائي جُون جَنگون، وِڙهان رُوزُ پيو ٿو! زَخمَ وڌي ويا هن، ڏين رَتُ ٿا جيِراَ! غَضَبُ ياد تنھنجي، راتِن جون راَتيِونُ جَڳائي! منَ اندر ماتم، ڏِيکاري ٿو سَويرا! ڪُجھ سُوچ سَڄڻ، طالبُ المُوليٰ آ تنھنجو! پريشانيون ڪيا،ذھن منجھ گهيرا!

شاعر

منظور مَنَ ابڙو

غزل ارواح مسافر جوڳيئڙو پيو ماڳ مڪان مٽائيندو. ھن جوڳ پرايا جنمن جا ھر ريت پريت نڀائيندو. ھن چولي ۾ ھن چولي ۾ ، ٿڌڪارن ۾ ڪٿ جھولي ۾، ھر روپ ۽ رنگ رمتو آ ، پيو لک لک بيک بنائيندو. آ امر الاھي آفاقي ، ٿيو ديھيء ديھيء اوطاقي سڀ واٽ وندر جي ووڙي ٿو ، پيو سرھا سانگ سجائيندو. ڪٿ پير بڻيو امير بڻيو ، ڪٿ فيراقي تہ فقير بڻيو ڪٿ عشق سندو تہ اسير بڻيو ، ڪٿ انا الحق الائيندو. ڪٿ شاھ حسين شھيد بڻيو ، ڪٿ لعين شديد يزيد بڻيو، ڪٿ آسين جي تہ اميد بڻيو من مرجھايل مھڪائيندو. افلاڪ اورانگي آيو آ ، ھن خاڪ جي سانگي آيو آ، ڪنھن عشق اڙانگي آيو آ ، ڪو شاھي طبل وڄائيندو. ھر صورت سھڻي سھڻي آ، ھر مورت من جي مھڻي آ، اک ڪيف ڪڪوري ڪھڻي آ ، ھت ڪھڙو پاڻ بچائيندو. ڪنھن پار کان آيو نوراني، لولاڪن جو ٿي سيلاني، ڪل رنگ رکي ٿو يزداني ، پيو ھرجاء حڪم ھلائيندو. ٿو رنج پسي رنجور ٿئي ، ۽ سور سھي مسرور ٿئي، ھر حالت منجھ حضور ٿئي ، سو سوز غداز رائيندو. ”منظور“ نظر جي نازن ۾ ، ھر روحي رمزن رازن ۾، سنگيت سرن ۽ سازن ۾ ، دلگير دليون بھلائيندو!

شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع ڪھاڻي

صدقو........! ڪھاڻيڪار: سارنگ ٻُٽ

پوڙھي ماءُ........! ڪھاڻيڪار: ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

شمارو: يارهون سيپٽمبر 2026ع تنقيدنگاري/تبصرو
Writer

ليکڪ:مير عطا محمد ٽالپور

برادريءَ جو ڄار، اسان جي پيرن جي ڳري زنجير....!!

Book Cover
Writer

ليکڪ: ذوالفقار ناصر ساريو

رکيل مورائي جي ڪتاب ”شخصن جي آس پاس“ جو اڀياس!

Book Cover

ڊجيٽل سنڌ ميگزين

سنڌ جي ادب، ثقافت، تاريخ ۽ موجوده معاملن بابت معياري مضمون، ڪهاڻيون، شاعري، وڊيوز ۽ ڊجيٽل ميگزين پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو.

Digital Sindh Magazine App

Digital Sindh Magazine

Introduction:

Digital Sindh Magazine is the first digital magazine of Sindh dedicated to the intellectual, literary, political, and ideological development of Sindhi youth. It strives to promote knowledge, critical thinking, and creative expression among the new generation.

The magazine serves as a vibrant platform where young Sindhi writers, thinkers, and scholars can share their ideas, research, and literary work with a wider audience. Through thoughtful articles, literature, analysis, and discussions, Digital Sindh Magazine aims to nurture awareness, inspire dialogue, and contribute to the growth of an informed and progressive Sindhi society.

By embracing the possibilities of the digital age, the magazine connects Sindhi youth with knowledge, culture, and contemporary discourse, empowering them to participate actively in shaping the intellectual and social future of Sindh.

Digital Sindh Magazine