DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
پاڪستان ۽ ايران جو ٻطرفي واپار 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو عزم
(رپورٽ: ڊان اخبار جي ٿورن سان)

اسلام آباد: پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي واپار کي 10 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي واپار واري وفاقي وزير جام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط معاشي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هي اظهار پاڪستان-ايران گڏيل واپاري ڪميٽي (Joint Trade Committee) جي ڏهين اجلاس دوران ڪيو ويو، جيڪو 3 کان 5 آگسٽ تائين اسلام آباد ۾ جاري آهي. اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان جي واپار واري وزير جام ڪمال خان ۽ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار واري وزير محمد اتابڪ ڪئي.
جام ڪمال خان زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي (Free Trade Agreement - FTA) کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار لاءِ نوان در کلي سگهن.هن چيو ته سرحدي لاجسٽڪس، مال برداري ۽ ڪسٽم جي عمل ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته گڏيل سرحدي مارڪيٽن جي قيام ۽ اليڪٽرانڪ ڊيٽا جي مٽاسٽا (Electronic Data Interchange) سان واپار ۾ نمايان واڌ اچي سگهي ٿي.واپار واري وزير موجب ٻنهي ملڪن جو نجي شعبو واپار وڌائڻ لاءِ تيار آهي، هاڻي حڪومتن جي ذميواري آهي ته ڪاروبار لاءِ محفوظ، شفاف ۽ سازگار ماحول فراهم ڪن.ٻئي طرف ايراني وزير محمد اتابڪ پاڪستان کي ايران جو "ڊگهي مدي وارو اسٽريٽجڪ واپاري ڀائيوار" قرار ڏيندي چيو ته ايران ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن ذريعي علائقائي واپار ۽ لاجسٽڪس جي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ آزاد واپاري معاهدو جلد طئي ٿي ويندو.اتابڪ چيو ته بجلي جي واپار ۽ علائقائي رابطن ۾ واڌ ٻنهي ملڪن لاءِ نون معاشي موقعن جا در کوليندي.

اجلاس دوران ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، رابطن ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. ***