موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
News Section

آمريڪا، اسرائيل جو ايران تي حملو اڃان تائين ناڪام؟؟ ليکڪ: حبيب جتوئي

News Section

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو جائزو! ليکڪ: فياض نائچ

News Section

بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ، عوام پريشان! ليکڪ: اعجاز ممنائي

News Section

ننڍي کنڊ جي درگاھي ڪلچر جو نفسياتي ڇيد! ليکڪ: مسعود ڏيپلائي

News Section

جديد ٽيڪنالاجي۽ اڄ جو نوجوان! ليکڪ: امداد ”عاجز“ نصيراڻي

News Section

ڏکن جو ڏاج!! ليکڪ: حبيب الله صالح

News Section

عورتن جو عالمي ڏھارو! ليکڪھ افروز مظھر

News Section

آيت اللھ علي خامناءِ جي شھادت، شھادت جو شوق يا سيڪيورٽي جي خامي؟؟ ليکڪ حبيب جتوئي

News Section

اولھھ جي خوابن جو محل(عالمي صورتحال اھم جائزو!) ڪشور محبوباڻي

News Section

عالمي صورتحال اھم تجزيو، ليکڪ فياض نائچ

News Section

ستاويھين ترتيم کانپوءِ ملڪ جو امڪاني سياسي منظرنامو ليکڪ حبيب جتوئي

News Section

سڙندڙ ڪراچيءَ جي دل مان اٿندڙ ٻاڦ گل پلازھ ليکڪ رحمت الله ماڃوٽي

News Section

ڇا واقعي ايراني انقلاب ماڻھن کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آھي؟؟ ليکڪ اعجاز ممنائي

سنڌ جي جاگرافيائي حدن کي ٽوڙيو ويو تھ، سنڌين لاءِ ڪھڙو آپشن ھوندو؟
حبيب جتوئي
سنڌي ۽ پنجابي ھڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار آھن ـ ٻيڙي ڀنور ۾ ڦاٿل آھي ۽ ملاح ٻيڙي جو ونجھھ ھلائڻ بجاءِ ٻيڙي جي سيني ۾ سوراخ پيو ڪري!
  پنجابين جيڪڏھن عقل کان ڪم نھ ورتو ۽ طاقت جي تڪبر ۽ غرور ۾ اچي، پنھنجن ننڍڙن خسيس مفادن خاطر سنڌ جو جاگرافيائي ورھاڱو ڪندا تھ پوءِ پنجابي سنڌين جي ڀاءُ مان بدلجي دشمن ٿي پوندا ۽ سنڌي مجبور ٿي پوندا تھ دشمن جي دشمن سان ٺاھ ڪن، ڇاڪاڻ تھ انھن جو دشمن ڏاڍو طاقتور آھي .
اچو تھ سٽ سلجھائيون:
اسان کي اي ايف يو ۾ ٽريننگ دوران پروجيڪٽ 25- پڙھايو ويندو آھي.  جڏھن سال اڳ آمريڪا ۾ چونڊون پئي ٿيون تھ، ٽرمپ پنھنجي چونڊ مھم ۾ چونڊ منشور طور پروجيڪٽ 25- جو بار بار پئي ذڪر ڪيو ھو ۽ انھن پنجويھن منصوبن کي زور سان ھاءِ لائيٽ پئي ڪيو، جن تي ھو امڪاني طور صدر بڻجي عمل ڪرڻ وارو ھو.
ڪجھھ وقت کان پاڪستاني اسٽبلشمينٽ جي پاور ڪاريڊورس ۾  سرڪاري دانشور توڙي ڪجھھ خاص خاص قسم جا صحافي   پاڪستان ۾ بھ ڪنھن پورجيڪٽ - 25  جون ڳالھيون اشارن (ڪناين) پر ڏاڍي معني خيز انداز سان ڪري رھيا آھن.  وڏي رٿابندي سان ليڪ ڪيل پروجيڪٽ جا ڪجھھ نقطا جئين تھ سنڌ ۽ اسان سنڌين جي وجود ۽ قومي مفاد سان سڌيءَ طرح جڙيل آھن، ان ڪري اسان سنڌين کي سوير کان سيءُ اچي ورايو آھي. واڳ ڌڻين کان ڪو سڌي ريت پڇي ٿو تھ اھي ٺھھ پھھ وراڻي ڏين ٿا تھ سازشي ٿيورين ڏي ڌيان نھ ڏيو، پر جئين تھ  اسان جي اسٽبلشمينٽ جو سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن ڏانھن رويو ھميشھ ماٽيلي ماءُ وارو رھيو آھي، ان ڪري سنڌ جي سڄاڻ ۽ باخبر حلقن جا ڪن  اڀا ٿي ويا آھن.
ستاويھين آئيني ترميم جا چرچا  تھ سرعام ٿين پيا. ان ترميم کان اڳ عمران خان جي پارٽي جي ڪافي اڳواڻن کي ڳريون سزائون ڏنيون ويون آھن. عمران خان سان اڃا تائين  وفادار رھندڙن مان ڪن کي اسيمبلين جي سيٽ تان ناھل قرار ڏنو ويو.  مرتضي جتوئي  موري ۾ صحافين  کي خبر ڏيندي ٻڌايو ھو تھ، گھڻن کي نااھل قرار ڏنو ويندو ۽ فارورڊ بلاڪ ٺاھيندا.
سوال آھي تھ،  فارورڊ بلاڪ ٺھرائڻ جون تياريون ڇا لاءِ ڪيون  پيون وڃن ؟؟
جيڪڏھن معاملو فقط عمران خان ۽ فوج جو آھي تھ ان سان جو نھ ربيع نھ خريف.  اھو پنجاب جي اندر جو جھيڙو آھي، جيڪو ڏاڍو ٿيندو  پاڻ ان سان گڏ ھونداسين، پر جيڪڏھن عمران خان انڊ آھي ۽ ڪم سنڌين جو لاھڻو آھي تھ پوءِ سنڌي ضرور ھٿ پير ھڻندا.
خبرون خابرون جي زبانن تان اسلام آباد پنڊي ۽ پوءِ ڪراچي کان ٿينديون جيسيتائين حيدرآباد پھچن ٿيون، تيسين ڪافي شڪل مٽائي چڪيون ھجن ٿيون، پر جيڪي خبرون اسان کي حيدرآباد تائين پڄن ٿيون، انھن ۾ جيڪڏھن نوي سيڪڙو وڌاءُ ۽ افواھ ھجي ۽ صرف ڏھ يا پنج سيڪڙو بھ حقيقت ھجي تھ، اسين سنڌي برباد ٿي وينداسين. اچو تھ ستاويھين ترميم يا پروجيڪيٽ 25- جي ڪجھھ امڪاني نقطن جو ذڪر ڪريون، جن جون خبرون ڄاڻي واڻي اسان تائين پھچايون پيون وڃن تھ، جئين سنڌين جو امڪاني ردعمل ڄاڻي سگھجي!
1. چيو  پيو وڃي تھ، ڏھن سالن لاءِ نئين متعارف ڪرايل پراجيڪٽ ۾، فيلڊ مارشل صدر پاڪستان بھ ٿيڻ وڃي پيو . فيلڊ مارشل، جيڪڏھن صدر بھ ٿيندو تھ ظاھر آھي وردي تھ ان جي کل آھي، ان ڪري اھو لاھيندو ڪونھ.  معني آئين ۾ باوردي صدر بڻايو ويندو، ۽ ظاھر آھي اھو صدر ڪو حڪومت جي ڪيل ڪرتوتن گناھن کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آڱوٺو ھڻڻ تھ ڪونھ ايندو، يعني صدر بااختيار باڪمال ھوندو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تھ صدر عملي طور تي ۽ آئيني طور تي، رياست جي سربراھھ سان گڏ حڪومت جو سربراھھ بھ ھوندو ۽ وزيراعظم سندس سيڪريٽري يا ايلچي جا فرائض انجام ڏيندو.
جنرل عاصم منير جو چيف آف آرمي  ٿيڻ، ان کان پوءِ وري فيلڊ مارشل ٿيڻ مان بھ ڍو نھ ٿيو آھي ۽ ھو باوردي صدر ٿيڻ چاھي ٿو تھ اسان سنڌين جون اکيون ٿڌيون، اسان سنڌين لاءِ ”ابو مئو، ادو ڄائو! اسان اوتري جا اوترا.“ رھي ڳالھھ رياستي ادارن جي پاڻ ۾ ٽڪراءُ  جي تھ اھو ان ترميم سان بھ حل ٿيڻ يا گھٽ ٿيڻ بجاءِ اڃان وڌيڪ شديد ٿي ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ ڊيپ اسٽيٽ کي اھو بھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ، جيڪڏھن آئين جي منھن تي ايڏو گھڻو فيشل ڪري، کيس مسخ ڪيو ويو تھ ٻيھر اھي آئين ٺاھي ڪونھ سگھندا، ڇاڪاڻ تھ اوھان آئين ٺاھڻ واري کي، ان جي خاندان سميت آلن ٽوئن ۾ وجھي ساڙي ڇڏيو آھي. پر آئين جي مسئلي تي اسين سنڌي ايترا ارھا ڪونھ ٿينداسين، ڇاڪاڻ تھ اسان لاءِ آئين ”جھڙي انڌي پيڪين تھڙي ساھرين.“ 
2- ملڪ ۾ نوان ۽ ننڍا صوبا ٺاھڻ ؟؟
اوھان  پئسن خاطر يا فيلڊ مارشل يا صدر يا وزيراعظ ٿيڻ لاءِ، پنجاب جا جيترا بھ صوبا ٺاھيو، اسان کي ڪو بھ اعتراض ناھي، پر سنڌ جي جاگرافيائي وحدت اسان سنڌين جي دين ايمان جو حصو آھي. پنجابي جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙيندا تھ پوءِ اھي اسان جا دشمن نمبر ھڪ ھوندا.  اسين سمجھون ٿا تھ آفاق ۽ ٽسوري ڇا تي پيا ٽاڏون ڏيندا وتن.
3- سنڌو درياءَ اسان جي لائيف لائين آھي.آئيني ترميم ذريعي يا ڪنھن بھ پروجيڪٽ جي وسيلي سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ ڊيم يا ڪينال سنڌين جي شھھ رڳ ڪٽڻ جي برابر آھي.
4- چيو پيو وڃي تھ، ان پراجيڪٽ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ صوبن ۾ موجود سرڪاري زمين وفاق استعمال ڪري سگھندو.
5- معدني وسيلا تيل گيس ڪوئلو سميت سڀئي
Rare Earth Minerals  وفاقي ملڪيت قرار ڏنا ويندا.
6- سنڌين ۽ بلوچن جي سمنڊ مان امڪاني طور نڪتل، تيل وغيرھ تي وفاق ڪنٽرول ڪندو.
7- سنڌين ۽ بلوچن جي سمنڊ يا سنڌين جي درياءَ جي اندر موجود زمين يا ٻيلن جي سرڪاري زمين وفاق جي استعمال ھيٺ ھوندي.
8- اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن خاص طور، سنڌ جو حصو گھٽائڻ . وغيرھ وغيرھ
اسلام آباد ۽ پنڊي مان اڏامندڙ خبرون ٻڌي ھوش حواس گم ٿيو وڃن. عقل تسليم ئي نٿو ڪري تھ، ايٽمي رياست کي ھلائڻ وارا حڪمران ڪو ايترو جاھل ۽ متڪبر ٿي سگھن ٿا، جو ايئن سوچي بھ سگھن ٿا تھ، سنڌين کان انھن جو سڄو وطن ۽ وطن جا سڀئي وسيلا ۽ ذريعا ڦري وٺندا ۽ سنڌي چپ ڪري، ھٿ ھٿ تي رکي ويھي رھندا ؟؟
عقل ڀل تھ تسليم نھ ڪري، پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا آھن ۽ ٻيو اھي آمريڪا بھادر جا سچا پڪا شاگرد آھن ۽ اڄڪلھھ تھ صدر ٽرمپ سان مانجھاندا ۽ سانجھاندا پيا ٿين، سو  عقل کي ڪير ٿو پڇي!آخر ٽرمپ بھ جتي وڃي ٿو تھ، ڇڙو حڪم ٿو ھلائي تھ ھئين ڪريو، نھ تھ پنجاھھ سيڪڙو ٽيرف وڌائي ڇڏيندس. ڀارت تي پڻ دٻاءُ آھي  تھ روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي بجاءِ آمريڪا کان مھانگو تيل ۽ مھانگا ويڙھا جھاز خريدي. 
مون  پنڊيءَ جي ھڪ دانشور  کان پڇيو :”سنڌين کان سڀڪجھھ کسي بدلي ۾ انھن کي ڇا ڏيندا ؟“
وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان جواب ڏنائين :”بلاول کي وزير اعظم ڪري ڇڏينداسين، سنڌي خوش ٿي ويندا. آخر پ پ پ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيو آھي بھ ڪير ؟“
ڇا سڃي سنڌ جي قيمت صرف، وزير اعظم جي ڪرسي آھي ؟
سنڌين جو ڇا ٿيندو؟؟
سنڌي يا تھ ھاڻوڪي سنڌ بلوچستان جا سنڌين ۽ بلوچن وارا علائقا ۽ پنجاب جي سرائڪستان وارا علائقا سڀ ميڙي چونڊي ھڪ نئون ڪنفيڊريشن وارو ملڪ حاصل ڪندا يا وري خيرپور ڊويزن ۽ نوابشاھھ  ڊويزن تي مشتمل گلگت بلتستان جھڙو ڪو ننڍڙو نالي ماتر ملڪ وڃي بچائيندا، جيڪو پنجابين بلوچن ۽ ڏکڻ ۾ مھاجرن جي جوتن ۾ مستقل رھندو؟؟
ايشيا سڄو کنڊ ۽ ننڍو کنڊ خاص طور تي اڄ جي جنگي امڪاني  عالمي معرڪي ۾ جاگرافي جي لحاظ کان تمام وڏين بنيادي تبديلين مان گذرڻ وڃي پيو.  سڄي ايشيا جي جاگرافيءَ جي سر سر کان جدا ٿيڻ جا چٽا امڪان نظر اچن پيا، خاص طور تي ننڍي کنڊ ۾ عالمي طاقتن جي گھري دلچسپي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪليدي ڪردار ڀارت ۽ پاڪستان جي آسمانن تي اڏامندڙ جنگي بادلن خطي ۾ موجود سڀني قومن کي پنھنجا پنھنجا ٽپڙ سارڻ لاءِ ڪن کڻائڻ شروع ڪيا آھن. خطي ۾ موجود سڀني قومن کان سنڌين جي پوزيشن ڪمزور بھ آھي تھ، انھن وٽ ايندڙ طوفان  کي منھن ڏيڻ جي حوالي سان تياري تھ پري جي ڳالھھ آھي، پر انھن کي تھ ٻيٽ بھ ناھي تھ  کڙڪو ڪٿي آھي. سڀ کان بھتر ۽ آئيڊيل صورتحال تھ آھي سنڌي ۽ پنجابي پاڻ ۾ ويھي، ھڪ دفعو ٻيھر گڏجي رھڻ جو ڪو تاريخي عھدنامون ڪن،  ڇاڪاڻ  تھ جنھن نموني پنجابي فيڊريشن جي نالي بدترين پنجابي شائونسٽ مفادن واري آمريت ھلائين ٿا، ان تي مجموعي طور تي سنڌي ماڻھو ذھني طرح ان نتيجي تي پھچي چڪا آھن تھ، سنڌي سنڌ ۾ نھ صرف اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، پر سنڌين جا وسيلا پنجاب ڦري لٽي سنڌ کي ڪنگال ڪري ڇڏيندوـ سنڌين ۽ بلوچن پنجابين سان ڀائرن وانگر گڏجي رھڻ لاءِ گذريل مني صديءَ ۾ ڏاڍا جتن ڪيا بھ آھن. ھن موقعي تي آئون صرف ٻن موقعن ۽ حوالن جو ذڪر ڪندس.
مشھور آمريڪي سياسي دانشور سليگ ھيريسن بلوچستان متعلق لکيل پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب Baloach Nationalism : In The Shadow of   Afghanistan ۾ بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجو جو تفصيلي انٽرويو ڏنو آھي، جنھن ۾ ولي اللھ صفت بلوچ اڳواڻ بزنجو صاحب بلوچن پاران جنرل ضياءَ الحق جي فوجي حڪومت سان ڪيل تاريخي ٺاھھ جا وچور وڏي تفصيل سان ڏنا آھن. ھيريسن ھڪ جڳھھ تي لکيو تھ:
”بزنجي ٻارن وانگر روئيندي چيو :”بلوچستان جا ماڻھو مون کي پيار ۽ محبت مان باباءِ بلوچستان ڪوٺيندا ھيا، پر مون تمام وڏي مخالفت جي باوجود پنجابين سان گڏجي رھڻ لاءِ جڏھن جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت سان ٺاھھ ڪيو ۽ بدلي ۾ فوجي حڪومت ٺاھھ جي ڪنھن ھڪ نقطي تي بھ عمل نھ ڪيو ۽ ان حد تائين جو ڊٺل گھرن ۽ عام بلوچن جي  ڳوٺن کي ڏنل باھين جي عيوضي ۾ معاھدي طور طئي ٿيل ون ملين بھ نھ ڏنا ويا تھ، بلوچن منھنجو سڄي بلوچستان ۾ تمسخر اُڏائڻ شروع ڪيو ۽ بلوچ نوجوان ھاڻي مون کي باباءِ بلوچستان جي بجاءِ ٽوڪ ڪندي ”باباءِ مذاڪرات“ ڪوٺيندا آھن. “
بلوچن ۽ سنڌين سان ڪيل ٺاھن ۽ انھن ٺاھن جي ڪيل تذليل سان تاريخ ڀري پئي آھي. ھاڻي سنڌ جو ھڪ مثال ٻڌو:
”جنرل ضياءَالحق سائين جي ايم سيد کان ديوان مشتاق حيدرآباد ۾ مزاج پرسي ڪرڻ آيو. ملاقات ۾ موجود ٻن کان وڌيڪ ماڻھن جي چوڻ مطابق  جنرل ضياءَ سائين جي ايم سيد کان پڇيو : ”سائين ڇا پاڻ گڏجي نٿا رھي  سگھون؟ توھان تھ پاڪستان جا پاڻ خالق آھيو.“
سائين جواب ڏنو:” رھي سگھجي ٿو، جيڪڏھن پنجابي سنڌين ۽ بلوچن کي انھن جا جائز حق ڏين. تخليق ڪار کي پنھنجي تخليق ڏاڍي پياري ھوندي آھي.“
راوين جي چوڻ مطابق، جنرل ضياءَ ۽ سائين جي ايم سيد جي طرفان گڏيل طور تي اتي موجود جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت جي ٻن وزيرن ( جيڪي جي ايم سيد جا پڻ دوست ھيا ) ۽ سائين جي ٻن ساٿين تي مشتمل چئن ڄڻن جي ڪاميٽي ٺاھي وئي، جنھن کي ھڪ مھيني جي اندر ڳالھين لاءِ فريم ورڪ جوڙي،  ٻنھي پاسي پيش ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ڪاميٽي ۾ شامل ھڪ سياستدان جي چوڻ مطابق، ”ٽن مھينن کان پوءِ جنرل ضياءَ جو ھڪ خاص نمائيندو سائين جي ايم سيد وٽ پيغام کڻي آيو تھ: ”جنرل صاحب چوي ٿو في الحال اسان اھي ڳالھيون نٿا ڪري سگھون، ڇاڪاڻ تھ پيپلز پارٽي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آھي، ھن وقت جيڪڏھن اسان قومپرستن سان ڪو ٺاھھ ڪنداسين تھ، پ پ پ پنجاب ۾ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندي تھ، ملڪ دشمنن سان جنرل ضياءَ ٺاھھ ٿو ڪري.
اھي ڳالھيون وري ڪونھ ٿيون، باقي ان ڏينھن صحافين سائين جي ايم سيد کان پڇيو: ”اوھان جنرل ضياءَ کي ڪيئن ڏٺو ؟“
سائين جي ايم سيد ٺاھھ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي جواب ڏنو: ”جنرل ضياءَ الحق شريف النفس ماڻھو آھي، ھو منھنجي طبيعت پڇڻ آيو.“
سنڌ جي ماڻھن کي سائين جي ايم سيد جو اھو بيان ڪنھن ڀالي وانگر سيني ۾ لڳو. اسين ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنس فيڊريشن ۾ ھياسين. مون سميت ڪجھھ ماڻھن ان بيان تي ايترو ڏکارا ٿيا جو جيئي سنڌ ڇڏي ھليا ويا.
پنجابي پنھنجي فوجي طاقت ۽ عددي اڪثريت ۽ عالمي تعلقاتن توڙي ڪامياب ڊپلوميسي ۽ ان جي مقابلي سنڌي بلوچ ۽ پٺاڻن جي جيتامڙي حيثيت پنجابين کي ڏاڍو مغرور ۽ متڪبر بڻائي ڇڏيو آھي.  پٺاڻن ۽ بلوچن وٽ ھن وقت وري بھ ھٿياربند ٽڪراءَ جي طاقت موجود آھي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ انھن سان پنجابي وري بھ ڳالھين جي ميز تي اچي، ڪنھن ڊائيلاگ لاءِ تيار بھ ٿي وڃن. سنڌين وٽ تھ اھا بھ طاقت ناھي.  سنڌين لاءِ پنجابين وٽ پراڻو تاريخي فارمولا موجود آھي تھ سنڌين جي غدار ابن غدار حڪمران طبقن کي ھڏي وجھو، انھن کي اقتدار تي برقرار رکو تھ جيئن اھي مقامي پنھنجي مخالفن جي ٻنين ۽ ونين تي قبضا ڪن، باقي سنڌ جي بيخوف ڀينگ ڪيو توھان کي ڪنھن بھ ڀو جي ضرورت ناھي. اندروني مخالفن کي اھي غدار ابن غدار وڏيرا پاڻھين ماري مات ڪندا. اوھان کي ڪو بھ تعجب کائڻ نھ گھرجي جو ملڪ جي ايندڙ امڪاني آئيني ترميمن تي اسان جا سڀئي حڪمران طبقا، چيو پيو وڃي پنھنجو پنھنجو حصو پتي وٺڻ جي آسري تي ستاويھين امڪاني  آئيني تر ميم تي راضپو ڏيکاريو آھي.  پ پ پ جو حصو بلاول جي وزارت اعظمي ۽ سنڌ حڪومت جي ڊي اي ۽ ٻين لاءِ ٻيا موقعا جڏھن تھ قومپرستن کي بھ ھيل ھڏي وجھڻ جا امڪان پيدا ڪيا پيا وڃن ۽ ان جي قيمت ڇاھي يا امڪاني طور تي ڇا ٿي سگھي ٿي؟ وقت جو انتظار ڪريو.
چيو وڃي پيو تھ ستاويھين آئيني ترميم ۾ امڪاني طور تي ملڪ ۾ صدارتي نظام عملي طور تي لاڳو ڪيو ويندو ۽ امڪاني طور تي فيلڊ مارشل کي آئيني ترميمن ذريعي طاقتورين صدر مقرر ڪيو ويندو. ڇا ھو وردي ۾ صدر ٿيندو ؟ سادو جواب ٿي سگھي ٿو تھ وردي کان سواءِ صدر ٿيڻ جو ڇا فائدو ؟؟
ٻيو تھ ارڙھين آئيني ترميم جي مڪمل چيرڦاڙ ٿيندي. خاص طور تي نيشنل فنانس ايوارڊ کي تبديل ڪري صوبن جو حصو نالي ماتر ڪري، سڄو خزانو وفاق جي نالي ۾ پنجابي پنھنجي قبضي ۾ ڪندا. پنجابي جو مطلب ھاڻي فوج ئي سمجھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو نواز شريف جي اڳواڻي ۾  سولين پنجابي مفادن وارو شائونزم ڍول سپاھين پنھنجي آئين پيرن ھيٺان چيڀاٽي چيٿاڙي تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلي ڇڏيو آھي. چيو پيو تھ ان صدارتي نظام واري آئيني ترميم ۾ ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھيا ويندا ۽ سنڌي وزيراعظم ٿيڻ جي قيمت، سنڌ کي ٽن صوبن ۾ ورھايو ويندو. ان کان سواءِ ڪارپوريٽ فارمنگ معني صوبن جي زمينن تي قبضي سان گڏ، صوبن جي معدنيات تيل، گيس، ڪوئلو، سون، چاندي ۽ پتل سان گڏ ريئر ارٿ منرل تي وفاق جو آئيني قبضو وغيرھ شامل آھن. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گھرجي، اھو جڏھن آئيني ترميم ايندي تھ ڏٺو ويندو.
حاصل مطلب اھو آھي تھ پنجابي حڪمران طبقا ھڪ تھ جاھل آھن ۽ ٻيو فوجي لحاظ کان ايترا طاقتور ۽ متبرڪ آھن جو اھي سنڌين کي باعزت طريقي سان پنھنجو ڀاءُ سمجھي گڏ رکڻ واري فارمولا تھ راضي ٿين، ان جا امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آھن. ان ڪري سنڌ جي غيرتمند بھادر ۽ عقلمند نوجوانن ۽ مجموعي طور تي سنڌ جي غيرتمند ماڻھن کي وقت ۽ تاريخ جي Wake Up Call کي لبيڪ چئي بزدليءَ جون سنگھرون لاھي ڦٽي ڪرڻ گھرجن، ۽ پنھنجي اندران نئين غيرتمند ۽ عقلمند قيادت کي مٿي آڻڻ گھرجي.
  اڄ جي دور ۾ ۽ ھر دور ۾ ڪاميابيءَ جو ھڪ لازمي گر ڊپلوميسي سفارتڪاري آھي. اسين پنھنجي سڄي سياست جي شروعات ڊپلوميسي سان ڪنداسين. اسان کي ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي پلانن تي ڪم ڪرڻو پوندو. 1. پنجابين سنڌين، بلوچن، پٺاڻن، سرائڪين ۽ مھاجرن سڀني لاءِ فائدي وارو منصوبو اھو آھي تھ، پاڪستان کي ھڪ ڪنفيڊرل ملڪ بڻايون. پنجابين جي بالابستي وارو نالي ماتر وفاق جيڪو عملي طور تي بدترين  ون يونٽ کان بھ وڌيڪ خراب آھي، ان کي رضاڪارانا ڪانفيڊريشن ۾ تبديل ڪجي، سڀني ملڪن وٽ پنھنجي فوج ۽ وسيلن تي پنھنجو ڪنٽرول ھجي، اسين يورپين يونين جھڙو سيٽ اپ جوڙيون. ويزا کان سواءِ ايندا ويندا رھون ـ فري ٽريڊ ڪريون وغيرھ.. ان فارمولا تحت اسان ھڪٻئي سان جنگين ڪرڻ کان بچي وينداسين، پر ان لاءِ پنجابي راضي ڪڏھن نھ ٿيندا. ان فارمولا تي پھريون اعتراض اھو ٿيندو تھ ٻليءَ کي گھنڊ ڪير ٻڌندو؟
سنڌين لاءِ ٻيو فارمولا اھو آھي تھ سنڌي بلوچ ۽ سرائيڪي پاڻ ۾ ڪنھن ڪانفيڊريشن تي راضي ٿين، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اھي الڳ ٿيندا تھ انھن جي ملڪن جي جاگرافي سرحدن توڙي وسيلن دريائن وغيرھ جي ورھاست سنگين تنازعن توڙي، جنگين جو باعٽ بڻجي سگھي ٿي. ھون بھ ڏٺو وڃي تھ سنڌي بلوچ ۽ سرائيڪي جاگرافي تاريخ ۽ نسل جي اعتبار کان ايترو تھ پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن، جيترو پاڻي ۾ آڪسيجن ۽ ھائيڊروجن جا ايٽم.
پنجابي پڻ ڪانفيڊريشن جي فارمولا تي راضي ٿي سگھن ٿا، ان صورت ۾ جڏھن بلوچن ۽ پٺاڻن جون ڪشمير گلگت بلتستان ۾ آزادي جون تحريڪون کين مجبور ڪري وجھن، يا ڀارت افغانستان ايران توڙي عالمي تنازعن جي سبب اھي معاشي طور تي ايترا ڪمزور ٿي وڃن، جو کين سنڌين جي ضرورت پوي. سنڌين کي ھر حال ۾ پنجابين سان ڪنھن فوجي ٽڪراءَ ۾ نھ اچڻ گھرجي، جڏھن تھ سنڌين کي پنھنجي سڀ کان ڪمزور پاسي يعني ڊپلوميسي تي توجھھ ڏيڻ گھرجي. ھڪ قوم جي حيثيت ۾ کين آمريڪا ۽ چين سان سنڌين جي مفادن جي تحفظ واري ڊپلوميسي جا بنياد وجھڻ گھرجن. ـسنڌين جا قومي مفاد ڪھڙا آھن؟ انھن جو ڳوڙھو اڀياس لازم آھي ۽ انھن کي ڪيئن حاصل ڪبو، ان جي ڪامياب حڪمت عملي جو ھجڻ پڻ لازم آھي. پنجابي ۽ سنڌي اسين ننڍي کنڊ جو اٽوٽ حصو آھيون. ان ڪري سلامتي ۽ ترقي جو رستو اھو آھي تھ پاڪستان ۽ ڀارت کي دشمني ترڪ ڪري سٺن پاڙيسرين وارو دڳ وٺڻ گھرجي. جڏھن تھ اسين سنڌي ڪنھن سان بھ دشمني جو ست ساري نٿا سگھون. اسان کي آخري وقت تائين ڪنھن سان بھ دشمني نھ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي. پنجابين سان سنڌين جو ڪڏھن بھ تاريخ ۾ جھيڙو ناھي رھيو. ڀارت ۽ چين دنيا جا مستقبل جا سپر پاور آھن. سنڌين کي انھن سان سڌا ڊپلوميٽڪ تعلقات رکڻ گھرجن ۽ انھن سڀني طاقتن سان اوھان جي سٺن لاڳاپن جو دارومدار اوھان جي قومي مفادن کي ڪير سپورٽ ڪري ٿو ۽ ڪير انھن قومي مفادن جي راھ ۾ رڪاوٽ آھي، اوھان جي دوستي جو ۽ دشمني جو بنياد اوھان جا قومي مفاد آھن. قومي مفاد ئي اوھان جي دوست ۽ اتحادي جو تعين ڪن ٿا. ان جو ننڍڙو مثال ڪجھھ ھفتا اڳ بلوچ آزادي پسند اڳواڻ حرب يار مري جو تازو اسرائيل جي مشھور اخبار  Istrael Today ۾ شايع ٿيل اھو آرٽيڪل آھي، جنھن ۾ ھن کليل طور تي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان ايران تي ڪيل حملن جي حمايت ڪئي آھي. ظاھر آھي مري صاحب اسرائيل ۽ آمريڪا جي حمايت مفت ۾ تھ ناھي ڪئي.  پاڪستان متعلق لکيل سندس موقف کي آئون ھتي لکي نٿو سگھان. 
اسان سنڌين کي ڊپلوميسي ۽ ان جون بنيادي ڳالھيون اصول سکڻا پوندا.
1. قومي مفاد
2. قومي مفاد متعلق دوست ۽ دشمن جو تعين ـ
3. گھڻي کان گھڻا دوست پيدا ڪيو ـ
4 . Politics is art of possibleجيڪو حاصل ڪري سگھجي ٿو، ان جو نالو ئي سياست آھي ـ
5. ڊپلوميسي اوھان جي طاقت جي تابع آھي. جيترو اوھان طاقتور ھوندا، اوتري اوھان جي سفارتڪاري ڪامياب  ٿيندي.
6. You can't fight them , join them .
جنھن سان وڙھي نٿا سگھو، ان سان گڏجي پئو .
اڄ جيڪڏھن سنڌي مجموعي طور تي وقت ۽ تاريخ جي  Wake Up Call کي مان ڏئي، ان جو تدارڪ نھ ڪندا تھ يقين ڄاڻو، جيو اسٽريٽجڪ جيوپولٽيڪل ۽ جيو اڪانامڪ حالتن ۽ جبر جو اھو اجھل طوفان پيو اچي، جو اسين پنھنجي ھاڻوڪي جاگرافي بھ بچائڻ ۾ شايد ئي ڪامياب ٿي نھ سگھون ـ  اللھ نھ ڪري!

سنڌ جي معمار جي دک دائڪ ڪھاڻي
علي نواز رھمون
پاڪستان جي پهرين ۽ اڪيلي نيشنل چائلڊ ليبر سروي، جيڪا 1996ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنھن مطابق تھ، سنڌ ۾ ٻارن جي مزدوريءَ جو تناسب ڪُل ٻارڙن جي آباديءَ جو 20.6 سيڪڙو ٻڌايو ويو هو۔
هاڻي هڪ نئين سروي پاڪستان جي ضمير کي جنجھوري ڇڏيو آهي. تازي رپورٽ آھي تھ:” سنڌ ۾ 16 لک کان وڌيڪ ٻار اڃا تائين جبري مزدوريءَ ۾ ڦاٿل آهن۔  اهي ٻار، جن جي عمر پنجن سالن کان به گهٽ آهي، گهرن، ورڪشاپن ۽ کيتن ۾ پگهر وهائين ٿا، اسڪولن ۽ ٻالڪپڻ کان پري آھن.“
سنڌ چائلڊ ليبر سروي 2022–2024، جيڪا سنڌ جي ليبر ڊپارٽمينٽ، يونيسيف ۽ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪئي وئي آهي، ان پنھنجي تازي رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو آھي ته سنڌ صوبي ۾ اڄ به 16 لک کان وڌيڪ ٻار مزدوريءَ ۾ ڦاٿل آهن۔ انهن مان اڪثر جي عمر 10 کان 17 سال آهي۔ سندن ٻالڪپڻ نه ته اسڪولن ۾ گذري ٿو ۽ نه ئي کيڏڻ جي ميدانن ۾، پر سُرهي مٽيءَ وارن کيتن، اونداهي ورڪشاپن، تنگ کاڌي جي جڳهن يا سج جي تپ ۾، جتي هو خطرناڪ اوزارن سان ڊگها ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا۔
اھي ٻار ڪئين  زندگي بسر ڪن ٿا، ڪھڙن مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا،  تنھن بابت واضح چيو ويو آھي  تھ،  کيتن ۾ ڪم ڪرڻ سان هٿن تي ڇالڙا، سرن کڻڻ سان پٺن جو سور، عام ماڻھن جا رويا، جتي اھي ڪنھن دڪان تي ڪم ڪن ٿا انھن مالڪن جا رويا ٻارن کي وڌيڪ ٿڪائي وجھن ٿا، طعنا، بدتميزي ۽ بي عزتي  مايوس ڪري ڇڏي ٿي. رپورٽ مطابق تھ  فقط 40.6 سيڪڙو ڪم ڪندڙ ٻار اسڪول وڃن ٿا، جڏهن ته جن ٻارن تي مزدوريءَ جو بار ناهي، انهن مان 70.5 سيڪڙو اسڪول ويندا آهن۔ ڇوڪريون وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون۔ 14 کان 17 سالن جي عمر واريون گهڻيون ڇوڪريون آھن، جيڪي ڏينھن ۾ لڳ ڀڳ 14 ڪلاڪ گهرن جو  ڪم ڪار ڪن ٿيون. نتيجي ۾ انھن ٻارن جي صحت، تعليم، سڪون ۽ سمورو مستقبل متاثر ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ ٻارن جي مزدوريءَ جو ڪُل ڪاٿو لڳائجي ٿو تھ ڏندي آگريون اچيو وڃن. اسين سنڌ جي ڪجھھ ضلعن جو ذڪر ڪريون جھڙوڪ، قمبر شهدادڪوٽ 30.8 سيڪڙو پهرين نمبر تي آهي، ان کان پوءِ ٿرپارڪر 29 سيڪڙو، شڪارپور 20.2 سيڪڙو ۽ ٽنڊو محمد خان 20.3 سيڪڙو،  سڀ کان گهٽ ڪراچي 2.38 سيڪڙو  آهي۔
هن مسئلي جو بنيادي ڪارڻ غربت آهي۔  جيڪي ٻار ھميشھ مشقت ۽ سماج ۾ اذيت جو شڪار رھن ٿا، سي غريب گھراڻي جا اڪثر يتيم ٻار ھجن ٿا، جن جي ڪو بھ پرگھور لھڻ وارو نھ ٿو ھجو. 
الميو اھو آهي، جو ٻارن جي مزدوري. موجوده انگن اکرن موجب، سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 16 لک ٻار پنهنجي معصوم عمر ۾ پڙهائي، راند ۽ سکيا بدران سخت محنت ۽ مشقت ۾ گذاري رهيا آهن. هي صورتحال نه رڳو انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پر سماج جي مستقبل لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي.
ٻارن جي مزدوري جا بنيادي سبب غربت، بي روزگاري، آبادي ۾ تيزي سان واڌ، تعليم جي کوٽ ۽ والدين جي لاعلمي آهن. ڪيترن غريب خاندانن لاءِ ٻار روزگار جو ذريعو بڻجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته والدين وٽ ٻيو ڪو وسيلو ناهي. نتيجي ۾ ٻار اسڪول وڃڻ بدران هوٽلن، ورڪشاپن، سرن جي ڀٽن، زرعي زمينن ۽ گهريلو ڪم ۾ لڳايا وڃن ٿا.
ٻارن جي مزدوري جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن. اهڙا ٻار جسماني ۽ ذهني طور ڪمزور ٿي وڃن ٿا. کين تعليم نه ملڻ سبب سندن سوچ محدود رهجي وڃي ٿي ۽ هو سماج ۾ سٺي حيثيت حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿا.  ڇاڪاڻ ته اڻ پڙهيل ٻار مستقبل ۾ به غريب رهجي وڃن ٿا.
حڪومت طرفان ٻارن جي مزدوري خلاف قانون ته موجود آهن، پر انهن تي صحيح نموني عمل نٿو ٿئي. اسڪولن جي کوٽ، استاد نه هجڻ ۽ تعليم جو مهانگو هجڻ به مسئلي کي وڌائي ٿو. جيڪڏهن تعليم هر ٻار تائين مفت ۽ آسان بڻائي وڃي، ته گهڻا ٻار مزدوري کان بچي سگهن ٿا.
سول سوسائٽي، ميڊيا، استاد ۽ والدين سڀني تي ذميواري آهي ته هو ٻارن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪن. ٻارن کي مزدوري بدران قلم، ڪتاب ۽ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته، اڄ جو ٻار سڀاڻي جو معمار آهي، ۽ جيڪڏهن اسان هنن 16 لک ٻارن کي اونداهي مان ڪڍي روشني ڏانهن نه آندو، ته سنڌ جو مستقبل به اونداهو ٿي سگهي ٿو.
نتيجو: ٻارن جي مزدوري سنڌ لاءِ هڪ سنجيده سماجي مسئلو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ گھرجن. تعليم، آگاهي ۽ قانون تي سخت عمل ذريعي ئي اسان هن الميي کي روڪي سگهون ٿا.۔

سنڌي ملڪ دشمن ناهن
حبيب جتوئي
سنڌي ملڪ دشمن ناھن، انڪري غني امان چانڊيو جھڙن نوجوان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بجاءِ انھن جي ڪروڌ تي ڪن ڌريو!!
ملڪي اسٽبليشمينٽ ھميشھ سنڌين کي ملڪ دشمن  جي خاني ۾ رکيو آھي، پر انھن مان ڪن ٿورڙن ۽ عقلمندن جو خيال رھيو آھي تھ، سنڌ پاڪستان جي بقا جو آخري  مورچو ثابت ٿيندو.
آئون، جڏھن لکندو آھيان تھ ھن وقت پاڪستان جو ٽٽڻ سنڌين جي مفاد ۾ نھ آھي تھ منھنجا انتھاپنسد قومپرست دوست مونکي طعنو ڏيندا آھن تھ آئون اسٽبليشمينٽ جي موقف جي تائيد پيو ڪيان، پر ائين ھرگز نھ آھي. منھنجي خاندان کي گذريل چاليھھ، پنجيتاليھھ سالن کان جيڪي رت جون مانيون کارايون اٿن، سي آئون ئي ڄاڻان ٿو!
مان تاريخ جو ادنيٰ شاگرد آھيان، مون پنھنجي سڄي ڄمار ۾ اھو سکيو آھي تھ وقت سان گڏ ماڻھوءَ کي سکڻ گھرجي ۽ وقت سان گڏ تبديل پڻ ٿيڻ گھرجي ان ۾ ڪا بھ برائي ناھي، بلڪھ زندھ رھڻ (Survive) توڙي ڪاميابي لاءِ وقت جي تقاضا مطابق تبديل ٿيڻ لازم ٿيو پوي.
ان ڪائناتي سچ جي باوجود آئون جيئي سنڌ ۾ رھيو ھجان يا صحافت ۾ ، منھنجو ھميشھ اھو سوچيل سمجھيل موقف رھيو آھي تھ اڄ جي حالتن ۾ پاڪستان جو ٽٽڻ سنڌين جي مفاد ۾ ناھي. ھڪڙي پاسي مھاجر فتنو، سنڌين جي مستقبل خاص طور تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي نڙيءَ ۾ اٽڪيل اھو ڪنڊو آھي، جنھن کي سنڌي نھ تھ، ڳيھي سگھن ٿا ۽ نھ وري اوڳاڇي!!
پنجابين پنوعاقل ڇانوڻي ھندستان سان جنگ لاءِ ناھي ٺاھي، ھن خطي ۾ ڪنھن بھ امڪاني طور بنيادي وڏي جاگرافيائي ڀڃ ڊاھھ جي نتيجي ۾ اھي سنڌ جي ان حصي کي ڳڙڪائي ويندا. ٻي پاسي سنڌين جو رت ۽ ڀت سمجھيا ويندڙ  بلوچ آھن. اسان سنڌي جيوپاليٽيڪس جي ميدان ۾ ايترا تھ سادا آھيون، جو اسان جو عام ماڻھو ڏھاڪن کان ائين سوچندو پيو اچي تھ اسان سنڌي پنھنجي بلوچ ڀائرن سان گڏجي پنھنجا بنيادي ۽ ڪائناتي حق حاصل ڪنداسين، توڙي جو بلوچ آزادي پسندن جا کليل نعرا اسين ھر روز پنھنجي گنھگار ڪنن سان ٻڌون ٿا تھ:” جنگ کنان جنگ کنان، دادو مورو دنگ کنان“
مون کي ڪابھ حيرت ڪانھ ٿي، جو ”سائين جي ايم سيد“ سان ڪيل پنھنجي ڪچھرين متعلق شايع ڪيل اديب انقلابي پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تھ، ”بلوچن سان اتحاد جي حوالي سان سائين جي ايم سيد ڏکاري لھجي ۾ چيو:” مون بلوچ قومپرست اڳواڻ غوث بخش بزنجي کي گڏيل اتحاد لاءِ چيو تھ ھن وراڻيو، اسان بلوچ ھاڻوڪي بلوچستان ۽ سنڌ، پنجاب  ۽ خيبر پختونخواھ (اڳوڻو سرحد صوبو) جي علائقن تي مشتمل آزاد بلوچستان ٺاھينداسين.“
ان موضوع تي سڀ کان بھترين ۽ مسند تحقيق Research مشھور آمريڪي ليکڪ، صحافي ۽ دانشور سلپگ ھيريسن ڪئي آھي. ھن ان موضوع تي ڪيل پنھنجي ڳوڙھي تحقيق ھن پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب
Baloch Nationalism: In the Shadow of     Afganistan”  ۾ تفصيل سان بيان ڪئي آھي. ان حد تائين جو سردار عطاءُ اللھ مينگل جھڙو سنڌين ڏانھن سڀ کان وڌيڪ نرم رويو رکندڙ بلوچ اڳواڻ بھ چوي ٿو تھ:”بلوچن جي سنڌ جي ڪافي علائقن تي دعويٰ آھي، جن مان گھڻن جي مان حمايت نٿوڪريان، پر جيڪب آباد کي بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ جو مان ڀي حمايتي آھيان...“
مون ان موضوع تي پنھنجي شايع ٿيل ڪتاب ”پاڪستان رياست جي امڪاني ڀڃ ڊاھھ ۽ سنڌين ۽ بلوچن جو مستقبل“ ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آھي.
ھي تھ فقط ننڍڙو حوالو آھي سنڌين جي حقن جي تحريڪ جي راھھ ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجھا ۽ اتحادي سمجھياويندڙ بلوچن جي تحريڪ جو. پنجابين، مھاجرن ۽ پٺاڻن جي مفادن ۽ انھن جي حڪمت عملين ۽ طور طريقن جو تھ ذڪر ئي الڳ آھي. انڪري ئي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان سنڌي منجھيا پيا آھن.

سنڌين جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪھڙو آھي؟
   آئون ڪافي ڀيرا اڳ ۾ بھ لکي چڪو آھيان تھ اسان سنڌي تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آھيون، جتي اسان سنڌ، بلوچستان ۽ سرائڪستان  تي مشتمل گڏجي فيڊريشن/ ڪانفيڊريشن  قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون، يا وري ھاڻوڪي سنڌ جي جاگرافي بھ بچائي نھ سگھنداسون، ڇاڪاڻ تھ وچ اوڀر کان اٿندڙ جاگرافيائي تبديلينءِ جو طوفان پاڪستان، افغانستان، ايران سميت سڄي وچ ايشيا تائين ھر روز پوري طاقت ۽ بيرحميءَ سان ڌوڪيندو پيو اچي. جيوپاليٽيڪس ڏاڍي بيرحم ۽ زھر قاتل آھي، سڀني ڪمزورن کي ڳڙڪائي ويندي!!
سنڌين جي لاءِ لاتعداد موقعن ۽ گڏوگڏ لاتعداد خطرن واريInteresting times  ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي مسئلو اھو آھي، جو وٽن زيرڪ، ڏاھي ۽ بھادر قيادت نھ آھي. بدقسمتيءَ سان باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي، رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ عظيم ڏاھي رسول بخش پليجو وغيرھ ھڪ صدي اڳ ۾ پيدا ٿي، پنھنجو وارو وڄائي ويا. انھن جي عظمتن جا بلند بانگ ترانا ڳائن جي باوجود، مٿن جائز تنقيد ٺھي ٿي تھ، انھن پنھنجي پٺيان ڪابھ قابل ذڪر فخر قيادت ورثي ۾ ناھي ڇڏي!
اڄ جي سنڌ جي اڳواڻي مجموعي طور تي غدار جاگيرداري ۽ موقعي پرست بزدل وچولي طبقي جي ھٿن ۾ آھي. انڪري جاگرافيائي تبديلن جي اٿندڙ  ان اَجھل طوفان کي سمجھڻ، سنڀالڻ ۽ ان جو رخ مشت پاسي موڙڻ ان قيادت جي نيت توڙي صلاحيت کان ھزارين دفعا وڌيڪ طاقتور آھي. انڪري انھن جي آسري سنڌي عظيم سنڌ(سنڌين، بلوچن، سرائڪين جي ڪنفيڊريشن) جوڙڻ جو تاريخي موقعو ھٿان وڃائي ڇڏيندي، نھ صرف ايترو پر ان قيادت جي آسري تھ سنڌ پنھنجي ھاڻوڪي جاگرافيائي وحدت بھ برقرار نھ رکي سگھندي. بلوچن ۽ مھاجرن جي ڪجھھ انتھاپسند دانشورن پاران ڪجھھ امڪاني طور مستقبل جي سنڌ جي جاگرافيءَکي سنڌ جي ھاڻوڪن ٻن ٽن ضلعن خيرپور ۽ نوابشاھھ تي مشتمل ڏيکاريو ويو آھي.
 
سنڌين کي ڇاڪرڻ گھرجي؟؟
سائين جي ايم سيد جي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پھريائين سنڌ جي صالح سياسي ڪارڪنن کي پنھنجن پنھنجن پارٽين اندر پنھنجون صفون درست ڪرڻ گھرجن.
صالح سياسي ڪارڪنن کي پنھنجي پنھنجي قيادت کان سوال ڪرڻ گھرجي: انھن جي ڪرڻ جي نيت نھ آھي،  يا وٽن صلاحيت ناھي؟؟ 
ٻنھي صورتن ۾ صالح سياسي ڪارڪنن کي پنھنجي قيادت تبديل ڪرڻ گھرجي. 
مجموعي طور تي سڄي سنڌ جي شعور کي پڪ سان سمجھڻ گھرجي تھ سنڌ جي پنجاھھ سالن جي ماضيءَ جي سياسي پارٽين ۽ انھن جي قيادتن پنھنجو ڀرپور  وڌ ۾ وڌ ڪرادر ادا ڪري، ھاڻي اھي تاريخ جو ورق بڻجي چڪيون آھن. اھي پنھنجي عمر پوري ڪري چڪيون آھن، انڪري ھاڻي سنڌ جي مجموعي طور تي شعور کي پنھنجي ڪک مان نئين سياسي پارٽين ۽ سياسي تحريڪن کي جنم ڏيڻ گھرجي.
سنڌ جي صالح سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ھر گھڙي تبديل ٿيندڙ جيوپاليٽيڪس تي ڪنھن شڪاري چيتي واري نظر رکڻ گھرجي. اھو ڪئين چوندا آھن تھ:”لمحن جي خطا صدين جي سزا ڀوڳيندي آھي.“
سنڌين کي پنھنجي سياسي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي سياسي سگھھ سياسي پارٽي ۾ تبديل ڪرڻ گھرجي. چيني ڪميونسٽ پارٽي جھڙي سياسي پارٽي کپي، جيڪا قومي، طبقاتي غلاميءَ جو خاتمو ڪري عظيم خوشحال ۽ سکي ستابي سنڌ جو صدين جو سپنو ساڀيان ڪري سگھي.         

ھيڏا ھاڃا ٿين بُري ھن ڀنڀور ۾
تبسم ٻاٽ
دنيا جي باشعور ملڪن جا حڪمران، پنهنجي تهذيبي اثاثن، تاريخ ۽ تهذيب سان سلهاڙيل ماڳ مڪانن  جي بچاءَ  لاءِ اهم اپاءُ وٺندا آهن، پنهنجي سڄي ڄمار ملڪ جي اثاثن جي بچاءُ  لاءِ صرف ڪندا آهن۔  ڇاڪاڻ ته ساڻن اهو احساس هوندو آهي ته سندس  جياپو  تهذيبي ورثي سان ئي جڙيل آهي۔
اسان وٽ پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ آهي، هتان جي حڪمرانن کي فقط پنهنجي ذاتي انا ۽ ذاتي ملڪيت سان سروڪار رهيو آهي۔ ان لاءِ ڪي به اثاثا اهمت نه ٿا رکن۔
هونءَ ته تاريخي ماڳ مڪان تقريبن سموري پاڪستان ۾ ڀرڻ ۽ ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، پر  خاص طور تي صوبي سنڌ ۾ حڪومت جي نااهلي جي سبب ماڳ مڪانن جي حالت کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته، هتي ڪجھھ سالن ۾ فقط آثارن جي ڪا هڪ خاص علامت ئي بچي سگهندي!  جنهن مطابق صدين کان پوءِ  فقط ڪتابن ۾ ڄاڻائي سگهبو ته هتي ڪو ڦلاڻي نالي سان تاريخي ماڳ هو
مان ويجهي تاريخ جو مثال ڏيان ته اوڻويھين صدين ۽ ويهين صدي جي وچ ۾، جيڪي مڪان عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ھيٺ ھوندا ھئا، جن تي غريب غربو اچي  ٻھ پل آرامي ٿيندو ھو، ھاڻ اھي  مڪان بھ مڪمل تباھھ ٿي چڪا آھن.   انهن مان خاص” مائي نيسٽ“ بنگلو، جنهن کي سنڌ جي ثقافت جي نالي سان ويجهي تاريخ ۾ باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سنڌ جي ثقافت جي عشق ۾  ٺهرايو هو، جيڪو جيڪو ھينئر مڪمل طور کنڊر بڻجي چڪو آھي. ماضي ۾، ھن بنگلي  کي  سنڌ جوثقافتي ورثو سمجھيو ويندو ھو.    بنگلي ۾ سنڌ جي  ثقافتي سونھن، سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪچھري  جا رنگ سمايل هوندا هئا۔ هي بنگلو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بمبئي جي مشهور (سر شاھنوارز ڀٽي جي)  بنگلي کان متاثر ٿي ٺهرايو هو۔
مائي نيسٽ سنڌ جي ھڪ شهڪار عمارت طور ياد ڪئي ويندي آهي۔ ان جي موجوده حالت مان ظاهر آهي ته حڪمران طبقو گهري ننڊ ۾ ستل آهي.  ھون بھ پاڪستان ۾ بچيل ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان جيڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آهن،  انهن لاءِ  ڪاش! ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن! پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اوقاف کاتو ۽ ثقافت کاتو جنهن جو ڪم ئي تاريخي ماڳن مڪانن جي سنڀال ڪرڻ، انهن جي مينٽيننس ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، پر  انهن ادارن جي ھاڻ  ڪا خاص دلچسپي نظر نه ٿي اچي
ساڳئي طرح هڪ ٻيو بنگلو جيڪو ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو آهي، جنهن کي پڻ تاريخي حيثيت حاصل آهي، اهو  بنگلو پڻ حڪومت جي نااهلي سبب کنڊر بڻجندو پيو وڃي۔ ايڏي خوبصورت عمارت هوريان هوريان ميسارڻ لڳي آهي۔  ھي عمارت انتھائي خوبصورت آھي، جنھن جي اندر طرحين طرحين جي نقشڪاري ۽ ڪمال جي ڊزائين رکي ويئي آھي. جنھن کي اڄ  جو مصور ڏسي بھ حيران ٿيو وڃي
مڪاني ماڻهن جي غير زمينداري جي حد اها آهي جو هيڏي وڏي ثقافتي خوبصورت عمارت ۾ چوپايو مال ٻڌن ٿا۔ ان کان وڌيڪ قومي اثاثن جي توهين ڪهڙي ٿي سگهي ٿي

آئون سنڌ حڪومت جي   ثقافت جي وزير، ۽ اوقاف کاتي جي وزير کي اپيل ڪريان ٿي، ته سنڌ جي اهڙن خوبصورت ماڳ مڪانن جي بچاءٌ  لاءِ، فوري طور اپاءُ  ورتا وڃن ته جئين سنڌ جي تاريخ کي تباھي کان بچاءِ  سگهجي!

ڪراچي مسئلن جو شھر
افروز مظھر
ڪو وقت ھو، هي شهر "روشنين جو شهر" سڏبو هو، پر اڄ ھن  روشنين جي شھر کي  لاتعداد مسئلا درپيش آھن. هي  شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو  اقتصادي مرڪز آهي، پر ان جي باوجود بنيادي سهولتن جي کوٽ ھتان جي ماڻھن جي  زندگيءَ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي
اهم مسئلا
اسٽريٽ ڪرائيم: اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ چوري، ڦر، ٻارن جي اغوا جا واقعا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري شهرين ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس وڌيو آهي
بنيادي ڍانچو
شهر ۾ رستن جي خراب حالت، پاڻي نيڪال جو غير فعال نظام ۽ گند جا ڍير عام آهن. ٽٽل روڊن جي ڪري ڏيھاڙي حادثا ٿين ٿا 
ٽرانسپورٽ: شهر جي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ ڪيتريون ئي خرابيون آهن، جن ۾ ٽريفڪ  جو جام ٿيڻ، پراڻن گاڏين جي مينٽيننس  جو نھ ھئڻ ، ڊرائيورن جي اجائي تڪڙ۽ تيز رفتار ۾ گاڏي ھلائڻ  روڊ حادثن  ۾ شامل آهن. ڪراچي ۾ هر روز ٽريفڪ جام سبب وڏو اقتصادي نقصان ٿئي ٿو
بنيادي سهولتون: شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾
خاص طور تي ڪچين آبادين ۾، بجلي تھ نھ ھئڻ جي برابر آھي، جتي ڏينھن ۾ فقط چار ڪلاڪ بجلي آھي،  ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي قلت،  صفائي جو خراب نظام ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب عوام تمام گھڻو  پريشان آھي
  
اُميد
انهن مسئلن جي باوجود، ڪراچي ۾ بهتري جي اُميد اڃا موجود آهي. حڪومت ۽ شهرين جي گڏيل ڪوششن سان شهر جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، انفراسٽريڪچر ۾ بهتري، ۽ انتظامي سڌارن ذريعي شهر جي حالت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو

نتيجو
ڪراچي سنڌ جي شھھ رڳ آھي، جنھن کي شاندار ماضي ۽ تاريخ آھي. اڪثر سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان پڻ ھن شھر سان تعلق رکن ٿا، جھڙوڪ: مورڙو مير بحر، موکي متارن جو داستان،  ڪلمتن، برفتن ۽ جوکين جي تاريخ جا قصا پڻ شامل آھن

ڪراچي ڪو اڄ جو آباد ٿيل شھر ڪونھي، ھن کي  تاريخي لحاظ سان گڏوگڏ  روشن مستقبل جي تناظر ۾ ڏسڻ نھايت ضروري آھي. ھاڻ جتي مسئلا درپيش آهن، اتي حل به موجود آهن. جيڪڏهن حڪومت، ادارن ۽ شهرين  طرفان گڏيل ڪوششون ورتيون وڃن ته هي شهر ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي سگهي ٿو.

نفسياتي ۽ سماجي بحران ۾ ڦاٿل اڄ جو نوجوان
شبنم گل
اڄ جو نوجوان  هڪ اهڙي دور مان گذري رهيو آھي جتي هڪ طرف تيز رفتار بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، ميڊيا، ۽ گلوبل ڪلچر آهي، ته ٻي طرف اندروني طور تي بي چيني، ذھني انتشار ۽ اڻپوري هجڻ جو احساس ملي ٿو. انڪري نوجوان  بي مقصديت جو شڪار آهن. 
بلوغت کان ويهن سالن تائين وارو دور طبعي تبديليءَ جو حساس وقت هوندو آهي، جنهن ۾ نوجوانن لاءِ جسماني مشق، راندين ۽ کليل فضا ۾ سرگرمين جي خاص اهميت هوندي آهي، ڇو ته اهي نه رڳو جسم کي صحتمند رکين ٿيون پر ذهني ۽ جذباتي توازن به برقرار رکن ٿيون، جڏهن ته اڄڪلهه سمهڻ جاڳڻ جي نظام ۾ بي ترتيبي، فاسٽ فوڊ جي گهڻي استعمال ۽ غير فطري زندگيءَ جي انداز سبب نوجوانن جي مزاج ۾ بيچيني ۽ جارحيت وڌي رهي آهي.
نوجواني اهڙو ئي وقت آهي، جڏهن نفسياتي طور تي فرد پاڻ کي سڃاڻڻ جي مرحلي مان گذري ٿو. جيڪڏهن خاندان، ۽ تعليمي نظام نوجوانن جي مثبت انداز ۾ ذھني تربيت نه ٿا ڪن ته  نوجوان گمراهي، احساس ڪمتري، يا خودپسنديءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اڄ جو نوجوان عام طور تي سوشل ميڊيا تي پنهنجو "سڃاڻپ ڪارڊ" تخليق ڪري ٿو، جنهن ۾ ظاهري خوبصورتي، فيشن، ۽ “ريليشن شپ اسٽيٽس” اهميت رکن ٿا. هن جديد دنيا جي اثر هيٺ، نوجوان پنهنجي حقيقي وجود کان ڌار ڏسجي پيو.
هڪ پيڙهي اهڙي هئي، جنهن محنت، تڪليفن ۽ جدوجهد سان پنهنجو مقام ٺاهيو. انهن  جو سمورو ڌيان پنهنجي اولاد لاءِ بهتر زندگي مهيا ڪرڻ تي هو،  جنهن جا نتيجا به ظاهر ٿيا. سندن ٻارن کي سهڻو، محفوظ ۽ آسودو وقت مليو. انهن والدين جو خواب هو ته سندن ٻار به ساڳي جذبي ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌن، پر اڪثر حالتن ۾ ائين نه ٿيو.انهيءَ ناڪامي جا گهڻا سبب ٿي سگهن ٿا: والدين جا جهڳڙا، گهر جي فضاءَ ۾ بيچيني، شخصي تڪرار،جنريشن گيپ،  خانداني اڻبڻت، ۽ جذباتي لاتعلقي. نوجوان جيڪي به  ڏسندا، ٻڌندا ۽ محسوس ڪندا رهيا، تن تجربن جي بنياد تي سندن شخصيت جي  تعمير ٿيندي وئي. والدين جي اميدن ۽ سندن عملن ۾ جو تضاد هو، ان جي عڪاسي سندن ٻارن جي رويي ۾ سامهون آئي.
ڪڏهن ڪڏهن نوجوان انهن سڀني مسئلن، مونجهارن ۽ مشڪلاتن جي باوجود به هڪ مثبت سوچ اختيار ڪندي، پنهنجين ڪوششن سان ڪاميابيون حاصل ڪن ٿا. سندن اندر هڪ ڄاڻ، پختگي ۽ عزم جنم وٺي ٿو، جيڪو زندگي جي ڏکن کي اڳتي وڌڻ  جو ذريعو بڻائي ٿو. اهڙا نوجوان مشڪلاتن کي طاقت  بڻائي، پنهنجو رستو پاڻ ٺاهين ٿا ۽ ٻين لاءِ به اميدن جو مينار بڻجن ٿا.
پر مجموعي طور تي، گهڻا نوجوان اهڙي سگهہ نه رکي سگهيا. گهر  جي بيچيني، والدين جي ويڌن ۽ ماحول جي منفي ڌارا سندن ذهنن کي منتشر ڪري وڌو. نتيجي ۾، اڪثر نوجوان سنئين واٽ تان ڀٽڪي ويا، تعليم، مقصد ۽ ذميواري کان پري ٿي ويا. سندن اندر جي مونجهارن، بي رخيءَ  ۽ ماحول جي منفي اثرن سندن ذھني  واڌ ويجھھ کي روڪي ڇڏيو.
اھوئي سبب آھي ته نوجوانن جو وقت اڄڪلهہ گهڻو ڪري بي مقصد گهمڻ، گيمز وڊيوز ڏسڻ، سوشل ميڊيا  يا غيرضروري دوستين ۾ گذرندو آهي. هي فقط  “منهنجي مرضي” جو اظهار ناهي، پر دراصل هڪ نفسياتي فرار آهي.  هڪ اهڙي ذهني حالت جنهن ۾ نوجوان پنهنجي دٻاءَ، ناڪامي، يا بي مقصديت کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن سرگرمين جو انتخاب ڪندو آهي، جيڪي ٿوري دير لاءِ مزو ڏين، پر ڊگهي عرصي لاءِ فائديمند نه ھجن.اڄ جي نوجوان وٽ ڪو “زندگيءَ جو روڊ ميپ” موجود ناهي. هو اڪثر ڪنهن خواب جي پٺيان نه ٿو هلي، بلڪه فقط ٻين جي لائف اسٽائل کان متاثر ٿي، پنهنجي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن ڪو نوجوان چوندو آهي ته "تعليم سان ڇا ٿو ٿئي؟ نوڪري ته وري به سفارش سان ملي ٿي"، ته ان جو مطلب رڳو تعليم  کان  انڪار ناهي، پر اعتماد جو بحران پڻ نظر اچي ٿو. اسان وٽ ۽ گهڻن ترقي پذير ملڪن ۾ تعليم جو نظام اهڙو آهي، جيڪو تخليقيت، تنقيدي سوچ، ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ بدران فقط يادگيريءَ تي مدار رکي ٿو. نتيجي طور نوجوانن کي پڙهائي ۾ گهٽ دلچسپي محسوس ٿئي ٿي.
نفسياتي طور تي پڻ، جيڪڏهن گهر ۾ دٻاءُ، شخصي مقابلي جي فضا، يا محبت جي کوٽ هجي ته نوجوان تعليم کان توجهه هٽائي ٻين سرگرمين ۾ پناھ وٺندو آهي. خاص طور تي، جيڪڏهن والدين تعليم کي صرف گريڊز ۽ سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهن ته پوءِ نوجوانن لاءِ پڙهائيءَ جو مقصد ختم ٿي وڃي ٿو.
اڄڪلهه نوجوان ويجهن رشتن کان وڌيڪ دوستن سان وقت گذارڻ کي ترجيح ڏين پيا پر  اڪثر دوستيون صرف وقت
گذارڻ، مطلب، يا خودپسنديءَ تي ٻڌل هجن ته اهي نوجوان لاءِ نفسياتي نقصان جو سبب بڻجن ٿيون.
گرل فرينڊ جو تصور به اڄڪلهه گهڻو وڌي ويو آهي. نوجوان اڪثر ان تعلق  کي ”ڪاميابيءَ جي علامت“ سمجهن ٿا. پر هي به جديديت  جو اثر آهي، جتي هر نوجوان  ”پيار ۾ هجڻ“ کي هڪ ٽرينڊ سمجهي ٿو. ڪيترن نوجوانن لاءِ گرل فرينڊ هجڻ، اصل ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ ۽ اڪيلائپ کان نجات حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. جيڪڏهن نوجوان پاڻ کان مطمئن نه آهي ته هو ٻئي مان محبت جي توقع رکندو، ان اميد سان ته ٻيو شخص کيس سمجهندو.
نوجوانن لاءِ پندرنهن کان پنجويهن سالن جو دور انتهائي اهم هوندو آهي، جنهن ۾ هو عملي سوچ، مقصد جي اهميت ۽ مستقبل جو لائحه عمل جوڙيندا آهن، پر جتي ٻاهرين دنيا ۾ ارڙهن ورهين جو نوجوان پڙهائي سان گڏ ڪم ڪري پنهنجو بار پاڻ کڻي عملي سکيا حاصل ڪري ٿو، اتي اسان وٽ اڪثر نوجوان والدين تي ڀاڙين ٿا، جنهن سبب پاڻ ڀرائي پيدا نه ٿي سگهندي ۽ هو سک ۽ سهولت سان گڏ جادوئي قارون جو خزانو به گهرڻ لڳن ٿا۔.
نوجوانن جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ سماجي تبديليون پڻ ڏسڻيون پونديون. هڪ ته اڄ اڪثر گهرن ۾ والدين ۽ ٻار گڏ گهٽ ويھن ٿا، منطقي گفتگو جي گنجائش نه آهي، ۽ موبائل هر فرد جي دنيا بڻجي ويو آهي.
ٻيو ته ميڊيا نوجوانن کي جيڪي آدرش ڏيکاري ٿي . جيئن ته امير زندگي، جڳ مشهور ٿيڻ، يا سٺي جسماني خوبصورتي وغيره . جيڪي تصور  حقيقت جي ڀيٽ ۾ بيحد مختلف هوندا آهن. نوجوان ان اميد سان جيئندا آهن ته هو به ڪڏهن نه ڪڏهن ان دنيا تائين پهچندا، پر جڏهن اهو ممڪن  نه ٿو ٿئي ته اهي مايوسي، ڇڪتاڻ، بري صحبت يا عادتن  جو شڪار ٿين ٿا.
تعليم کي جذبي ۽ مقصد سان ڳنڍڻو پوندو. نصاب ۾ جذباتي ذهانت، نفسياتي تربيتي موضوع، ۽ شخصيت جي واڌاري لاءِ عنصر شامل ڪرڻ گهرجن.
والدين کي دوستن وانگر نوجوانن سان لاڳاپو رکڻ گهرجي، جتي صرف حڪم نه هجن، پر گفتگو ۽ سمجهه ڀريو رويو هجي.سماج کي نوجوانن لاءِ صحت مند سرگرميون مهيا ڪرڻ گهرجن، جيئن ته آرٽ، راند، فلاحي  ڪم، ۽ تنقيدي بحث مباحثا، ته جيئن هو پنهنجي توانائي صحيح رخ ڏانهن موڙي سگهن. ذاتي سڃاڻپ تي ڪم ڪرڻ جي تربيت گهرجي، ته جيئن نوجوان بناوٽي شخصيت جوڙڻ بدران پنهنجي حقيقي نفسياتي قوتن کي سڃاڻي سگهن.

نوجوان اڄ هڪ اهڙي دؤر مان گذري رهيا آهن جتي ، سماجي دٻاءُ، ۽ غيرحقيقي اميدون کين اصل زندگيءَ کان ڌار ڪري ڇڏين ٿيون . اھي رويا جھڙوڪہ وقت جو زيان، تعليم کان انڪار، بي مقصد دوستيون ۽ گرل فرينڊ جي ضرورت ان بحران جا علامتي مظاهرا آهن. هن صورتحال کي فقط نصيحتن سان نه، پر سمجهداريءَ، جذباتي مدد، ۽ سماجي لاڳاپن جي بحاليءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هر نوجوان جي اندر هڪ امڪاني تخليق، هڪ روشني، ۽ هڪ انقلاب ساھ کڻي ٿو ـ سوال صرف ان کي جاڳائڻ جو آهي.


نااھل اسان جو مالھي آ، معصوم گلڙن جو ڇا ٿيندو؟
منور برھماڻي
ھر نئون ايندڙ ڏينھن سنڌ ۾ قيامت کان گھٽ نھ آھي.  ڏھاڙي   لاشا کڄن ٿا ، ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون کالي ٿين ٿيون ، معصوم گلن جھڙن ٻارڙن جون  اغواھون لڄالٽون ۽ تزليل جا واقعا پيش اچن ٿا.  ڪيترن ئي ٻارڙن کي رھڙي  نھوڙي گٽرن ، نالن يا ڪچري جي ڍيرن تي اڇلايو وڃي ٿو ۽  ڏھاڙي والدين  جي اميدن جا ڏئيا بيدردي سان اجھايا وڃن ٿا
سورن جي ماريل سنڌ ۾،  روز ھڪ نئون دردناڪ ڪيس سامھون اچي ٿو .  معصوم نياڻين کي حوس ۽ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻائي، زندگي ۽ موت جي ڪشمش م اڇلايو وڃي ٿو. مھينو کن اڳ ۾ سنڌ ۾ لڳاتار ٽن ضلعن ۾ معصوم نياڻين سان لڄالٽ جا واقعا پيش آيا، نھ رڳو ايترو پر انھن معصوم نياڻين کي قتل پڻ ڪيو ويو
انھن  مان جھلوري جي معصوم آمنه ڪنڊراڻيءَ جو واقعو  هر حساس دل کي جھوري وڌو! ھن نينگر کي اسڪول ويندي اغوا ڪري بيدرديءَ سان حوس جو نشانو بڻايو ويو، بکيو رکيو ويو ۽ آخر ڳلو دٻائي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري واھ ۾ اڇلايو ويو! پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق، آمنه سان نه صرف جسماني زيادتي ٿي پر کيس  اذيت سان  قتل ڪيو ويو. ايتري وحشت ۽ درندگي  انسانيت جي تاريخ لاءِ بدنما داغ آهي! سوال اهو آهي ته ڇا انھن وحشي بگڙن  کي سزا ملي؟؟
اهو ڪو ھڪ  ڪيس نھ آھي ، ساڳئي ريت گذريل ڪجھھ ڏينھن ۾رتيديري مان معصوم پنجن ورھيه جي حسنين جو تشدد ٿيل لاش مليو ، ڇهه سال اڳ 9 ورهين جي خديجا کوکر کي پڻ لڄالٽ جو نشانو بڻائي، پاڻي ۾ ٻوڙي ماريو ويو
ڇا دنيا جي ڪنھن بھ جمھوري ملڪ ۾، ٻارن سان ذيادتي جا واقعا پيش ايندا آھن؟ ڇا قاتل پوليس، حڪمران ۽ عدالتن کان ڏاڍا آھن؟ رياستي ادارن جي خاموشي سنڌ جي غريب ۽ مظلوم عوام لاءِ ڏکوئندڙ آھي!  اها خاموشيءَ  وڏو الميو  آهي، ھڪ غريب مظلوم عوام لاءِ
اسان جو سماج حڪمرانن جي لاقانونين ۽ مفادپرستي واري سياست کان مڪمل  بيزار ٿي چڪو آهي، عام ماڻھو انتھائي بک ۽ بيروزگاري واري زندگي بسر ڪري ٿو. حڪومت روزگار تھ نھ ٿي ڏي، پر  عام ماڻھو جي جان ۽ مال جي حفاظت ۾ بھ ناڪام نظر اچي ٿي
ساڳي طرح ، پوليس ڪسٽڊي ۾ استاد ڄام عزيز جکرو کي انسانيت کان ڪريل تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ، هڪ معزز استاد، (جيڪو شاگردن لاءِ روشنيءَ جو مينار ھجي ٿو)  ان کي انسانيت کان ڪريل  تشدد سان ماريو ويو، ۽ لاش کي لاوارث قرار ڏيئي اسپتال ۾ ڦٽو ڪيو ويو ، ان کان علاوه فاطمه ڦرڙو ، شھيد ڊاڪٽرشاھنواز ڪنڀر ، سانگھڙ جا شھيد، شھيد نظيران برھماڻي ، مورو جي شھيدن سميت غني امان چانڍيو ۽ سرمد ميراڻي جي جبري گمشندگي جا ڪيس سڀني جي سامھون آھن
اڻ ڳڻيا ڪيس آھن جيڪي رياستي ادارن ۽ حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو آھن. انهن سڀني ڪيسن مان هڪ  ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، نھ ڪي حڪمران عوام جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺڻ لاءِ تيار آھن، نھ ڪي عدالتن ۾ ويٺل اھي جج صاحب جيڪي سالن تائين ڪيس ٻڌندا رهن ٿا، اھو ئي سبب آھي جو  انھن ڪيسن جا ڪي نتيجا نھ نڪري سگھيا آھن
جيڪڏهن اسٽيٽ جي ذميواري شهرين جي جان ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ آهي ، ته پوءِ آمنه ، خديجا ، حسنين ۽ ڄام عزيز جي قاتلن کي اڃا تائين  ڇا سزائون مليون آھن؟؟
رياست ۽ حڪومت لاءِ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، ڇا حڪومت وٽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪو مضبوط قانوني فريم ورڪ آھي؟ ڇا پوليس تي ڪنهن به ظلم لاءِ سڌو احتسابي نظام آھي؟ ڇا جنسي ڏوهن جي تحقيقات لاءِ تربيت يافته عملو آھي؟ ڇا استادن ۽ مظلوم خاندانن لاءِ ڪو انصاف جو خاص ٽريبيونل آهي؟ سڀني سوالن جو ھڪ ئي جواب نظر اچي ٿو، تھ نھ
  انھن سڀني مسئلن جو حل ، عدالتي سڌارا ، جنسي ڏوهن ۽ پوليس تشدد جي ڪيسن لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وڃن، پوليس ۾ احتساب ، چيڪ ان بيلنس ۽ پوليس تشدد واري ڪيس ۾ آزاد جاچ ڪميشن ھجڻ نھايت ضروري آھي. جنهن ۾ شهري نمائندگي لازمي هجي. شاهدي ۽ تحفظ ، متاثرين ۽ شاهدن لاءِ قانوني ۽ نفسياتي تحفظ جو نظام، تعليم ۽ سماجي آگاهي، اسڪولن ۽ ميڊيا ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ  جنسي شعور ۽ انساني احترام تي مستقل   سرڪاري طور آگاھي مھم ھلائڻ نھايت ضروري آھي.  ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ رياست پاڻ مدعي بڻجي، جيئن متاثر ڌر تي دٻاءُ نه پوي
معصوم آمنه ڪنڊراڻي ، خديجا ، حسنين ۽ ڄام عزيز جکرو جھڙن بيگناھھ انسانن جي  قاتلن کي  ڦاھي تي لٽڪائي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، ته جئين وري ڪو درندو  ڏوھ ڪرڻ جي ھمت نه ڪري! ۔
موجودھ دور ۾ تعليم جي اھميت
صالح شريف پيرزادو
تعليم انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي حصو آهي. هي اهو ذريعو آهي جنهن سان انسان نه صرف پنهنجي شخصيت سنواري ٿو، پر سماج، ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. موجوده دور، جيڪو سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ معلوماتي انقلاب جو دور سڏيو وڃي ٿو، ان ۾ تعليم جي اهميت اڳ جيتري نه رهي آهي، بلڪه ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي
ذاتي ترقي لاءِ تعليم
تعليم انسان جي سوچ، اخلاق، ۽ صلاحيتن کي نکاريندي آهي. هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي بهتر طريقي سان سمجهي سگهي ٿو. تعليم انسان کي اعتماد، فيصلي جي صلاحيت، ۽ معاشري ۾ بهتر مقام حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي
 سماجي ترقي ۾ ڪردار
تعليم سماج ۾ امن، ڀائچاري، ۽ برابري کي فروغ ڏئي ٿي. هڪ پڙهيل سماج ۾ جهالت، تڪرار، ۽ تعصب گهٽ ٿين ٿا. تعليم ماڻهن کي گڏجي رهڻ، ٻئي جي احترام ڪرڻ ۽ سماج کي بهتر بڻائڻ سيکاري ٿي
 معاشي ۽ اقتصادي ترقي
اڄ جو دور معاشي مقابلي جو دور آهي. اهي قومون ترقي ڪن ٿيون، جيڪي علم ۽ مهارت ۾ اڳتي آهن. تعليم ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط بڻائي ٿي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي
موجوده صدي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي آهي. هر ميدان ۾ ترقي لاءِ علم ضروري آهي. تعليم ئي اهو ذريعو آهي جنهن سان نوان ايجادون، سافٽويئر ۽ ٽيڪنالاجي تيار ٿين ٿيون، جيڪي انساني زندگي کي آسان بڻائن ٿيون.
اسلامي نقطه نظر
 اسلام ۾ به تعليم کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. پهرين وحي جو لفظ ئي “اقرأ” يعني “پڙهه” آهي. حضور ﷺ فرمايو: "علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي." ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تعليم نه رڳو دنياوي ضرورت آهي، پر ديني ذميواري به آهي

نتيجو

آخر ۾ چئي سگهجي ٿو ته تعليم ئي اها قوت آهي جيڪا فرد کي باشعور، سماج کي مهذب ۽ قوم کي ترقي يافته بڻائي ٿي. موجوده دور ۾ بنا تعليم جي ترقي ممڪن ناهي. تنهن ڪري هر والدين، استادن، ۽ حڪومت کي گهرجي ته تعليم کي عام ۽ معياري بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪن.

مھر_ جتوئي تڪرار جھالت يا سازش؟
حبيب جتوئي
ڪجھھ ڏينھن اڳ شڪارپور جي ڀرسان مھر برادري سان تعلق رکندڙ ھڪ نوجوان کي شاديءَ جي ھڪ ڏينھن اڳ قتل ڪيو ويو، مھر برادري جي ماڻھن جي چوڻ مطابق، اھو قتل جتوئي برادريءَ جي ماڻھن ڪيو. قتل ڪرڻ وارن گھوٽ کي مارڻ جو انتخاب ان لاءِ ئي ڪيو ھوندو تھ ان جي وارثن کي شديد غم ۽ درد پھچايو وڃي! انکان اڳ ٻنھي برادرين جي ماڻھن ڳولھي ڳولھي ھڪٻئي جا ڳڀرو انڪري پئي قتل ڪيا آھن تھ، جئين ٻي برادريءَ جي ماڻھن کي شديد درد ۽ تڪليف پھچائي سگھجي!!
ذاتين ۽ برادرين جا جھيڙا انھن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ قتل ڪا نئين ڳالھھ نھ آھي ۽ نھ وري ان تي ڪي ٻھ رايا آھن تھ انھن تنازعن ۽ تڪرارن ۾ اڪثر بيگناھھ ئي ماريا ويندا آھن ڇاڪاڻ تھ اصل مجرم ۽ قاتل ھٿياربند ھئڻ سبب پنھنجو دفاع ڪرڻ ۾ اڪثر ڪامياب ويندا آھن، پر برادرين جا شريف ۽ غيرھٿياربند ماڻھو مخالف برادريءَ جي غضب جو شڪار بڻجندا آھن ۽ بدلي جي باھھ ۾ انگ پوري ڪرڻ جو سبب بڻبا آھن.
بدلي جي ان جاھلاڻي طور طريقي کان سنڌ جو ھر ماڻھو ڀلي ڀت آگاھھ آھي، پر مھر_جتوئي تڪرار جي تازي لھر وڌيڪ سنسني خيز ۽ ڇرڪائيندڙ آھي، اڳ ائين ٿيندو رھيو آھي تھ مھرن ۽ جتوئين جي جھڙي ۾ملوث مخصوص ڳوٺن يا وڌ ۾ وڌ مخصوص پاڙن جي ماڻھن کي ڳولھي ڳولھي نشانو بڻايو ويندو ھو، پر تازو ڪن طالع آزمائن مخصوص ڳوٺن ۽ مخصوص پاڙن کي نشانو بڻائڻ بجاءِ پور ي برادري جي ماڻھن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آھي. شڪارپور جي آس پاس ۽ ڪچي جي زمينن تي وڙھندڙ جتوئين ۽ مھرن جي ھڪ ٻن ڳوٺن ۽ پاڙن واري تنازعي کي سڄي شڪارپور ضلعي جي جتوئين ۽ مھرن تائين ڦھلائڻ کانپوءِ پنوعاقل، گھوٽڪي تان جو سکر شھر تائين ان تنازعي کي ڦھلائڻ جي ڀرپور شعوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سازش يا جھالت؟؟!!
شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئين ۽ مھرن جو ڪچي جي زمين تي قبضي جي ڪوشش يا ھڪٻئي جي چوري چڪاري جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تنازعن جي ڊگھي تاريخ آھي، پر اھو خونخوار تنازعو اڪثر شڪارپور جي ڪچي تائين محدود رھندو آيو آھي، پر تنازعي جي تازي لھر کي غور سان ڏسڻ سان ائين محسوس پيو ٿئي تھ ڄڻ ڪي لڪيل ھٿ، ھٿ وٺي ان باھھ کي ڪچي جي ننڍڙي تنازعي مان سنڌ جي ٻن وڏين برادرين تائين پھچائڻ جي ايجنڊا رکندا ھجن. پنوعاقل جي ٻاھران پڪي تي وڃي جتوئي برادريءَ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جي ڳوٺ  ”دڦر جتوئي“ تي حملو ڪري قتل عام ڪرڻ، جن جو ڪڏھن بھ ڪنھن اھڙي تنازعي سان ڏور ڏور تائين واسطو نھ رھيو آھي، اھڙن ڪيترن ئي واقعن  سڄي سنڌ کي حيران ۽ پريشان ڪيو آھي، جن مان لڪل ھٿن ۽ طالع آزمائن جي ارادن جو اندازو لڳائڻ ڪو گھڻو ڏکيو نھ آھي.

ذاتين جا جھيڙا ۽ لااينڊ آڊر جو مسئلو!!
ذاتين جا جھيڙا بنيادي طور تي لااينڊ آڊر جو مسئلو آھن. ھڪ برادريءَ جي چند چورن جي برادريءَ جي ڪنھن ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي مينھن چوري ڪئي، ڀاڳيا اُٿي پيا چورن فائرنگ ڪئي، ڀاڳيو مري پيو. بلڪل سادو امن امان جو مسئلو آھي. پوليس کي چورن ۽ قاتلن خلاف ايف آءِ آر ڪري انھن کي گرفتار ڪري، قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻو آھي، اھا رياست جي ذميواري سان گڏ مسئلي جو منطقي حل پڻ آھي. پر پوليس واقعي جي اصل مجرمن کي پڪڙڻ جي تڪليف بجاءِ چور ۽ قاتل ڌر جي، برادريءَ جي ماڻھن کي پڪڙي اچي ٿاڻي ۾ بند ڪري ٿي، پوليس اھو سڀڪجھھ ٻن سبب ڪري، ڪري ٿي. ھڪ تھ ڪرپشن پئسا ڪمائڻ لاءِ، جيڪو اسان جي رياستي ادارن جو اولين ترجيحي ڪم آھي. ٻيو تھ مجرمن کي ڳولھي پڪڙڻ جو خفو نھ ڪرڻ، ھٿياربند مجرمن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي ھمٿ نھ رکڻ.
لااينڊ آڊر جي ھڪ سادي جرم کي پوليس ھٿ وٺي برادريءَ جو تنازعو بڻائي ٿي، ڇاڪاڻ اھا مجرم جي برادريءَ سان تعلق رکندڙ بيگناھن کي پڪڙي انھن کي ڪيسن جا ڀوَ ڏئي انھن کان روڪڙا روڙي ٿي.

جرڳا مجرمن جي پناھھ گاھ:
پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا جرم جي ھڪ سادي واردات کي برادريءَ جو تنازعو ھٿ وٺي بڻائن ٿا تھ جئين اھي ماڻھو کان روڪڙا روڙي سگھن، ساڳيو ڪم جرڳا بھ ڪن ٿا. برادرين جا چور ۽ لچا لنگا جڏھن قتل ۽ ٻيا جرم ڪن ٿا تھ پوءِ مخالف برادريءَ جي غيض ۽ غضب کان بچڻ لاءِ وڏي شاطراڻي طريقي سان تنازعي جي دائري کي سڄي برادريءَ تائين ڦھلائڻ جي شعوري ڪوشش ڪن ٿا. اھي وڏي مڪاريِءَ سان مخالف برادريءَ جي انھن ڳوٺن ۽ ماڻھن کي نشانو بڻائين ٿا. جن جو جھيڙي سان ڪو تعلق ئي ناھي ھوندو. ان طريقي سان اھي تنازعي کي ڦھلائي ٻنھي برادرين جي بيگناھھ ماڻھن کي تنازعي ۾ ٽريپ Trape ڪري وٺن ٿا. ھاڻي ٻنھن برادرين جا بيگناھھ ماڻھو اچي تنازعي ۾ ڦاسن ٿا. ٻي پاسي پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا ڪرپٽ ۽ نااھل ھئڻ سبب اصل مجرمن کي پڪڙي سزا ڏيارڻ بجاءِ جرڳن لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪن ٿا. ۽ جرڳو تھ اصل مجرمن کي ڳولي سزا ڏيڻ جو اختيار ئي نھ رکندو آھي، انڪري ٻنھي برادرين جا خون خونن ۾ پاڙي، باقي بچيل خونن ۽ ٻين نقصانن جو ڪاٿو لڳائي، ڏنڊ ڏوھھ رکي في الحال ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪرڻ جا اعلان ڪن ٿا، جڏھن تھ جرڳائي سردارن سميت ھرڪو ڄاڻي ٿو، جئين تھ مجرم ۽ قاتلن کي تھ ڪا بھ سزا ناھي ملي ۽ ظاھر آھي جنھن جو پيءُ، ڀاءُ قتل ٿئي ٿو تھ ان جو اندر ٺرڻ بجاءِ سڙي ٿو ۽ ھو وقتي طور تي جرڳي جي فيصلي کي قبول ڪن ٿا، پر دلئون نھ ٿا مڃين ۽ جرڳي مان نڪرندي ئي پلاند وٺڻ جي پلان تي غور ڪرڻ شروع ڪن ٿا.
نتيجي ۾ چور، قاتل، پوليس ۽ جرڳائي سردار ملي ڪري، جرم جي ھڪ سادي واردات کي برادري جي جھيڙي ۾ تبديل ڪن ٿا، جنھن ۾ مٿي بيان ڪيل ٽئي ڌريونBeneficiary ھجن ٿيون ۽ خساري ۾ برادرين جا ويچارا بيگناھھ ماڻھو ھجن ٿا.

حل ڇا آھي؟؟!!

مٿي واضح لکي آيو آھيان تھ، مجرم پوليس رياستي ادارن ۽ جرڳائي سردار ھڪ جرم جي سادي واردات کي برادري، قبيلائي جھيڙي ۾ ھٿ وٺي تبديل ڪري ڇڏي ٿي. جنھن ۾ ٽنھي ڌرين جو مالي فائدو مقصود ھجي ٿو. اھو سادو مسئلو آھي، جنھن کي پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا جيڪڏھن ڪرپشن کان پاڻ کي پاڪ صاف ڪن ۽ مجرمن، ڏوھارين سان مھاڏي اٽڪائڻ جي حڪمت عملي اپنائن ۽ بيگناھن ۽ زيادتي ٿيندڙ کي انصاف مھيا ڪن، تھ اھو مسئلو بنھھ ئي آرام سان حل ٿي سگھي ٿو. پر ون ملين ڊالر جو سوال آھي تھ پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا سنڌ ۾ برادرين ۽ قبيلن جي جھيڙن سميت مجموعي طور تي لااينڊ آرڊر جي مسئلي کي حل ڪرڻ چاھي بھ ٿي يا نھ؟؟؟!!


ڪارونجھر کان آئين تائين سنڌ جي تباھي جو الميو
منور برھماڻي
سنڌ ۾  حڪمران جماعت تي لڳندڙ ڪيترائي الزام  آھن تھ، ڪرپشن ، سياسي مداخلت ، ڀرتين ۾ ناانصافيون ، ادارن جي تباھي ،  لاقانونيت ، ميرٽ جي لتاڙ ،  اڻبرابري، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زمينن تي قبضا عام ٿي چڪا آھن . جھڙوڪ، پوليس، صحت،  روينيو، بلديات، اريگيشن ، تعليم ۽ زراعت سميت مطلب  تھ ھر ادارو ، ڪنٽرول کان ٻاهر ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. ننڍي کان وڏو آفيسر ، ڪلارڪ ڄڻ ته عوام جي خدمت لاءِ  نه، پر بيئنڪ بيلنس ٺاھڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھجي! اھو ئي سبب آھي جو  ادارا تباھي جي ڪناري تي آھن
ڪارونجهر  مسئلو ۽ حڪومت جي ناڪام پاليسي
ڪارونجهر جبل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ٿرپارڪر ۾ واقع هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ورثو آهي. هي جبل نه رڳو قدرتي حسن جو شاهڪار آهي، پر ٿر جي ماڻهن جي سڃاڻپ، عقيدي ۽ معاش سان به ڳنڍيل آهي. ڪارونجهر صدين کان ٿر جي ماحولياتي توازن، پاڻي جي ذخيرن ۽ جيوت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته اڄ هي تاريخي جبل سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي
ڪارونجهر جو بنيادي مسئلو هتي ٿيندڙ بي ترتيب پٿر کوٽائي (مائيننگ) آهي، جيڪا ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي. پهاڙ ڪٽجڻ سبب نه صرف قدرتي حسن ختم ٿي رهيو آهي، پر زميني پاڻي جا ذخيرا به متاثر ٿي رهيا آهن. ٿر جهڙي سڪي علائقي ۾ جتي پاڻي زندگي ۽ موت جو سوال آهي، اتي ڪارونجهر جهڙا جبل قدرتي وسيلو آهن، جن کي تباهه ڪرڻ مستقبل سان ظلم برابر آهي
حڪومت جي پاليسي هن معاملي ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. هڪ طرف ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻي طرف عملي طور تي پٿر کوٽائي لاءِ اجازت ناما جاري ڪيا وڃن ٿا. هي ٻٽو معيار حڪومت جي غير سنجيدگي ۽ ماحولياتي معاملن کان لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن قانون موجود به آهن، ته انهن تي صحيح نموني عملدرآمد نظر نٿو اچي
ڪارونجهر جو مسئلو صرف ماحولياتي ناهي، پر سماجي ۽ ثقافتي به آهي. هي علائقو ڪيترن تاريخي ماڳن، مندرن ۽ عبادتگاهن جو مرڪز آهي، جن جي بي حرمتي ٿر جي ماڻهن جي احساسن کي مجروح ڪري ٿي. مقامي آبادي بار بار احتجاج ڪندي رهي آهي، پر حڪومت انهن آوازَن کي نظرانداز ڪندي رهي آهي، جيڪا جمهوريت جي روح جي ابتڙ آهي
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي، هر قسم جي نقصانڪار مائيننگ تي پابندي لڳائي ۽ ماحول دوست پاليسين تي عمل ڪري. مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي، سندن راءِ ۽ حقن جو احترام ڪيو وڃي. ترقي جو مطلب فطرت جي تباهي نه، پر فطرت سان هم آهنگ ترقي هجڻ گهرجي.

آخر ۾ اهو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته جيڪڏهن ڪارونجهر کي بچايو نه ويو ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪنديون. ڪارونجهر جو تحفظ فقط ٿر لاءِ نه، پر پوري سنڌ جي بقا لاءِ ضروري آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو واعدن بدران عملي قدم کڻي، جيئن ڪارونجهر هميشه لاءِ محفوظ رھي سگھي.         

                             

سنڌي نوجوان ۽ خداعتمادي
اڪرم حيدري
ڇا سنڌي نوجوان سست آهن؟ ڇا سنڌي نوجوان غلامانھ ذهنيت رکندڙ آهن؟ هي سوال سادو نہھ آهي، پر تلخ حقيقتن جو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان جي اندر جي بي اعتمادي، اسان جي اندر جي عاجزي، ۽ اسان جي اندر جي بي حسي جا سڀ نقاب نظر اچن ٿا. سنڌي نوجوان، جنهن وٽ تاريخ، ثقافت، ۽ وسيلن جو وڏو خزانو موجود آهي، اڄ ظاهر ۾ سست، پوئتي، ۽ ٻاهرين هٿن تي ڀاڙڻ واري قوم جو نمائندو نظر اچي ٿو.
سستي صرف جسماني ڪمزور ٿيڻ ناهي، سستي هڪ ذهني، فڪري ۽ نفسياتي بي حسي آهي. جڏهن قوم پنهنجي سوچ تي، پنهنجي محنت تي، پنهنجي قدم تي ڀروسو وڃائي ويهي، تہھ اها قوم ظاهر ۾ سست لڳي ٿي. پر حقيقت ۾، هي غلامانھ ذهنيت ۽ مسلسل سماجي ناانصافيءَ جو پيدا ٿيل نتيجو آهي. نوجوان جي اندر طاقت موجود آهي، پر ان طاقت کي استعمال ڪرڻ لاءِ ماحول، حوصلا، ۽ اعتماد جي کوٽ آهي.
سنڌي نوجوان جو هڪ وڏو نقصان اهو آهي تہھ، هو اڪثر ٻئي جي ڪلهي تي بندوق رکي وڙهڻ وارن جي حڪمن تي هلن ٿا. هو پنهنجو مقصد پاڻ طئي ڪرڻ بدران، ڪنهن سردار، ڪنهن وڏيري، ڪنهن نام نهاد اڳواڻ جي ايجنڊا کڻي هلن ٿا. رت سنڌيءَ جو وهي ٿو، پر اقتدار ڪنهن ٻئي جي جهولي ۾ وڃي ٿو. نوجوان پنهنجو پاڻمرادو فيصلو ڪرڻ بدران، ٻين جي طاقت جو غلام بڻجي ويهي ٿو، ۽ نتيجي طور قوم جو اصلي مقصد ۽ شعور دفن ٿي وڃي ٿو.
ٻيو وڏو نقصان اهو آهي تہھ اسان ٻين تي ڀاڙڻ واري قوم بڻجي چڪا آهيون. نوجوان پنهنجو روزگار پاڻ پيدا ڪرڻ بدران، نوڪري لاءِ حڪومت ڏانهن، ڪاروبار لاءِ ٻاهرين هٿ ڏانهن، ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ سردارن تي ڀاڙڻ سکيو آهي. ڀاڙڻ، آهستي آهستي سوچ کي مفلوج ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن سوچ مري ٿي وڃي تہھ، عمل پاڻ ئي دفن ٿي وڃي ٿو. نوجوان جي اندر موجود ٽيلينٽ ۽ مهارتون بي اثر رهجي وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ تھ هن کي پنهنجي طاقت ۽ قابليت تي ڀروسو ناهي.
سنڌ جي معيشت جو وڏو حصو اڄ مهاجر پنجابي ۽ پٺاڻ برادرين جي هٿن ۾ آهي. زراعت، مال، کير، ٻني، ٻارو مهاجر هلائي رهيا آهن؛ فيڪٽريون، ملون، واپار پنجابي هلائي رهيا آهن؛ هوٽلون، ٽرانسپورٽ، مزدوري ۽ بازار پٺاڻ هلائي رهيا آهن. سنڌي نوجوان وٽ زمين آهي، وسيلو آهي، علم آهي، پر جرئت، ارادو ۽ خود اعتماديءَ جي کوٽ سبب هو پوئتي رهجي ويو آهي. نوجوان وٽ وسيلن جي کوٽ نہھ آهي، پر استعمال ڪرڻ جو حوصلو ۽ پاڻ تي اعتماد موجود ناهي.
وڏيرا، رئيس، زميندار اقتدار جا مالڪ ضرور آهن، پر اهي قوم جا اڳواڻ نہھ آهن. انهن جي ملن ۾ سيڪريٽري پنجابي، مئنيجر ٻاهريان، مزدور غير مقامي آهن. وڏيرو زمين جو مالڪ آهي، پر نوجوان جو خيرخواھھ نہھ آهي. نتيجي طور نوجوان کي ليڊرشپ، حڪمت ۽ حوصلي جو سبق نٿو ملي. نوجوان ڏسي ٿو، پر سيکارڻ وارو استاد نہھ آهي؛  ڏسي ٿو، پر عملي مثال نہھ آهي، ڏسي ٿو، پر پنهنجي قوم جو عزتدار رول ماڊل نہھ آهي.
سنڌي نوجوان جي اندر خود اعتماديءَ جي کوٽ آهي، ليڊرشپ جي کوٽ آهي، فيصلو ڪرڻ جي طاقت گهٽ آهي، ۽ رسڪ کڻڻ کان ڊڄڻ وارو عنصر گھڻو آهي. نوجوان قدم کڻڻ کان ڊڄندو آهي، رسڪ کان ڊڄندو آهي، ناڪامي کان ڊڄندو آهي. جڏهن قوم رسڪ نہھ کڻي، فيصلي کان ڊڄي، قدم کڻڻ کان ڊڄي، تہھ پوءِ دنيا بہھ هن تي اعتماد نہھ ڪندي.
اسان جي نوجوان کي  اعتماد، ۽ تربيت جي ضرورت آهي. جڏهن نوجوان کي عملي ميدان ۾ موقعا ملندا، جڏهن کيس پنهنجي صلاحيت تي ڀروسو ٿيندو، جڏهن کيس فيصلو ڪرڻ، رسڪ کڻڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ جو ماحول ملندو تہھ، نوجوان پنهنجي قومي فرض کي نڀائيندو، معيشت کي مضبوط ڪندو، صنعت کي وڌائيندو، ۽ ثقافت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪندو.
قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن هو سوالن کان ڊڄڻ بدران، سچ سان منهن مقابل ٿينديون آهن. نوجوان سست ناهي، هو فقط موقعو ۽ اعتماد جو محتاج آهي. .
نوجوان جي اندر خود اعتمادي، خودداري، ۽ عمل جي طاقت پيدا ڪرڻ سان ئي سنڌ جي معيشت، سنڌ جي صنعت، ۽ سنڌ جي ثقافت زندھھ رھي سگھي ٿي. نوجوان اڄ جو سست نہ، پر سڀاڻي جو روشن ۽ اڳواڻ بڻجڻ لاءِ تيار آهي. نوجوان ۾ جيڪڏهن ايمان، حوصلو ۽ موقعو پيدا ڪيو وڃي، تہھ هو نہھ رڳو پاڻ کي، پر پنهنجي قوم کي بہھ سچائي، محنت، ۽ شعور جي رستي تي آڻي سگهي ٿو.
سفيد پوش انسان
افروز مظھر
"ڀلي بک ڀرم جي، شل م وڃي شان"
انسان ڪڏھن ڪڏھن ڳوڙھن جملن ۽ لفظن جو مطلب سمجھي نه سگھندو آھي. بلڪل  ائين چئجي تھ انسان کي سمجھڻ، سڃاڻڻ ۽ پرکڻ بھ انتھائي  اوکو ڪم آھي. اسان جي آس پاس گھمندڙ ڦرندڙ  ڪيترا ڪٽنب، جيڪي انتھائي مشقت ۽ تڪليف ۾ زندگي بسر ڪن ٿا، پر ڪڏھن بھ ڪنھن اڳيان پنھنجي تڪليفن جو ذڪر نھ ٿا ڪن ۽ خدداري ۽  ھمت سان زندگي بسر ڪن ٿا. اھي آھن سفيدپوش انسان!
پر اسان جھڙا ماڻھو جيڪي ھميشھ پنھنجي مستي ۾ پنھنجي دنيا ۾ مڳن ھجن ٿا، جنھن کي پنھنجي ذات کان سواءِ ڪو بھ نظر نھ ٿو اچي.  اسان ھميشھ سڃاڻڻ ۾، سمجھڻ ۾ دير ڪندا آھيون، اسان سمجھندا آھيون. پاڻ سٺو کائون پيون پيا ته پوءِ اسان کي ٻي ڪنھنجو ڇو سوچڻ گھرجي؟
جڏھن تھ اھو   غلط عمل آھي، اسان کي پنھنجي ڪٽنب کان سواءِ، پنھنجي منٽ مائٽن، اوڙي پاڙي وارن، پنھنجي علائقي، پنھنجي قوم ۽ وطن جو اونو ڇو نھ ٿو ٿئي؟  ڇا ان بابت اسان ڪڏھن سوچيو آھي؟؟
اسان کي سڃاڻڻ واري اک رکڻي پوندي. اسان کي  اھڙن انسانن بابت سوچيو پوندو جيڪي ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آھن، پر  اھي ڪنھن ٻي آڏو ھٿ ٽنگڻ کان عاد ي نھ آھي، جيڪي  خدداري کي سڀ ڪجھھ سمجھن ٿا، انھن لاءِ  اسان کي گڏيل طور  متحرڪ ٿيئڻو پوندو  ۽ انھن  جي  مدد لاءِ اپاءُ وٺڻ گھرجن.
سفيدپوش انسان شريف النفس ۽ خوددار سمجھيو وڃي ٿو، جيڪي بک برداشت ته ڪري ويندا پر ٻئي آڏو ھٿ ٽنگڻ پسند نه ڪندا. اسان کي گھرجي ته اسان اھڙن انسانن جي مدد ڪريون ۽ پاڻ ۾ انسانيت جو احساس ڌاريون.
ڪڏھن اسان جا ٻار اچي اسان کي چوندا آھن، ھي ماڻھو غريب لڳي ٿو، اسان کي ھن جي مدد ڪرڻ گھرجي پر اسان ھڪدم اھو جواب ڏيندا آھيون، چڱو ڀلو آھي، سٺو پائي پيو، کائي پيو، ھن کي ڪھڙي ضرورت آھي؟اسان کي سڃاڻڻ واري نظر ر رکڻي پوندي. اسان جي آس پاس ڪيترا ئي خاندان اھڙا ھجن ٿا، جن وٽ ايتري به مالي صورتحال ناھي ھوندي، جو فقط ٻن ويلن جي ماني پنھجن ٻچن کي کارائين. ڪيترائي مجبور والدين ماني ٽڪي جي اڻھوند سبب پنھنجن معصوم ٻارڙن کي انھن مدرسن جي حوالي ڪيو ڇڏين، جتي ٻہھ  وقت ماني ملندي آهي، پوءِ ڀلي ساڻن ڪھڙا به مٿن ظلم ڪيا وڃن.
اھڙا والدين  ٻيون انيڪ ضرورتون پوريون نه ڪري سگھندا آھن ۽ نتيجي طور نھ ٻارن جي تربيت ٿي سگھندي آھي نھ ئي وري  کين پوڙھائپ  ۾ ساڻن ئي ڪو سھارو ملي سگھندو آھي. 
اسان کي گھرجي ته اسان اھڙن انسانن جي مدد ڪريون جن جي لاءِ سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آھي: "ڀلي بک ڀرم جي شل م وڃي شان" غربت جي ڪري ڪيترائي بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪيو ڇڏين. اھو سوچيندا آهن ته گھر جون ضروتون ڪٿان پوريون ڪن؟ اھو سوال بيروزگار مرد کي تڪليف ڏيندو آھي. دنيا جي آڏو  سٺو پائي، ٽھڪ ڏئي ھلندڙ نوجوان اندران اوترو ئي ويران ھوندو آھي، جھڙوڪ، ھر ٽھڪ ۾ لڙڪ لڪل ھوندو آھي، جڏھن ماءُ کي ٻار اچي چوندو آھي ته امان اسڪول ۾ منھنجو دوست لنچ باڪس ۾ الاھي سٺيون شيون کڻي ايندو آھي، مان شرم کان پنھنجو لنچ باڪس ان جي آڏو ناھيان کولي سگھندو، ان وقت ماءُ جو اندر جھري پوندو آھي.
جن کي الله سائين نوازيو آھي، انھن کي گھرجي ته جيڪي نه ٿا گھري سگھن، نه ٿا چئي سگھن، انھن تي ھڪ نظر ڪري. خدارا  انھن جي مدد ڪريو، جيڪي نھ لڙڪ لاري سگھن ٿا، نھ ڪنھن کي چئي سگھن ٿا، نھ ئي ڪنھن جي آڏو ھٿ ٽنگي ڪو سوال ڪري سگھن ٿا!!
عجب اھو پڻ آھي، پاڪستان ۾، خاص طور صوبي سنڌ ۾ جيڪي تنظيمون يا اين جي اوز سفيد پوش ماڻھن جي مدد ڪن ٿيون، اھي اڪثر  ڌنڌوڙي آھن،  انھن وٽ تھ اڪثر فوٽو سيڪشن ھوندو آھي، جنھن ۾ اھي سفيد پوش ماڻھن جا فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا توڙي، پرنٽ ميڊيا ۾ پنھنجي روزي روٽي لاءِ  ڌنڌو  ڪندا آھن.

اسان  سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ خاص طور تي سنڌ جي وڏير وزير کان مطالبو ڪريون ٿا تھ سنڌ جي  سفيد پوش ماڻھن جي مدد لاءِ ڪ اھڙو پروگرام شروع ڪجي ۽ ڪا  اھڙي پاليسي اختيار ڪجي، جو  سفيد پوش انسانن جي خدا ڪارڻ مدد ٿي سگھي.

"وفا جو زوال ۽ خودداري"
حڪيم پريم چندواڻي
"وفا جو زوال ۽ خودداري"

انساني لاڳاپن جي دنيا ۾ وفا هڪ اهڙو ٻول آهي، جيڪو صدين کان روحن جي تسڪين ۽ دلين جي قرار جو سبب بڻجندو رهيو آهي. پر جڏهن ان ئي وفا جي نگريءَ ۾ "بي وفائيءَ" جو زهر شامل ٿئي ٿو، ته پوءِ اهي رشتا جن کي اسان پنهنجي رت سان سيراب ڪندا آهيون، هڪ ٻوجهه بڻجي ويندا آهن. شاعري رڳو لفظن جي جڙت ناهي، پر اها انساني تجربن جو نچوڙ هوندي آهي. انهيءَ تناظر ۾ جڏهن اسان هنن سٽن تي غور ڪريون ٿا ته:
"بي وفا جو، يار هجي،
ان سان ناتو ڪٽي ڇڏجي"
ته اسان کي هن مختصر سٽن ۾ نفسياتي، سماجي ۽ روحاني نجات جو هڪ وڏو فلسفو نظر اچي ٿو. هي سٽون رڳو هڪ فيصلو ناهي، پر اها هڪ خوددار انسان جي ان خودداري جو اعلان آهي، جيڪا ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ بدران ٽٽڻ کي ترجيح ڏيئي ٿي.
محبت ۽ معيار جو توازن:
محبت جي لغت ۾ يار جو درجو تمام مٿانهون آهي. يار اهو آهي جيڪو روح جو ساٿي هجي، جيڪو اوهان جي خاموشيءَ کي پڙهي سگهي. پر جڏهن انهي مقدس رشتي ۾ بي وفائي داخل ٿئي ٿي، ته رشتي جي عمارت پنهنجو بنياد وڃائي ويهي ٿي. شاعراڻي نظر ۾ بي وفا سان ناتو نباهڻ جو مطلب آهي پنهنجي ذات جي تذليل ڪرڻ. جيڪڏهن وفاداري رشتي جو روح آهي، ته بي وفائي ان جو موت آهي. مئل رشتن کي ڪلهو ڏيڻ سان رڳو ٿڪاوٽ ملندي آهي، منزل نه.
ناتو ڪٽڻ: هڪ بهادرانه قدم
عام طور تي ناتو ڪٽڻ کي هڪ ناڪاري عمل سمجهيو ويندو آهي، پر هن فڪر جي روشنيءَ ۾ ناتو ڪٽڻ هڪ مثبت موڙ آهي. اهو هڪ اهڙو آپريشن آهي جيڪو جسم جي باقي حصي کي بچائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. جڏهن محبوب يا يار پنهنجي بنيادي صفت وفا تان هٿ کڻي وڃي، ته پوءِ ان سان وابسته رهڻ جو مطلب آهي پاڻ کي مسلسل اذيت جي جهنم ۾ اڇلائڻ
* ذهني سڪون: بي وفا جي ياري ذهني انتشار جو سبب بڻجي ٿي.
* خودداري: ناتو ڪٽڻ جو فيصلو انسان جي عزتِ نفس جي بحاليءَ جو نالو آهي.
* نئين شروعات: هر پڄاڻي هڪ نئين آغاز جو پيش خيمو هوندي آهي.
بي وفائيءَ جو سماجي اثر:
اسان جو سماج اڪثر مصلحتن جي ور چڙهيل هوندو آهي. ماڻهو رڳو ڏيکاءُ لاءِ بي وفا ماڻهن سان ناتا نڀائيندا رهندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ منافقت جنم وٺندي آهي. شاعريءَ جو هي پيغام اسان کي سيکاري ٿو ته زندگي محدود آهي ۽ ان کي انهن ماڻهن جي نالي ڪرڻ گهرجي جيڪي اوهان جي قدرن جا امين هجن. بي وفا سان ناتو ڪٽڻ دراصل پنهنجي پاڻ سان وفا ڪرڻ آهي.
نتيجو يا حاصل ڪلام:
هن بيانيي جو تت اهو آهي ته محبت سوديبازي ناهي، پر هڪ عهد آهي. جڏهن ٻي ڌر ان عهد کي ٽوڙي ڇڏي، ته پوءِ ان کي ٻيهر ڳنڍڻ جي ڪوشش رڳو وقت جو زيان آهي. ناتو ڪٽڻ هتي نفرت جو اظهار ناهي، پر هڪ خاموش احتجاج ۽ پنهنجي شخصيت کي محفوظ رکڻ جو هڪ باوقار طريقو آهي.
زندگي رڳو ياريءَ جو نالو ناهي، پر اها ياريءَ ۾ موجود سچائيء جو نالو آهي. جيڪڏهن سچائي ناهي ته ياري رڳو هڪ سراب آهي، جنهن پٺيان ڊوڙڻ بدران دوري اختيار ڪرڻ يا رستو مٽائڻ ئي دانائي آهي.
ٻي صورت ۾ راهن ۾ رلجي وڃڻ ئي مقدر بڻجي ويندو جيئن ادل سومري هڪ غزل ۾ چيو آهي ته:
دوستيء کي روشني سمجهي اسان،

ڪلھه  وياسين، راھه ۾ رلجي اسان۔


طاقت جو سرچشمو عوام آھي
منور برھماڻي
تاريخ  ثابت ڪيو آهي ته،  جڏهن رياستون عوامي مسئلن کان منهن موڙين ٿيون، تڏھن معاشي بدحالي ۽ مهانگائي بي قابو ٿئي ٿي، حڪومتي پاليسيون عوامي مفاد بدران، مخصوص طبقن جي فائدي لاءِ ٺهڻ لڳن ٿيون.  طاقتور ڌريون سموريون پاليسيون ذاتي مفادن لاءِ استمعال ڪن ٿيون.  اھو ئي سبب آھي جو سماج ۾ بيچيني وڌي ٿي، اها بيچيني جيڪڏھن منظم جدوجهد ۾ بدلجي وڃي ته يقينن سياسي تحريڪون جنم وٺن ٿيون. جن جا ڪيترائي  عالمي مثال ملن ٿا.  جڏھن بھ عوام فيصلو ڪيو آھي ته، عوامي  تحريڪن جو جنم ٿيو آھي. جئين نيپال ۾ 2006ع دوران ”جنا آندولن“ نالي عوامي تحريڪ اڀري، لکين ماڻهو گهٽيُن ، شھرن ، روڊن تي نڪتا ۽ بادشاھي نظام جو خاتمو آندو . لڳ ڀڳ 19 ڏينهن جاري رهندڙ احتجاج کان پوءِ، بادشاهت کي پارليامينٽ بحال ڪرڻي پئي، نتيجي ۾ 2008ع ۾ نيپال مان بادشاهت ختم ٿي ۽ ملڪ جمهوري بڻيو. اھڙا مثال ثابت ڪن ٿا ته، مسلسل عوامي دٻاءُ سياسي ڍانچو تبديل ڪري سگهي ٿو.  جئين بنگلاديش ۾ شاگرد تحريڪ ڪيو، بنگلاديش جي تاريخ ۾ شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 1952ع جي ٻولي تحريڪ هجي يا 1990ع ۾ فوجي حڪمراني خلاف احتجاج ، شاگردن جي قيادت ۾ تحريڪ، سياسي تبديلي آندي. 1990ع ۾ ملڪ گير احتجاجن کان پوءِ، فوجي صدر استعيفيٰ ڏني ۽ جمهوري نظام بحال ٿيو. تازو شيخ حسينه جي اقتدار جو تختو اوندھو ڪيو ۽ شيخ حسينه کي تخت ڇڏي ڀڄڻ تي مڄبور ڪيو، انهن تحريڪن ۾ هزارين شاگرد ۽ شهري شامل ٿيا، جيڪي ملڪ جي سياسي مستقبل جو رخ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تنھن کانسواءِ  سريلنڪا ۾ 2022ع دوران شديد معاشي بحران پيدا ٿيو، ايتري قدر جو  ٻارن جي کير ۽ خوراڪ جي پڻ حد کان وڌ کوٽ پيدا ٿي، ۽ زرمبادله جا ذخيرا گهٽجي ويا، لکين ماڻهن “گوتا گو گاما” تحريڪ تحت احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدر کي ملڪ ڇڏڻو پيو.
برطانيا ۾ به جمھہوري روايتون پيدا ٿيون ، برطانيا ۾ تاريخي طور عوامي تحريڪن، جهڙوڪ 19هين صديءَ جي ريفارم ايڪٽ تحريڪن ، وڏي سياسي سڌارن جو سبب بڻيون ، ووٽ جو حق آهستي آهستي عام ماڻهن تائين رسيو ، اهو عمل پرامن سياسي جدوجهد ۽ قانوني سڌارن ذريعي ٿيو، جيڪو جمهوري تسلسل جو مثال آهي.
ڏٺو وڃي تھ، بغاوتن جا بنيادي سبب سماجي اڻ برابري ڪري پيدا ٿين ٿا.  سوشل سائنس متعلق تھ، عوامي تحريڪن جا ڪجهه عام سبب هوندا آهن ،  خاص طور مهانگائي ۽ بي روزگاري ، جڏهن  20–30 سيڪڙو کان وڌي وڃي ۽ روزگار جا موقعا گهٽجڻ لڳن  ته، غريب ۽ وچولو طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آھي ۽ جڏھن وسيلن جي اڻبرابري ورڇ ،  وسيلن جو وڏو حصو ٿورڙن ماڻهن وٽ مرڪوز ٿي وڃي ۽ اڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم رهي، ته سماجي بي چيني وڌي ٿي !
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽن مطابق، ”جتي ڪرپشن جو انڊيڪس وڌيڪ هوندو آهي، اتي سياسي عدم استحڪام جو خطرو  به وڌيڪ هوندو آهي.“
  نوجوانن جو ڪردار نمايان رھيو آھي، ڪيترن ملڪن ۾ آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. جيڪڏهن تعليم يافته نوجوانن کي روزگار ۽ سياسي شرڪت جا موقعا نه ملن ۽ سندن قومي وسيلن تي سرمائيدار مڪمل قابض ھجن، اتي  نوجوانن جي  تحريڪن جو  آغاز  اشد ضروري آھي. سنڌ جي موجوده صورتحال به انھن چئلينجز ۽ امڪان جي زد ۾ آھي ، سنڌ ۾ به معاشي ۽ سماجي مسئلا بحث جو موضوع آهن، غربت، بيروزگاري، مهانگائي، امن امان جا مسئلا، مارا ماري ، ظلم جبر جي بادشاھت ، جڙتو پوليس مقابلا ، روز جي بنيادن تي لاشن جا تحفا، نياڻين جون عزتون محفوظ ناھن، اگواھ بعد گينگ ريپ کان ويندي، سبرين پٺاڻ جيان بيدردي سان ماري ڪپڙن کان آجو لاش!، نشي جھڙي زھر جو عام ٿيڻ ، سماجي براين جو جنم، ھارين ، مزدورن جي حقن تي ڌاڙو، جبري گمشدگيون، ڌاري آبادڪاري، لاقانونيت، طاقت جو غلط استعمال، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو ، ٻيٺن تي قبضو  زمينن تي والار اهي سڀ عنصر عوامي بي چيني کي وڌائي رھيا آھن.  ٻھ ڏينھن اڳ عمرڪوٽ ۾ ماڇي برادري جي نياڻين کي قبضا مافيا گھر خالي ڪرائڻ لاءِ   روڊن ۽ رستن تي گھليو، جڏھن اھا خبر سوشل ميڊيا تي عام ٿي ۽ عام ماڻھن جو ردعمل آيو تھ پوءِ پوليس آفيسر معطل ٿيا. سرمائيداري بک جڏھن ايترو تھ اڳتي وڌي، غريبن جا ٻچا کائڻ شروع ڪندي تھ پوءِ  ياد رکو اتي بھ بگال جھڙي صورتحال جا چٽا امڪان موجود آھن.

پاڪستان جي مختلف سروي رپورٽن موجب، مهانگائي جي شرح گذريل سالن ۾ 25–30 سيڪڙو تائين پهتي آھي، جڏهن ته بيروزگاري خاص ڪري نوجوانن ۾ هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي ، موجودھ سنڌ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳي ٿو ته، ھاڻ  وقت پري ناھي، جڏھن انھن نوجوان ۽ شاگردن جو صبر  ٽٽو ته اتي بھ بنگال ، سريلنڪا ، برطانيا ۽ نيپال جھڙيون عوامي تحريڪون جنم وٺي سگھن ٿيون، جن کي روڪڻ ڪنھن جي وس ۾ نه ھوندو! پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته، تبديلي هميشه منظم، پرامن ۽ جمهوري جدوجهد سان پائيدار ٿيندي آهي. شاگرد تحريڪون جڏهن مثبت ايجنڊا، واضح قيادت ۽ آئيني دائري ۾  جدوجهد ڪن ٿيون ته، اهي سماجي سڌارن جو ذريعو بڻجن ٿيون.  انھي ڪري چيو ويندو آھي، ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي !“

ڪردار جي تعمير ۽ تربيت جو سوال
حڪيم پريم چندواڻي
اڄوڪي دؤر جو سڀ کان وڏو الميو مادي وسيلن جي کوٽ تھ آھي، پر ان سان گڏوگڏ اخلاقي قدرن جو زوال پڻ آهي. اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، جتي چهرا ته انسانن جا آهن، پر انهن چهرن جي پويان ڪيئي روپ لڪيل آهن. جڏهن سماج ۾ سچائيءَ تي مصلحت جا پردا پئجي وڃن ۽ ماڻهو پنهنجي مفادن خاطر حق جو ساٿ ڇڏي ڏين، تڏهن منافقت جا پهاڙ کڙا ٿي ويندا آهن. اهي پهاڙ ڪنهن پٿر جا نه، پر ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ ٻيائيءَ جا هوندا آهن، جيڪي ترقيءَ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي بيهندا آهن.
منافقت: هڪ خاموش زهر:
منافقت اهڙو ناسور آهي جيڪو سماج جي بنيادن کي اڏوهيء وانگر کائي وڃي ٿو. جڏهن ماڻهو ٻاهران هڪ ۽ اندران ٻيو هجي، ته ان سان نه رڳو فرد جي شخصيت تباهه ٿئي ٿي، پر پوري معاشري جو اعتماد پڻ چور چور ٿي وڃي ٿو. اڄ اسان جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حلقن ۾ اهڙن پهاڙن جي گهٽتائي ناهي. اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن جو هڪ راڳ ڳائين ٿا ۽ رات جو پنهنجي مفادن لاءِ ٻيو سودو ڪن ٿا، اهي ئي اصل ۾ ان رستن جا روڙا آهن جن تان قومن کي گذرڻو هوندو آهي.
پهاڙن کي ٽوڙڻ جي ضرورت:
ڪنهن به منزل تي پهچڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳيان موجود رڪاوٽن کي هٽايو وڃي. منافقت جي انهن مٿانهن جبلن کي رڳو تقريرن يا دعائن سان نه، پر عملي جدوجهد ۽ ڪردار جي قوت سان ٽوڙي سگهجي ٿو. جڏهن هڪ فرد اهو فيصلو ڪري ٿو ته هو هر حال ۾ سچ جو ساٿ ڏيندو ۽ ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه ٿيندو، ته سمجهو ته هن ان جبل ۾ پهرين دراڙ وجهي ڇڏي آهي۔
ياد رکو! رستو اهي ئي ٺاهيندا آهن جيڪي پٿرن سان مٿو ٽڪرائڻ جو حوصلو رکندا آهن. جبل کي ڏسي واٽ بدلائڻ بزدلي آهي، پر جبل کي چيري پنهنجو رستو جوڙڻ ئي اصل بهادري ۽ زندگي آهي.
پنهنجو رستو جوڙڻ: نئين سفر جو آغاز:
اسان کي ڪنهن ٻئي جي انتظار ۾ ويهڻ بدران پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻو پوندو. اڄوڪو انسان ٻين تي تنقيد ته ڪري ٿو، پر پاڻ ان منافقت جي نظام جو حصو بڻيل آهي. پنهنجو رستو جوڙڻ جو مطلب آهي:
* ڪردار جي تعمير: پنهنجي قول ۽ فعل ۾ تضاد ختم ڪرڻ.
* خوف کان نجات: منافقن جي ٽولي کان ڌار ٿيڻ جو جرئت منداڻو فيصلو.
* اجتماعي مفاد: ذاتي مفادن تي اجتماعي ڀلائيءَ کي فوقيت ڏيڻ.
جڏهن اسان منافقت جا اهي پهاڙ ٽوڙي اڳيان وڌنداسين، تڏهن ئي هڪ اهڙو روشن رستو نظر ايندو جتي انصاف، سچائي ۽ انسانيت جي سوڀ هوندي. اهو رستو کڻي ڪيترو به ڪٺن ڇو نه هجي، پر ان جي منزل نهايت خوبصورت ۽ پائيدار آهي.
نتيجو :

وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پايون. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ نسل هڪ آزاد ۽ سچي ماحول ۾ ساهه کڻن، ته اسان کي اڄ ئي انهن منافقاڻن روين جي پهاڙن کي پاش پاش ڪرڻو پوندو. رستا اڳواٽ ٺهيل ناهن ملندا، رستا انهن لاءِ ٺهندا آهن جيڪي هلڻ جي جرئت ڪندا آهن. اچو ته عزم ڪريون ته اسان انهن رڪاوٽن کي هٽائي، هڪ اهڙي راهه ٺاهينداسين جيڪا سڌو سنئون ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏانهن وڃي ٿي.

سنڌي سماج کي اُڏھي جئيان کائيندڙ ذات پرستيءَ جو نفسياتي جائزو
مسعود ڏيپلائي
ذات پرستي ان دور جي نشاني آھي جڏھن انسان اڃان ترقي جون منزلون طئي ڪري رھيو ھو .ھڪ خاندان کي پنھنجي وجود بچائڻ ۽ جيوت لاء کاڌي حاصل ڪرڻ لاء جنگ جوٽڻي پوندي ھئي .پوء خاندان جا سمورا فرد ان جنگ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ وجود ۽ کاڌي لاء انھن کي خاندان جي حفاظت ڪرڻي پوندي ھئي .جڏھن خاندان کان وڌي  قبيلائي دور جي طرف قدم وڌيو جيڪو علائقي جي حفاظت يا قبائلي سردار جي حڪم موجب قبيلي جي اثاثن ،فردن ،عزتن جي حفاظت لاء جنگ جوٽڻي پوندي  ھئي .عصبيت، ذات پرستي ۽ قبیلائی عصبیت اسان جي سماج جو ھڪ ڇرڪائيندڙ سچ آھي .تازو ٿر ۾ ان  جو مظاھرو ڏسي چڪا آھيو ھي ھڪ اھڙو  هڪ سماجي معاملو  آهي جيڪو سڄي معاشري کي متاثر ڪري ٿو،
سنڌي سماج ۾ ان بابت پھاڪن ۾ جنھن ذات تي غيرت ڪون ايندي ان کي زال تي به ڪون ايندي .جيڪڏھن ڪو عام شخص ذات پرستي ڪري ته ان کي برداشت ڪري سگھجي ٿو پر پبلڪ پراپرٽي بنيل شخصيتون جھڙوڪ اسيمبلي ميمبر ،عوامي اڳواڻ ،وڪيل ،ڊاڪٽر ،استاد ،پروفيسرن سميت ٻيا سرڪاري عملدار ذات پرستي ڪندا ته پوء انصاف کي ڪيترو نه ڌڪ لڳندو پر  سنگتي ان کي باقاعده  حق سمجھي ڪن ٿا پنھنجي قبيلي ۽ ذات جو مختلف معاملن ۾ پاسو کڻڻ ٿا .
جيتوڻيڪ اسان وٽ  تعليم  ۾ واڌارو آيو آھي پر ان باوجود ھي نفسياتي مسئلا رھيا آھن
اڄ جي ھن مضمون ۾ ان ذھني بيماري جو نفسياتي جائزو وٺنداسين .
ذات پرستي (Casteism) ۽ قبائلي عصبيت انسان جا اھڙا رويا آھن  جيڪئ   بنيادي سماجي تعلق جا اهڙا پاسا آهن، جي صدين کان اسان جي سماجي جوڙجڪ تي ڇانيل ۽ اثرانداز ٿيندا  رهيا آهن.  نفسياتي طور تي، اهي رويا انسان جي اندروني مسئلن ۽ ٻاهرين سماجي دٻاءَ جو نتيجو آهن، جيڪي فرد کي گروهه جي دائري ۾ محدود ڪن ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جي  جديد دور ۾، جڏهن تعليم عام ٿي چڪي آهي، تڏهن به اهي رجحان پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ گهٽجڻ بدران، اڃا به مضبوط ٿيندا نظر اچن ٿا .
ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت جا بنيادي نفسياتي سبب جو جائزو ورتو آھي .ذات پرستي ۽ قبائليت جي روين جي پاڙ انسان جي فطري ۽ سماجي نفسيات ۾ لڪيل آهي. نفسياتي ماهرن موجب، هيٺيان  ٻه سبب اهم آهن:
1. سڃاڻپ ۽ تعلق جي نفسياتي ضرورت:
سماجي سڃاڻپ جو نظريو : انسان فِطري طرح سان پنهنجي  گروهه سان تعلق رکڻ چاهي ٿو. ذات يا قبيلو سڀ کان آسان ۽ تڪڙي سڃاڻپ جو سبب  بڻجي ٿو. گروهي تعلق  سان هڪ فرد کي پختو احساس ڏئي ٿو ته هو دنيا ۾ اڪيلو نه آهي ۽ کيس حفاظت ۽ مدد ميسر آهي.
عزتِ نفس جو تحفظ : ھر ماڻهو پنهنجي گروهه ياذت  کي وڌيڪ سٺو سمجهي ٿو ته جيئن پاڻ کي سٺو محسوس ڪري سگهي.جيڪڏھن ھو پنھنجي ذات کي برو سمجھندو ته ان جي پنھنجي عزت نفس مجروح ٿيندي
پنهنجي ذات يا قبيلي کي اتم ۽ اعلي سمجهڻ سان، فرد جي عزتِ نفس" کي هٿي ملي ٿي ۽ هو ٻين گروپن کي پاڻ کان  هيڻو۽ ڪمزور  سمجهي پاڻ کي مطمئن ڪري ٿو.
2. خوف ۽ عدم تحفظ:
  جڏهن فرد سماجي يا معاشي طور پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، تڏهن هو پنهنجي "سماجي حفاظت" جي لاءِ پنھنجي مضبوط گروهه سان جڙي رهي ٿو. قبائليت ۽ذات پرستي  جو جذبو هن "خوف" کي گهٽائڻ جو نفسياتي وسيلو آهي، ڇاڪاڻ ته گروهه جي گڏيل طاقت خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
3. سکيا ۽ سماجي ورثو:
جيڪي  ٻار  پنهنجي گهر ۽ ماحول ۾ ذات يا قبيلي جون  ڳالهيون ٻڌي ۽ ڏسي ٿا وڏا ٿين، اهي لاشعوري طور اهي رويا سکي وٺن ٿا. هيءَ روين جي سماجي سکيا ذهني طور تي هڪ مضبوط نقش قائم ڪري ٿي، جنهن کي مٽائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ھن وقت اھو ڪم واٽس ايپ ،فيس بوڪ ،ايڪس سميت سوشل ميڊيا جا ٽولز ڪري رھيا آھن .ٻارن ،نوجوانن ۾ ذات پرستيءَ قبيلائيت جو ٻج ڇٽڻ جي ڀرپور  ڪوشش ڪن ٿا.
گروهي فيصلا:  پنهنجي ذات يا قبيلي جي فيصلن تي بنا سوچ "ها" چوڻ سان گروهه ۾ جاءِ ملڻ جو اطمينان ٿئي ٿو، جنهن کي نفسيات جي ٽرم ۾  "موافقت جي ضرورت" (Need for Conformity) چئبو آهي.
پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ ذات پرستي ۽ قبائليت ڇو آھي ؟
تعليم جو مقصد فرد جي سوچ کي آزاد ۽ روشن ڪرڻ آهي، پر سنڌي سماج ۾ ڏٺو ويو آهي ته پڙهيل لکيل نوجوان به ذات پرستي ۽ قبائلي عصبيت جي چڪر ۾ گهڻو ڦاٿل آهن. ان جا سبب به گهڻو ڪري سماجي-نفسياتي آهن.
1. موقعن جي اڻاٺ  ۽ مقابلي جو رجحان:
  معاشي دٻاءُ: اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ باوجود جڏهن نوڪريون، داخلا يا ٻيا معاشي موقعا محدود ٿين ٿا، تڏهن نوجوان مايوس ٿي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾، ذات يا قبيلو هڪ "آخري سهارو" يا "شارٽ ڪٽ" بڻجي ٿو، جنهن جي وسيلي اهي پنهنجا جائز يا ناجائز حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنهنجي قبيلي جي اڳواڻ کي ووٽ ڏيڻ يا ذات جي بنياد تي حمايت ڪرڻ سان،  اھي محسوس ڪن ٿا ته سندن مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
2. ٻٽي  سڃاڻپ:
  تعليم ۽ عمل ۾ تضاد: نوجوان تعليم ذريعي برابري ۽ جديديت جا سبق پڙهن ٿا، پر عملي زندگيءَ ۾ کين پنهنجي خاندان ۽ سماج جي قديمي رواجن کي مڃڻو پوي ٿو. هن تضاد کان بچڻ لاءِ، هو هڪ "ٻهروپي سڃاڻپ" اختيار ڪن ٿا: يونيورسٽيءَ ۾ روشن خيال، پر گهر ۽ ڳوٺ ۾ قبائلي جيئن ھن وقت اوھان ڪميونسٽ ،لبرل ،قومپرست نوجوان  جيڪي زاھد شيخ جي شاعري زاھد ذاتين جا باغي سنڌي قوم جي جهمريون پائين .جن تربيتي سيشن ۾ وڏا ڊاڙ ھنيا.اھي به ذات پرستي جي لڙ ۾ لڙھي ويا.
  طاقت جي جوڙجڪ  سنڌ ۾ وڏيرڪو ۽ سرداري نظام تعليمي ادارن ۽ سرڪاري کاتن تي به اثر رکي ٿو. پڙهيل لکيل نوجوان جڏهن ڏسن ٿا ته، قابليت کان وڌيڪ ذات جي سفارش ڪم اچي ٿي، ته اهي به بچاءَ خاطر يا فائدو وٺڻ لاءِ ان نظام جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
3.پنھجيون  اندروني ڪمزوريون ۽ رهبري جو فقدان :
  تنقيدي سوچ جو فقدان: تعليم يافته هجڻ جي باوجود، گهڻا نوجوان تاريخ ۽ سماجي روين تي تنقيدي سوچ (Critical Thinking) استعمال نٿا ڪن. هو آسانيءَ سان پنهنجي بزرگن جي غير منطقي ذاتياتي دليلن کي قبول ڪري وٺن ٿا.قبائلي ماحول جي ڪري ھنن وٽ بزرگن سان مخالفت ڪرڻ جي طاقت ئي ناھي .
* سنجيده بحث ۽ راءِ جو گهٽجڻ: جيئن ته سول سوسائٽي ۽ مضبوط قومي ادار ا  آواز ڪمزور ٿيا آهن، قبائلي سوچ جي خلاف ڪو مضبوط ۽ متبادل عوامي راءِ موجود ناهي. ان ڪري نوجوانن کي لڳي ٿو ته، ذات پرستي سماج جو هڪ عام ۽ قبول ٿيل حصو آهي.ھو ان جي مخالفت ۾ ڪو محاذ نٿا ڏسن .
حل ۽ روين جو مٽجڻ: ذات پرستي ۽ قبائليت جي خاتمي لاءِ، رڳو قانوني يا سماجي سڌارا ڪافي نه آهن، پر نفسياتي سڌارن جي به ضرورت آهي.
تعليم جو مقصد بدلائڻ: تعليم کي صرف نوڪري ڏيڻ بدران، ان کي انساني برابري، تنقيدي سوچ ۽ همدردي جي جذبي کي وڌائڻ تي زور ڏيڻ گهرجي.
موقعن جي برابري: سماج ۾ جڏهن قابليت کي ذات کان وڌيڪ اهميت ملندي، ته نفسياتي طور تي نوجوان ذاتياتي تحفظ ڳولڻ بدران پنهنجي ذاتي صلاحيتن تي ڌيان ڏيندا.
مثبت رول ماڊلز: تعليم يافته ۽ بااثر شخصيتن کي ذات پرستي خلاف عوامي موقف وٺڻو پوندو ته جيئن نوجوان هڪ بهتر ۽ انسانيت تي ٻڌل سڃاڻپ اختيار ڪري سگهن ۽ اھڙا رول ماڊلز بنائڻا پوندا جيڪي ذات پرست نه ھجن .
حق ۽ انصاف جو نظام: جڏھن ملڪ ۾ عدالتي ۽ پوليس سميت ھر اداري ۾ انصاف جو نظام قائم ٿيو ته خودبخود ذات پرستي گھٽجي ويندي.

سياسي پارٽين جو ڪردار: جڏھن سياسي پارٽيون ذات جي گھڻائي بدران ڪارڪردگي يا ڪم جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏينديون ،مقامي وڏيرن ،جاگيردارن ۽ سردارن بدران سچن ڪارڪنن کي ترجيح ڏينديون ته، ضرور فرق پوندو .هر فرد ۽ خاص ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن کي  ان پنجوڙ کي ٽوڙڻ جي ذميواري کڻي، جيڪا کين ذات ۽ قبيلي جي محدود دائري ۾ قيد ڪري ٿي ۽ حقيقي ترقي ۽ انسانيت جي پيغام کان پري رکي ٿي. ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي .ھر پڙھيل لکيل نوجوان  تي فرض  آھي تھ سنڌ جي مستقل لاءِ  پنھنجو  ڪردار ادا ڪري..

امن جي ڌرتي، امن ٿي چاھي
شريف گل خاصخيلي
انساني تاريخ جو سڀ کان حسين خواب جيڪڏهن ڪو آهي ته، اهو امن ۽ محبت جو خواب آهي.۔ دنيا جي هر تهذيب، هر مذهب ۽ هر فڪر جي بنيادي تعليم انسانيت، ڀائيچاري ۽ سلامتي تي ٻڌل رهي آهي،۔  پر سوال اهو آهي ته، جڏهن هر فڪر جو بنياد امن تي آهي ته ،پوءِ دنيا ۾ افراتفري، نفرت، دهشت ۽ ٽڪراءُ ڇو وڌي رهيا آهن؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته، انسان پنهنجي اصل کان پري ٿي ويو آهي.۔ جڏهن انسان پنهنجي دل مان محبت جي روشني وڃائي ڇڏي ٿو، تڏهن سماج ۾ اوندهه پکڙجي وڃي ٿي، امن ۽ محبت جو سفر دراصل اندر کان شروع ٿيندو آهي۔. جيڪڏهن دل ۾ ڪينو، حسد، بغض ۽ خودغرضي موجود آهي ته، ٻاهر جي دنيا ۾ به ساڳيو عڪس نظر ايندو.۔ اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي اندر جي سڌاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
۔ تاريخ شاهد آهي ته، جن قومن اخلاق کي وساري ڇڏيو، اهي زوال جو شڪار ٿي ويون،۔ جڏهن معاشري ۾ انصاف ختم ٿئي ٿو، جڏهن سچ جي جاءِ تي ڪوڙ کي عزت ملي ٿي، جڏهن ايمانداري بدران فريب کي هوشياري سمجھيو وڃي ٿو، تڏهن سماج اندر کان ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ھر برائي جنم وٺي ٿي.
اسان جي معاشري ۾ موجودھ صورتحال ۾ نفرت جي باهه آهستي آهستي پکڙجي رهي آهي۔، سوشل ميڊيا هجي يا سياسي جلسا، هر هنڌ تلخي ۽ غير معياري ٻولي استعمال ٿئي ٿي، ماڻهو هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،۔ جڏهن برداشت ختم ٿئي ٿي ته، امن به رخصت ٿيو وڃي. ۔ 
سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي رهي آهي،۔ هتي هميشه محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ويو آهي،۔ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ انسان جو درس ڏنو،۔ سچل سرمست وحدت الوجود جو پيغام ڏئي، انسان کي هڪ ٻئي سان جوڙيو،۔ لال شهباز قلندر پڻ ساڳي واٽ ڏسي.

بزرگ اسان کي سيکارين ٿا ته، انسان جي سڃاڻپ سندس دل جي وسعت سان آهي، نه سندس ظاهري حيثيت سان.۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪريون ته، سماج مان نفرتون ختم ٿي سگهن ٿيون ۽ ۔ اسان کي گھرجي تھ سياسي شعور، سياسي توڙي سماجي  تعليم بابت  تربيت ڪريون تھ جئين اسان جي نوجوان ۾ شعور  پيدا ٿيا. ان سان گڏوگڏ اسان کي نوجوان جي  علمي قابليت لاءِ ڪي خاص  اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آھي. سياست جو مقصد اصل  عوام جي خدمت آهي، پر افسوس  سياست  کي مفادن جو ڪاروبار سمجھيو وڃي ٿو.   اسان  تي اھو فرض عائد ٿو ٿئي تھ،  پنھنجي وس آھر پنھنجي سماج لاءِ بھتر کان بھتر ڪم ڪريون ۽ پنھنجي سنڌ جي ماروئڙن جي  خدمت ڪريون.