DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content

عام معلومات

ڊجيٽل سنڌ ميگزين

لي مارڪيٽ جي بحاليءَ دوران قديم مجسما هٿ!

لي مارڪيٽ جي بحاليءَ دوران قديم مجسما هٿ! ڪراچي جي تاريخي علائقي اولڊ سٽي ايريا ۾ لي مارڪيٽ جي بحالي واري ڪم دوران آثارِ قديمه جي موجودگي سامهون آئي آهي، جتان ٻه قديم طرز جا مجسما ۽ تاريخي شيون برآمد ٿيون آهن. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته لي مارڪيٽ جي مرمت ۽ بحاليءَ جي عمل دوران هي تاريخي شيون هٿ آيون آهن، جن جي صداقت ۽ تاريخي حيثيت جانچڻ لاءِ آثارِ قديمه جي ماهرن کان باقاعده جاچ ڪرائي ويندي. ميئر ڪراچي موجب، برآمد ٿيل مجسمن جي عمر، تاريخي اهميت ۽ پسمنظر جو تعين ماهرن طرفان ڪيو ويندو. تاريخي ورثي کي بچائڻ ۽ ان جو رڪارڊ رکڻ لاءِ برآمد ٿيل سمورين شين جا مڪمل دستاويز پڻ تيار ڪيا پيا وڃن. هن واضح ڪيو ته لي مارڪيٽ مان ملندڙ شين کي مڪمل طور تي محفوظ ڪيو ويو آهي، ۽ ڪراچي ميٽروپوپليٽن ڪارپوريشن (KMC) شهر جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته برآمد ٿيل شين جو جديد سائنسي معائنو پڻ ڪرايو ويندو. تاريخي نوعيت جي هن اهم دريافت کانپوءِ سائيٽ تي اڳين کوٽائي جو ڪم وڌيڪ احتياط ۽ ذميواري سان جاري رکيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به قيمتي تاريخي ورثي کي نقصان نه پهچي.

عام معلومات

بنارس هندو يونيورسٽي جي سائنسدانن پنهنجي نوعيت جي پهرين جينوم (Genome) تحقيق ڪئي آهي

بنارس هندو يونيورسٽي جي سائنسدانن پنهنجي نوعيت جي پهرين جينوم (Genome) تحقيق ڪئي آهي. جنهن موجب جديد سنڌين جي 60 کان 66 سيڪڙو ڊي اين اي جو سڌو سنئون تعلق قديم سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان مليو آهي. هي ڪا معمولي تحقيق نه آهي. 7 لک 30 هزارن کان وڌيڪ ڊي اين اي مارڪر تجزئي هيٺ آندا ويا. هندستان ۽ پاڪستان جي 113 سنڌي ماڻهن جا جينياتي نمونا به شامل ڪيا ويا. جن کي مختلف آبادين مان لڳ ڀڳ 2,000 ماڻهن جي جينياتي ڊيٽا ڀيٽيو ويو. هي تحقيق بنارس هندو يونيورسٽي ۽ گجرات يونيورسٽي جي گڏيل سهڪار سان مڪمل ٿي. جيڪا Springer Nature جي جرنل Human Genetics ۾ شايع ٿي آهي. ورهاڱي سنڌي قوم کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ملڪ بدلجي ويا. چوڌاري ٻوليون بدلجي ويون. زندگيون بدلجي ويون. پر ڊي اين اي نه بدلي آهي. چاهي ڪو ماڻهو ڪراچي ۾ رهي يا ڪڇ ۾، اولهاس نگر ۾ هجي يا دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾، بنيادي جينياتي سڃاڻپ لڳ ڀڳ ساڳئي آهي. پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ويجهن مائٽن ۾ شادين جي روايت سبب انبريڊنگ (Inbreeding) جو تناسب وڌيڪ آهي. جڏهن ته هندستاني سنڌين ۾ ورهاڱي کان پوءِ ٻين برادرين ۾ شادين سبب انبريڊنگ جو تناسب گهٽجي رهيو آهي.

لي مارڪيٽ جي بحاليءَ دوران قديم مجسما
ڪراچي يونيورسٽي (جامعه ڪراچي) ۾ سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ ۽ واگذاري (خالي ڪرائڻ) جي نظام ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف: تفسيل موجب گهٽ ۾ گهٽ 72 مڪان ريٽائرڊ ملازمن، لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن

ڪراچي يونيورسٽي (جامعه ڪراچي) ۾ سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ ۽ واگذاري (خالي ڪرائڻ) جي نظام ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف: تفسيل موجب گهٽ ۾ گهٽ 72 مڪان ريٽائرڊ ملازمن، لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن

ڪراچي يونيورسٽي (جامعه ڪراچي) ۾ سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ ۽ واگذاري (خالي ڪرائڻ) جي نظام ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف: تفسيل موجب گهٽ ۾ گهٽ 72 مڪان ريٽائرڊ ملازمن، لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن، جڏهن ته فارن فيڪلٽي گيسٽ هائوس ۾ 2 ملازم ڪيترن ئي سالن کان رهائش پذير آهن، هڪ مڪان بيوروڪريٽ جي استعمال هيٺ آهي ۽ 3 مڪانن تي سڪيورٽي آفيسرن قبضو ڪري رکيو آهي.يونيورسٽي جي قاعدن موجب ملازم کي ريٽائرمنٽ کانپوءِ صرف هڪ سال تائين سرڪاري مڪان ۾ رهڻ جي اجازت هوندي آهي، پر دستياب سرڪاري فهرست مان ظاهر ٿئي ٿو ته درجنن کان وڌيڪ ماڻهو قانوني مدت ختم ٿيڻ جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ به مڪان خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪجهه ڪيسن ۾ غيرقانوني رهائش جي مدت 18 سالن کان وڌي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيترائي اڳوڻا پروفيسر ۽ آفيسر 9 کان 10 سالن کان غيرقانوني طور سرڪاري رهائش استعمال ڪري رهيا آهن.دستاويزن موجب ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽيٽ آفيس لاڳاپيل قبضاخورن کي مڪان خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آهن، پر اڪثر نوٽيس بي اثر ثابت ٿيا آهن. ٻئي طرف، حاضر سروس استاد، آفيسر ۽ ملازم رهائشگاهن جا منتظر آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته رهائشي ڪالوني جي ڪيترن ئي مڪانن ۾ بجلي ۽ گئس جا انفرادي ميٽر لڳل ناهن، جنهن ڪري استعمال ٿيندڙ بجلي ۽ گئس جو بوجھ سڌي ريت يونيورسٽي تي پئجي رهيو آهي. ڪجهه گهرن ۾ ڪيترائي ايئر ڪنڊيشنرز هلڻ جا اطلاع به آهن، پر يونيورسٽي انتظاميا اڃا تائين نه مڪمل انرجي آڊٽ ڪرايو آهي ۽ نه ئي غيرقانوني استعمال جا پئسا لاڳاپيل ماڻهن کان وصول ڪيا آهن.فهرست موجب اشفاق وارثي مڪان نمبر SD-46 ۾ 2007ع کان مقيم آهي ۽ سندس اجازت واري مدت 2008ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي، ان حساب سان هو تقريبن 18 سالن کان قانوني مدت ختم ٿيڻ باوجود مڪان استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو فهرست ۾ سڀ کان طويل غيرقانوني قيام آهي. فهرست ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جن جي هڪ سال واري مدت اڃا ختم ناهي ٿي يا تازو ئي ختم ٿي آهي، ان کان علاوه دستاويزن ۾ ڪجهه ڪيسن جي نوعيت مختلف آهي.

ڪهڙا ميوا ۽ ڀاڄيون هرگز فريج ۾ نه رکڻ گهرجن؟

گهرن ۾ عام خيال اهو هوندو آهي ته فريج ۾ رکيل هر شيءِ گهڻي عرصي تائين تازي رهندي، پر حقيقت ۾ ڪجهه ميوا، ڀاڄيون ۽ ٻيون کاڌي جون شيون فريج ۾ رکڻ سان وڌيڪ جلدي خراب ٿي وڃن ٿيون يا انهن جو ذائقو، خوشبو، بناوت ۽ غذائيت متاثر ٿي وڃي ٿي. هيٺ تفصيل سان ڄاڻ ڏجي ٿي. 1. ٽماٽا: ٽماٽن کي فريج ۾ رکڻ سان انهن جو قدرتي ذائقو ختم ٿي ويندو آهي ۽ انهن جي بناوت اٽي جهڙي يا نرم ٿي ويندي آهي. ٿڌي گرمي پد سبب ٽماٽن جي پچڻ جو عمل به رڪجي ويندو آهي. بهترين طريقو: ٽماٽن کي ڪمري جي گرمي پد تي ٽوڪري يا هوادار هنڌ تي رکو. 2. پٽاٽا: پٽاٽا فريج ۾ رکڻ سان ان ۾ موجود نشاستو جلدي کنڊ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جنهن سبب آلو مٺو لڳندو آهي ۽ پچائڻ وقت غيرمعمولي رنگ اختيار ڪري سگهي ٿو. بهترين طريقو: پٽاٽا ٿڌي، سڪي ۽ اونداهي جاءِ تي رکو، پر فريج ۾ نه. 3. بصر:فريج جي نمي سبب بصر نرم ٿي ويندو، ڦڦوند لڳي سگهي ٿي يا سڙي سگهي ٿو.بهترين طريقو: بصر کي سڪي، هوادار ۽ اونداهي هنڌ تي رکو. آلو سان گڏ نه رکو، ڇو ته ٻنهي مان نڪرندڙ گيسون خراب ٿيڻ جي رفتار وڌائين ٿيون. 4. ٿوم (لہسن): ٿوم کي فريج ۾ رکڻ سان اهو جلدي ڦڦوند جو شڪار ٿي سگهي ٿو يا ان مان سائي ٽاري نڪرڻ شروع ٿي سگهي ٿي. بهترين طريقو: سڪي ۽ هوادار جاءِ تي محفوظ ڪيو. 5. ڪيلا: فريج ۾ رکڻ سان ڪيلي جو کل ڪارو ٿي ويندو ۽ پچڻ جو عمل متاثر ٿيندو. بهترين طريقو: ڪمري جي گرمي پد تي رکو. جيڪڏهن تمام گهڻو پچي وڃي ته پوءِ ٿوري وقت لاءِ فريج ۾ رکي سگهجي ٿو. 6 تربوز: سڄو تربوز فريج ۾ رکڻ سان ان ۾ موجود ڪجهه اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ غذائي جزا گهٽجي سگهن ٿا. بهترين طريقو: سڄو تربوز ڪمري جي گرمي پد تي رکو. ڪٽڻ کان پوءِ فريج ۾ رکو. 7 خربوزو: سڄو خربوزو به ٻاهر رکڻ بهتر آهي، جڏهن ته ڪٽيل خربوزو فريج ۾ بند ڊبي ۾ رکڻ گهرجي. 8 واڱڻ: واڱڻ کي تمام ٿڌي ماحول ۾ رکڻ سان ان جو رنگ، ذائقو ۽ بناوت خراب ٿي ويندي آهي. 9 ماني (Bread)ماني فريج ۾ رکڻ سان جلدي سڪي ۽ سخت ٿي ويندي آهي. بهترين طريقو: ڪمري جي گرمي پد تي رکو. ڊگهي عرصي لاءِ محفوظ ڪرڻو هجي ته فريزر استعمال ڪريو. 10 ماکي: ماکي ڪڏهن به فريج ۾ نه رکو، ڇو ته اها ڪرسٽل جهڙي ٿي ويندي آهي. 11 ڪافي (Coffee)فريج ۾ رکڻ سان ڪافي ٻين شين جي بو جذب ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن سان ان جو اصل ذائقو خراب ٿي ويندو آهي. ڪهڙيون شيون فريج ۾ رکڻ ضروري آهن؟ هيٺ ڏنل شيون فريج ۾ رکڻ محفوظ ۽ ضروري آهي: کير ڏهي مکڻ پنير انڊا (گهڻن ملڪن ۾ سفارش ڪئي ويندي آهي) گوشت مڇي مرغي پچايل کاڌو سائي پنن واريون ڀاڄيون (جهڙوڪ پالڪ، ساوا) اسٽرابيري، انگور، بليوبيري ڪٽيل ميوا ميون مان نڪرندڙ "ايٿيلين" گيس کان خبردار ڪجهه ميوا، جهڙوڪ: ڪيلا صوف ناسپاتي انب ايواڪاڊو اهي ايٿيلين گيس خارج ڪندا آهن، جيڪا ويجهو رکيل ڀاڄين ۽ ٻين ميون کي جلدي پچائي ۽ خراب ڪري سگهي ٿي. تنهن ڪري انهن کي حساس ڀاڄين (جهڙوڪ پالڪ، بروڪلي، ڪڪڙي ۽ گوبي) کان الڳ رکو. نتيجو هر کاڌي جي شيءِ لاءِ فريج مناسب ناهي. ٽماٽا، آلو، بصر، ٿوم، ڪيلا، انب واڱڻ، ڪڪڙي، ماکي، ماني ۽ ڪافي جهڙيون شيون فريج ۾ رکڻ بدران مناسب ڪمري جي گرمي پد تي رکڻ وڌيڪ فائديمند آهي. جڏهن ته کير، گوشت، مڇي، ڏهي، پنير، سائي پنن واريون ڀاڄيون ۽ ڪٽيل ميوا هميشه فريج ۾ رکڻ گهرجن ته جيئن اهي محفوظ ۽ تازا رهن.

وينزويلا ۾ زلزلي جي تباهي: فوتين جو انگ 235 تائين پهچي ويو!

وينزويلا ۾ زلزلي جي تباهي: فوتين جو انگ 235 تائين پهچي ويو! وينزويلا جي اترئين علائقي ۾ گاديءَ واري شهر ڪاراڪاس جي ويجهو آيل ٻن طاقتور زلزلن کان پوءِ امدادي ٽيمون وقت سان مقابلو ڪندي ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي جيئرو ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات رليف ۽ بچاءَ جون ڪارروايون جاري رکيو ويٺيون آهن. هن هولناڪ قدرتي آفت سبب هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 235 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 4,300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته، جيئن جيئن وڌيڪ تباهه ٿيل علائقن تائين رسائي حاصل ٿيندي، تيئن فوتين جو انگ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي. زلزلو اربع ڏينهن شام 6:04 وڳي مقامي وقت (22:04 GMT) تي آيا، جڏهن سڄي ملڪ ۾ قومي موڪل هئڻ سبب گهڻا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ موجود هئا. آمريڪي جيالاجيڪل سروي موجب، پهريون زلزلو 7.2 ريڪٽر اسڪيل جي شدت وارو هو، جنهن کان هڪ منٽ کان به گهٽ وقت اندر 7.5 ريڪٽر اسڪيل جي وڌيڪ طاقتور زلزلي علائقي کي لوڏي ڇڏيو. ٻنهي زلزلن جا مرڪز زمين جي سطح جي ويجهو هجڻ ڪري وڏي پيماني تي تباهي آئي. سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل علائقن ۾ ڪاراڪاس ۽ سامونڊي رياست لا گوائرا شامل آهن، جتي ڪيترائي رهائشي ۽ تجارتي عمارتون زمين بوس ٿي ويون. ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن جون مدد لاءِ دانهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون، جڏهن ته امدادي ڪارڪن انتهائي ڏکين حالتن ۾ بچاءَ جون ڪارروايون جاري رکيو ويٺا هئا. هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي شهري آفٽر شاڪس ۽ وڌيڪ عمارتن جي ڊهڻ جي خوف سبب کليل آسمان هيٺ راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. وينزويلا جي قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز سڄي ملڪ ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان دوران قومي اسيمبلي جي صدر جورجي روڊريگيز چيو آهي ته، جيئن جيئن وڌيڪ متاثر علائقن تائين پهچ ممڪن ٿي رهي آهي، تيئن تيئن فوتين ۽ زخمين جو انگ وڌندو پيو وڃي. هن وڏي سانحي کان پوءِ عالمي برادري پڻ مدد لاءِ اڳتي اچي وئي آهي. ڪيترن ئي ملڪن امدادي سهڪار جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا 150 ملين ڊالرن جي هنگامي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي فوج جا ٽرانسپورٽ جهاز ۽ ٻيڙيون پڻ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۽ انساني امداد پهچائڻ لاءِ روانيون ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه، مختلف ملڪن جون امدادي ٽيمون ۽ عالمي امدادي تنظيمون به وينزويلا پهچي مقامي اختيارين سان گڏجي رليف جي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. زلزلي جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران وڌيڪ آفٽر شاڪس اچڻ جا امڪان موجود آهن، جيڪي اڳ ئي نقصان پهتل عمارتن لاءِ وڌيڪ خطرو بڻجي سگهن ٿا ۽ امدادي ڪاررواين کي به وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهن ٿا. ماهرن موجب هي ٻٽو زلزلو وينزويلا جي جديد تاريخ جي سڀ کان تباهه ڪندڙ قدرتي آفتن مان هڪ بڻجي چڪو آهي. ***

سنڌ جي مها راجا ڏاهر جو يادگار مجسمو تيار

اروڙ يونيورسٽي جي باشعور ۽ تاريخ دوست شاگردن مجسمو تيار ڪيو آھي، هي مجسمو نه رڳو تاريخي سڃاڻپ کي زنده ڪري ٿو، پر نئين نسل ۾ وطن سان محبت، بهادري ۽ تاريخي شعور پڻ پيدا ڪري ٿو.

سنڌ جي مها راجا ڏاهر جو يادگار مجسمو تيار

(ايف بي آر)

(ايف بي آر) سمورن رجسٽرڊ دڪانن کي هڪ هفتي جي اندر ايف بي آر جي نظام سان جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي تحت پوائنٽ آف سيلز مشين سان جڙيل سمورا ڪاروبار ايف بي آر سان جوڙيا ويندا. هوٽل، گيسٽ هائوس، ميرج هال ۽ ڪلبز تي به اهو نوٽيفڪيشن لاڳو ٿيندو. جڏهن ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽر، ڪوريئر ۽ ڪارگو سروسز به لازمي جوڙڻا پوندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بيوٽي پارلرز، اسلمنگ سينٽرز ۽ بيوٽي ڪلينڪس لازمي ايف بي آر سان رجسٽرڊ ڪرائڻا پوندا. پرائيويٽ ڪلينڪس، ڊينٽل ڪلينڪس ۽ پلاسٽڪ سرجنز جو ڪاروبار به ايف بي آر سان جوڙيو ويندو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ليبارٽريون، جانورن جا ڊاڪٽر، ڊائيگناسٽڪ سينٽرز، ايڪسري سينٽر، پرائيويٽ اسپتالون، پرائيويٽ ڪنسلٽنٽس، هيلٿ ڪيئر سروسز، هيلٿ ڪلبز، سوئمنگ پولز، فٽنس ڪلبز ۽ ملٽي پرپز ڪلبز کي به ٽيڪس نظام سان جڙڻو پوندو.

ايف بي آر

ڪڻڪ پاليسي، گهٽ سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ تي آءِ ايم ايف کي اعتراض

بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ڪڻڪ جي پاليسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ سپورٽ قيمت مقرر ڪرڻ تي اعتراض ڪيو آهي. وزارت خوراڪ جي ذريعن موجب، ڪڻڪ جي پاليسي جي منظوري کان پوءِ آءِ ايم ايف وزارت خوراڪ کي خط لکي پاليسي جي تفصيل طلب ڪئي. وزارت خوراڪ موجب آءِ ايم ايف جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، ڇو ته سپورٽ پرائس مقرر نه ڪئي وئي آهي، بلڪه هڪ اشاري (Indicative) قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. جواب ۾ ٻڌايو ويو ته اشاري قيمت آمريڪي بين الاقوامي سخت ڳاڙهي ڪڻڪ جي قيمت کي بنياد بڻائي مقرر ڪئي وئي آهي. وزارت خوراڪ جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جا اعتراض وزيراعظم هائوس سان پڻ شيئر ڪيا ويا آهن. آمريڪا ۾ سخت ڳاڙهي ڪڻڪ جي قيمت 238 ڊالر في ٽن آهي، جڏهن ته ڪراچي کان ملتان تائين درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ٽرانسپورٽ خرچن کي به شامل ڪيو ويو، جنهن مطابق قيمت جو اندازو لڳ ڀڳ 3,500 رپيا في من لڳايو ويو.

ڪڻڪ پاليسي

سنڌ ۾ ’برگر ڪپهه‘ جو عجيب اسڪينڊل بي نقاب

ڪپهه ۾ ملاوٽ جو حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي ٽنڊو آدم جي هڪ جننگ فيڪٽري تي الزام آهي ته اها اعليٰ معيار جي ڪپهه (لنٽ) ۾ ڪپهه جو فضلو ملائي هڪ اهڙي مصنوعي پيداوار تيار ڪري رهي هئي، جنهن کي صنعتي حلقن ۾ "برگر ڪپهه" سڏيو پيو وڃي. رائٽرز جي رپورٽ موجب پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن (PCGA) پاران غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ ٺهيل چار رڪني مانيٽرنگ ٽيم کي ڳجهو اطلاع مليو، جنهن تي ٽيم فيڪٽري تي اوچتو ڇاپو هنيو.

سنڌ ۾ برگر ڪپهه جو اسڪينڊل

ڀارت نيٽ فلڪس تي پاڪستاني ڊرامن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

ڀارت پاڪستاني ڊرامن تي غير اعلانيه پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن کي نيٽ فلڪس تي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني اداڪار ۽ ڳائڻي فرحان سعيد جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستاني مواد جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي ٿو، جنهن ڪري اتي پاڪستاني ڊرامن تي پابندي لڳائي پئي وڃي. فرحان سعيد موجب پاڪستان کي عالمي پليٽ فارمن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته نئين نسل وڏي شوق سان ڊراما ڏسندي آهي ۽ سرحد پار به پاڪستاني سيريل وڏي انگ ۾ ڳوليا ويندا آهن. اهو ياد رکڻ گهرجي ته هندستاني ناظرین پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا، ۽ ڪيترن ئي مشهور هندستاني فنڪارن ۽ شخصيتن پڻ پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي تعريف ڪئي آهي. ڪجهه هندستاني پروڊيوسرن پنهنجي پروڊڪشن هائوسز کي پاڪستاني طرز جي ڪهاڻين تي ڪم ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي.

ڀارت نيٽ فلڪس تي پاڪستاني ڊرامن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

نيپا چورنگي ويجهو مين هول ۾ ڪرڻ سبب ٽن سالن جي ابراهيم جي المناڪ موت

نيپا چورنگي ويجهو مين هول ۾ ڪرڻ سبب ٽن سالن جي ابراهيم جي المناڪ موت سڄي شوبز حلقي کي به غمگين ڪري ڇڏيو آهي. معصوم ابراهيم پنهنجي والدين سان گڏ شاپنگ لاءِ ٻاهر نڪتو هو، پر کليل گندي پاڻي جي مين هول ۾ ڪرڻ سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. 15 ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ سندس لاش مليو، جنهن کان پوءِ جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شوبز شخصيتن به هن افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي انتظاميا ۽ حڪمرانن جي نااهلي تي سوال اٿاريا آهن. اداڪار احسن خان لکيو ته اسان ٻارن کي بنيادي تحفظ به فراهم نه ڪري سگهياسين، جيڪو هر ٻار جو حق آهي. اداڪاره فاطمه آفندي اختيارين تي تنقيد ڪندي چيو ته چالانن ذريعي ڪروڙين رپيا گڏ ڪيا وڃن ٿا، پر روڊن تي مين هول جا ڍڪ لڳائڻ لاءِ قدم نٿا کنيا وڃن. ماهره خان ۽ سجل علي سميت ٻين فنڪارن پڻ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ٽن سالن جي ابراهيم جي المناڪ موت

ناديا خان کي پٽ سان گڏ ڊانس ڪرڻ مهانگو پئجي ويو

پاڪستاني سينئر اداڪارا ۽ ٽي وي هوسٽ ناديا خان کي پنهنجي پٽ سان گڏ هڪ هندستاني گاني تي ڊانس ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. ناديا خان تازو ئي پنهنجي خاندان سان گڏ هڪ مهندي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن خوبصورت نيرو لباس پهريو، جڏهن ته سندس پٽ ڪاري لباس ۾ نظر آيو. ناديا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ سان گڏ هندستاني گاني “سينوريتا” تي ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي. وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي صارفين کيس تنقيد جو نشانو بڻايو. ياد رهي ته تازو ئي ناديا خان ڳائڻي طلحه انجم تي هندستاني جهنڊو لهرائڻ بابت سخت تنقيد ڪئي هئي، جنهن سبب کيس عوام سان گڏ شوبز انڊسٽري جي فنڪارن کان به تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.

ناديا خان