موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

سنڌ ھميشھ  انھن شخصيتن سان محبت جو اظھار ڪيو آھي، جيڪي  سنڌ جي غريب ڏتڙيل ماڻھن جي دردن جا درمان رھيا آھن. سنڌ فيسبوڪ فرينڊ جي اھا روايت رھي آھي تھ جاکوڙيندڙ ڪردارن کي مانَ ڏيڻ لاءَ ھر سال ھڪ ايوارڊ پروگرم منعقد ڪري، سنڌ جي انھن باشعور وطن دوست  ۽ سنڌ جي ماڻھن جي مالي توڙي اخلاقي مدد ڪندڙ شخصيتن کي، بنا ڪنھن فرق جي ايواڊ  شيلڊ سان نوازيو ويندو آھي. ھر سال جئيان ھن سال بھ سنڌ فيسبوڪ فرينڊس جي ايوارڊ ڪميٽيءَ ھڪ مھيني جي ڳولا، جاچ پڙتال ۽ تصديق کان پوءِ ’والنٽيئر ايوارڊ-2025‘ لاءِ سڄي سنڌ مان 30 اھڙن جاکوڙي رضاڪارن جي چونڊ ڪئي آھي، جيڪي اھليت جي معيارن ۽ شرطن تي پورا لھن ٿا. سنڌ فيسبوڪ فرينڊس رضاڪارن جو ھڪ سٿ آھي، جيڪو گذريل ٻارھن سالن کان سنڌ ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ھن سٿ جو بنيادي مقصد سنڌي سماج لاءِ ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ رضاڪاريت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ پڻ آھي. انھيءَ مقصد تحت سنڌ فيسبوڪ فرينڊس پاران ھر سال ڊسمبر جي مھيني ۾ رضاڪارن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي ۽ انھن مخلص ۽ جاکوڙي رضاڪارن کي مڃتا ڏني ويندي آھي، جيڪي بنا ڪنھن غرض جي سنڌي ماڻھن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن. ھن سال جي ايوارڊ لسٽ ۾ شامل سڀني رضاڪارن کي مبارڪ ڏجي ٿي، اميد تھ ائين ئي سنڌ جي غريب ڏتڙيل ماڻھن جي مدد ڪندا رھندا!

پاڪستان جي پهرين ۽ اڪيلي نيشنل چائلڊ ليبر سروي، جيڪا 1996ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنھن مطابق تھ، سنڌ ۾ ٻارن جي مزدوريءَ جو تناسب ڪُل ٻارڙن جي آباديءَ جو 20.6 سيڪڙو ٻڌايو ويو هو۔
هاڻي هڪ نئين سروي پاڪستان جي ضمير کي جنجھوري ڇڏيو آهي. تازي رپورٽ آھي تھ:” سنڌ ۾ 16 لک کان وڌيڪ ٻار اڃا تائين جبري مزدوريءَ ۾ ڦاٿل آهن۔  اهي ٻار، جن جي عمر پنجن سالن کان به گهٽ آهي، گهرن، ورڪشاپن ۽ کيتن ۾ پگهر وهائين ٿا، اسڪولن ۽ ٻالڪپڻ کان پري آھن.“
سنڌ چائلڊ ليبر سروي 2022–2024، جيڪا سنڌ جي ليبر ڊپارٽمينٽ، يونيسيف ۽ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪئي وئي آهي، ان پنھنجي تازي رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو آھي ته سنڌ صوبي ۾ اڄ به 16 لک کان وڌيڪ ٻار مزدوريءَ ۾ ڦاٿل آهن۔ انهن مان اڪثر جي عمر 10 کان 17 سال آهي۔ سندن ٻالڪپڻ نه ته اسڪولن ۾ گذري ٿو ۽ نه ئي کيڏڻ جي ميدانن ۾، پر سُرهي مٽيءَ وارن کيتن، اونداهي ورڪشاپن، تنگ کاڌي جي جڳهن يا سج جي تپ ۾، جتي هو خطرناڪ اوزارن سان ڊگها ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا۔
اھي ٻار ڪئين  زندگي بسر ڪن ٿا، ڪھڙن مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا،  تنھن بابت واضح چيو ويو آھي  تھ،  کيتن ۾ ڪم ڪرڻ سان هٿن تي ڇالڙا، سرن کڻڻ سان پٺن جو سور، عام ماڻھن جا رويا، جتي اھي ڪنھن دڪان تي ڪم ڪن ٿا انھن مالڪن جا رويا ٻارن کي وڌيڪ ٿڪائي وجھن ٿا، طعنا، بدتميزي ۽ بي عزتي  مايوس ڪري ڇڏي ٿي. رپورٽ مطابق تھ  فقط 40.6 سيڪڙو ڪم ڪندڙ ٻار اسڪول وڃن ٿا، جڏهن ته جن ٻارن تي مزدوريءَ جو بار ناهي، انهن مان 70.5 سيڪڙو اسڪول ويندا آهن۔ ڇوڪريون وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون۔ 14 کان 17 سالن جي عمر واريون گهڻيون ڇوڪريون آھن، جيڪي ڏينھن ۾ لڳ ڀڳ 14 ڪلاڪ گهرن جو  ڪم ڪار ڪن ٿيون. نتيجي ۾ انھن ٻارن جي صحت، تعليم، سڪون ۽ سمورو مستقبل متاثر ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ ٻارن جي مزدوريءَ جو ڪُل ڪاٿو لڳائجي ٿو تھ ڏندي آگريون اچيو وڃن. اسين سنڌ جي ڪجھھ ضلعن جو ذڪر ڪريون جھڙوڪ، قمبر شهدادڪوٽ 30.8 سيڪڙو پهرين نمبر تي آهي، ان کان پوءِ ٿرپارڪر 29 سيڪڙو، شڪارپور 20.2 سيڪڙو ۽ ٽنڊو محمد خان 20.3 سيڪڙو،  سڀ کان گهٽ ڪراچي 2.38 سيڪڙو  آهي۔
هن مسئلي جو بنيادي ڪارڻ غربت آهي۔  جيڪي ٻار ھميشھ مشقت ۽ سماج ۾ اذيت جو شڪار رھن ٿا، سي غريب گھراڻي جا اڪثر يتيم ٻار ھجن ٿا، جن جي ڪو بھ پرگھور لھڻ وارو نھ ٿو ھجو. 
الميو اھو آهي، جو ٻارن جي مزدوري. موجوده انگن اکرن موجب، سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 16 لک ٻار پنهنجي معصوم عمر ۾ پڙهائي، راند ۽ سکيا بدران سخت محنت ۽ مشقت ۾ گذاري رهيا آهن. هي صورتحال نه رڳو انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پر سماج جي مستقبل لاءِ به هڪ وڏو خطرو آهي.
ٻارن جي مزدوري جا بنيادي سبب غربت، بي روزگاري، آبادي ۾ تيزي سان واڌ، تعليم جي کوٽ ۽ والدين جي لاعلمي آهن. ڪيترن غريب خاندانن لاءِ ٻار روزگار جو ذريعو بڻجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته والدين وٽ ٻيو ڪو وسيلو ناهي. نتيجي ۾ ٻار اسڪول وڃڻ بدران هوٽلن، ورڪشاپن، سرن جي ڀٽن، زرعي زمينن ۽ گهريلو ڪم ۾ لڳايا وڃن ٿا.
ٻارن جي مزدوري جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن. اهڙا ٻار جسماني ۽ ذهني طور ڪمزور ٿي وڃن ٿا. کين تعليم نه ملڻ سبب سندن سوچ محدود رهجي وڃي ٿي ۽ هو سماج ۾ سٺي حيثيت حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿا.  ڇاڪاڻ ته اڻ پڙهيل ٻار مستقبل ۾ به غريب رهجي وڃن ٿا.
حڪومت طرفان ٻارن جي مزدوري خلاف قانون ته موجود آهن، پر انهن تي صحيح نموني عمل نٿو ٿئي. اسڪولن جي کوٽ، استاد نه هجڻ ۽ تعليم جو مهانگو هجڻ به مسئلي کي وڌائي ٿو. جيڪڏهن تعليم هر ٻار تائين مفت ۽ آسان بڻائي وڃي، ته گهڻا ٻار مزدوري کان بچي سگهن ٿا.
سول سوسائٽي، ميڊيا، استاد ۽ والدين سڀني تي ذميواري آهي ته هو ٻارن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪن. ٻارن کي مزدوري بدران قلم، ڪتاب ۽ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته، اڄ جو ٻار سڀاڻي جو معمار آهي، ۽ جيڪڏهن اسان هنن 16 لک ٻارن کي اونداهي مان ڪڍي روشني ڏانهن نه آندو، ته سنڌ جو مستقبل به اونداهو ٿي سگهي ٿو.
نتيجو: ٻارن جي مزدوري سنڌ لاءِ هڪ سنجيده سماجي مسئلو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ گھرجن. تعليم، آگاهي ۽ قانون تي سخت عمل ذريعي ئي اسان هن الميي کي روڪي سگهون ٿا.۔

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ زال ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت هڪ اهم قانون منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت زال کي گهورڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ زال کي سندس مرضي کانسواءِ گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ کي به سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ وائلنس (پريوينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2026 منظور ڪيو ويو، جيڪو وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لاڳو هوندو.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ زال، ٻارن، گهر جي بزرگ فردن، هنج ورتل ٻارن، ٽرانسجينڊر ۽ گهر ۾ گڏ رهندڙ سڀني ماڻهن تي لاڳو ٿيندو.
قانون موجب، زال، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين فردن کي گاريون ڏيڻ، جذباتي يا نفسياتي طور تڪليف پهچائڻ به ڏوهه هوندو ۽ اهڙي ڏوهه ۾ ملوث فرد کي ٽن سالن تائين قيد ۽ هڪ لک رپين تائين ڏنڊ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ 2026 ۾ زال ۽ ٻارن کانسواءِ گهر ۾ موجود معذور يا بزرگ ماڻهن جو پيڇو ڪرڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، زال کي مرضي کانسواءِ گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رکڻ، گهر ڀاتين جي پرائيويسي يا ساک کي ڇيهو رسائن به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
ايڪٽ موجب، زال يا گهر ۾ رهندڙ ٻين فردن کي جسماني نقصان پهچائڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، گڏ رهندڙ ڪنهن به ڌر تي الزام لڳائڻ، زال، ٻارن يا ٻين گهر وارن جو خيال نه رکڻ به سزا جوڳو ڏوهه هوندو.
ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ ۾ جنسي استحصال سان گڏ معاشي استحصال کي به شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا قيد ڀوڳڻي پوندي.
قانون ۾ عدالتن کي شڪايتن تي ترت ٻڌڻي جو پابند بڻايو ويو آهي، جنهن تحت درخواست داخل ٿيڻ کان 7 ڏينهن اندر ٻڌڻي ۽ 90 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ لازمي هوندو.
قانون موجب، متاثر شخص کي گڏيل رهائش گاهه ۾ رهڻ جو حق حاصل هوندو، يا جوابدار کي متبادل رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوندو، يا متاثر فرد لاءِ شيلٽر هوم فراهم ڪيو ويندو. تشدد ڪندڙ شخص کي متاثر شخص کان پري رهڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويندا.

قانون موجب، گهريلو تشدد مان مراد جسماني، جذباتي، نفسياتي، جنسي ۽ معاشي بدسلوڪي آهي، جنهن سان متاثر شخص ۾ ڊپ پيدا ٿئي يا جسماني ۽ نفسياتي نقصان پهچي.

اڄ جو دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جتي انٽرنيٽ کان سواءِ زندگي اڌوري سمجهي وڃي ٿي. جيئن چوڻي آهي: “وقت سان گڏ نه هليو ته وقت توکي پوئتي ڇڏي ڏيندو.” شهرن ۾ رهندڙ ٻار هن وقت سان گڏ هلن ٿا، ڇاڪاڻ ته کين انٽرنيٽ جهڙي اهم سهولت آساني سان حاصل آهي.
شهرن جا ٻار انٽرنيٽ ذريعي آن لائين ڪلاس وٺن ٿا، تعليمي وڊيوز ڏسن ٿا، اي بڪ پڙهن ٿا ۽ دنيا جي نون علمي ذريعن سان ڳنڍيل رهن ٿا. اهي ٻار ڪمپيوٽر ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائين ٿا. سچ پچ ته، جنهن وٽ ڄاڻ آهي، تنهن وٽ طاقت آهي. شهرن جا ٻار هن طاقت مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن.
ان جي ابتڙ، ڳوٺاڻن علائقن جا ٻار اڃا تائين انٽرنيٽ جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نه ڪمپيوٽر آهن ۽ نه ئي آن لائين تعليم جا وسيلا. نتيجي طور اهي ٻار جديد تعليم کان پوئتي رهجي وڃن ٿا. جيئن چوڻي آهي: ”سهولت نه هجي ته صلاحيت به دٻجي وڃي.“ انٽرنيٽ نه هجڻ ڪري، ڳوٺاڻا ٻار پنهنجي قابليت هوندي به اڳتي وڌي نٿا سگهن.
هي فرق صرف تعليم تائين محدود ناهي، پر مستقبل جي نوڪرين ۽ ترقي جي موقعن تي به اثر وجهي ٿو. جيڪڏهن اڄ ڳوٺن جي ٻارن کي جديد وسيلا نه ڏنا ويا ته، سڀاڻي سماج ۾ عدم برابري وڌيڪ وڌندي، ڇاڪاڻ ته ”اڄ جو ٻار سڀاڻي جو معمار آهي.“
انهيءَ ڪري سنڌ حڪومت تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته، هر اسڪول ۾ انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ ڪمپيوٽرائزد ڪلاس قائم ڪيا وڃن. جڏهن ڳوٺن جي اسڪولن ۾ به جديد تعليم جا وسيلا هوندا ته اتي جا ٻار به شهرن جي ٻارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا. جيئن چيو وڃي ٿو: ”برابري جا موقعا ملن ته قسمت پاڻ ٺهي پوي.“

آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته انٽرنيٽ تعليم جو عيش نه، پر هڪ اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن اسان واقعي سنڌ کي ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا ته هر ٻار کي هڪ جهڙا تعليمي موقعا ڏيڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته ”علم جي روشني سان ئي اوندهه ختم ٿئي ٿي.“

​ڇا توهان کي خبر آهي ته، دنيا جا امير ترين ۽ طاقتور ترين ماڻهو هڪ اهڙي ٻيٽ تي ويندا هئا، جنهن کي "پيڊ و فا ئل آئلينڊ" (ٻارن سان جنسي زيادتي ڪندڙن جو ٻيٽ) چيو ويندو هو؟ اهو ٻيٽ جيفري ايپسٽين جي ملڪيت هو.
​جيفري ايپسٽين آمريڪا جي شهر بروڪلين ۾ رياضي جو هڪ استاد هو. عقيدي جي لحاظ کان يهودي ۽ نظرئي جي لحاظ کان صهيو ني هو. هن وٽ اوچتو ايتري بي پناھ دولت ڪٿان آئي، اها ڳالھھ ڪو به نٿو ڄاڻي.
​هو دنيا جي طاقتور ترين ماڻهن جو دوست هو. آمريڪي صدر، دنيا جا نامور سربراھ  ۽ وزيراعظم، برطانوي شاهي خاندان جا ميمبر، ارب پتي ڪاروباري شخصيتون ۽ ٻيا بااثر ماڻهو سندس دوستن جي دائري ۾ شامل هئا.
​ايپسٽين کي  پهريون ڀيرو 2008ع ۾ نابالغ ڇوڪرين جي جنسي اسمگلنگ جي ڏوھ ۾ سزا ٿي، پر هو هڪ ڊيل ذريعي جلد ٻاهر اچي ويو. 2019ع ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو  ۽ ڪيس هلڻ کان اڳ ئي هو جيل ۾ مري ويو، جنهن کي سرڪاري طور تي خودڪشي قرار ڏنو ويو  هر ڀيري سندس خاص سهولتڪارن کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن بچاءُ ناممڪن ٿي ويو ته کيس جيل ۾ ئي مارائي ڇڏيو ويو.
​مٿس الزام هو ته هو ويسٽ انڊيز ۾ واقع پنهنجي ٻيٽ 'لٽل سينٽ جيمز' ۾ هڪ عياشيءَ جو اڏو هلائيندو هو، جتي دنيا جا  بااثر ۽ امير ماڻهن کي ٻارهن کان ارڙهن سالن جي وچ ۾ ننڍيون ڇوڪريون عياشيءَ لاءِ مهيا ڪيون وينديون هيون، هو انهن بااثر ماڻهن جون وڊيوز ٺاهيندو هو ۽ بعد ۾ کين بليڪ ميل ڪندو هو.
​سالن  جي دٻاءُکانپوءِ سال 2024ع ۾ عدالتي حڪم تي انهن دستاويزن جو هڪ حصو ليڪ ڪيو ويو   ۽ ان جو ٻيو حصو تازو ئي ليڪ ٿيو آهي، پر اهو انهن فائلن جو رڳو هڪ حصو آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. ايپسٽين سان لاڳاپن ۾ ڪيترين ئي اهم شخصيتن جا نالا اچي رهيا آهن، جن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ، بل ڪلنٽن، برطانوي شهزادو اينڊريو ۽ اسٽيفن هاڪنگ جا نالا سر فهرست آهن.
​تازن دستاويزن ۾ عرب رياستن جي شاهي خاندانن جا ميمبر، نريندر مودي ۽ ٻين جا نالا به سامهون آيا آهن.  نريندر مودي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته، هن جيفري ايپسٽين جي چوڻ تي اسرائيل جي هڪ دوري دوران گانو ڳائي ۽ ناچ ڪري ڊونالڊ ٽرمپ کي خوش ڪيو  ڪانگریس ۽ ٻيون اپوزيشن پارٽيون موديءَ کان ان ملاقات جا تفصيل پڇي رهيون آهن ته، کيس ٽرمپ کي خوش ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
​انهن فائلن ۾ موجود هر ڪردار بابت اهو نٿو چئي سگهجي ته، اهو لازمي طور تي ان ٻيٽ واري عياشيءَ واري اڏي تي ويندو رهيو هوندو. جيفري ايپسٽين هڪ بااثر شخص هو، جنهن جا آمريڪي صدرن سان ويجها لاڳاپا هئا، تنهنڪري هر ماڻهو سندس ذريعي بااثر شخصيتن جو قرب حاصل ڪرڻ چاهيندو هو. پر هو ايترو بدنام هو، جو ساڻس رڳو رابطو به اسڪينڊل بڻجڻ جو سبب بڻجي رهيو هو.۔
​اهي فائلون اڃا رڳو شروعات آهن، ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته، اڃا ڪيترائي "وڏا چهرا" بي نقاب ٿيڻ باقي آهن. ان ۾ سڀ کان وڏو نالو ڊونالڊ ٽرمپ جو آهي، جنهن جي جيفري ايپسٽين سان ويهن سالن جي دوستي رهي آهي.
جيتوڻيڪ ٽرمپ انهن فائلن جي ليڪ ٿيڻ جو الزام باراڪ اوباما تي لڳائي ٿو،  پر اوباما جي دور ۾ ايپسٽين جي اها جرت نه هئي ته هو وائيٽ هائوس جو چڪر لڳائي سگهي.
​ ايپسٽين جو ڪردار هڪ 'هينڊلر' طور نظر اچي ٿو، جيڪو صهيوني مفادن لاءِ عالمي اسٽيبلشمينٽ کي ڪنٽرول ڪندو هو جن ماڻهن جون ناپسنديده تصويرون ۽ وڊيوز ايپسٽين وٽ هيون،  اهي ڪڏهن به ا سرائيل جي خلاف سخت ۽ اصولي موقف اختيار نٿا ڪري سگهن  ايپسٽين جا مو سا د ۽ ا سر ا ئيلي شخصيتن جهڙوڪ ا يهود بار اڪ وغيره سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا.
​هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ جيڪو ڪجھھ به وچ اوڀر (Middle East) ۾ ڪري رهيو آهي، اهو ڪنهن نارمل ماڻهوءَ جو عمل ناهي،  اهو بلڪل واضح آهي ته، کيس ڪو ٻيو ڪنٽرول ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪو ڪم ٻيا نه ڪري سگهيا،  اهو ڪم هن جي ذريعي ڪرايو پيو وڃي.