ڪنڌڪوٽ سنڌو درياهه مان جلال پور ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي(SUP) جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي گهنٽا گهر کان شروع ٿي پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ تائين پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌو درياهه سان يڪجهتي ۽ ڪئنال منصوبي خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاجي ريلي جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي صدر ظريت ساگر بجاراڻي، شهنواز مرهيٽو، ۽ ٻين ڪئي. چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ماحولياتي نظام لاءِ حياتيءَ جي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا سنڌ جي پاڻي جي حقن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته اهڙن منصوبن تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي پاڻي جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.