DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content


ڊجيٽل سنڌ ميگزين سٿ


HABIB JATOI

Chief  Editor of  Digital Sindh Magazine 

INAM JATOI

Editor of  Digital Sindh Magazine

MAZHAR SHAH 

Deputy Editor of  Digital Sindh Magazine

TABASSUM BAAT

Deputy Editor of  Digital Sindh Magazine

DR.ALI  JAN  BURIRO

Sub Editor of  Digital Sindh Magazine

ISHFAQUE SABZOI

Sub Editor of  Digital Sindh Magazine

NAJEEB UR REHMAN

Graphic Designer  & Web Designer of  Digital Sindh Magazine

انعام جتوئي
ڊجيٽل سنڌ ميگزين ٽيم

انعام جتوئي

ايڊيٽر ڊجيٽل سنڌ ميگزين

انعام جتوئي پهرين ڊسمبر 1991ع تي خيرپورميرس جي ننڍڙي ڳوٺ ڄام جتوئي ۾ پيدا ٿيو۔ پاڻ ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي۔ گريجوئيشن ۽ ايم اي سنڌي جو امتحان ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين۔ انعام کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو آهي۔ سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن۔ سوڀ، عوامي آواز، خبرون ۽ ٻين اخبارن ۾ 2014ع کان لکندو پيو اچي۔ انعام هڪ بهترين ليکڪ, شاعر ۽ بهترين ڪهاڻيڪار آهي، سندس مختصر ڪهاڻين جا ڪلائيمڪس ڪمال جا هجن ٿا، سندس بهترين ڪهاڻين مان درد جي به تصوير ٿئي ٿي!، مٺائي، ضمير ته آهي نه، هاڻ جبل ڀي! وغيره شاندار ڪهاڻيون شامل آهن۔ انعام جتوئي جي ڪهاڻين جو مڪمل مجموعو “درد جي به تصوير ٿئي ٿي!” اڻڇپيل آهي، مستقبل ۾ جنهن کي شايع ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو۔ انعام کي شاعري سان بيحد لڳاء آهي، پاڻ 2020ع ۾ ڪتاب“ سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي!” (سوانح ) سنڌ جي جديد شاعرن تي لکيل مقالن جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌ سلامت ويبسائيٽ تي پڻ پڌرو ٿي چڪو آهي۔ انعام جتوئي ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي۔ آواز ٽي وي نيوز سيڪشن ۾ ڪمپوزر، ڌرتي ٽي وي انٽرٽينمينٽ شعبي ۾ سب ايڊيٽر، ماهوار پرهه ميگزين ۾ ڪمپوزر پروف ريڊر، سوڀ اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن۔ انعام جتوئي پيشي جي لحاظ کان صحت جي شعبي ۾ پروگرام ڊيٽا اسسٽنٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔

اشفاق سبزوئي
ڊجيٽل سنڌ ميگزين ٽيم

اشفاق سبزوئي

سب ايڊيٽر ڊجيٽل سنڌ ميگزين

اشفاق سبزوئي جو جنم سنڌ جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان هيلٿ شعبي ۾ ڪائونسلر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. شاگردي جي دور ۾ سماجي ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ سرگرم رهيو ۽ سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. سماجي ڀلائي ۽ انسانيت جي خدمت سندس شخصيت جو اهم پهلو آهي. هو گذريل ٻارهن سالن کان "سنڌ فيسبوڪ فرينڊس" رضاڪاراڻي گروپ سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت ميڊيڪل ڪيمپن، راشن جي ورهاست، هينڊ پمپن جي تنصيب ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ادب سان خاص لڳاءُ رکندڙ اشفاق سبزوئي کي شعر و شاعري، سوانح عمري پڙهڻ ۾ گهري دلچسپي آهي. راندين ۾ ڪرڪيٽ ۽ فٽبال سندس پسنديده مشغلا آهن. ان کان علاوه سير و تفريح ۽ تاريخي ماڳن جي گهمڻ ڦرڻ جو پڻ شوق رکي ٿو.

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
ڊجيٽل سنڌ ميگزين ٽيم

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

سب ايڊيٽر ڊجيٽل سنڌ ميگزين

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو ولد محمد خان ٻرڙو جو جنم 03/02/1982 تي لياري، ڪراچي، سنڌ، پاڪستان ۾ ٿيو۔ هن اعليٰ تعليم حاصل ڪندي سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔ پاڻ علمي، ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ هڪ سڃاتل نالو آهن ۽ تعليم، تحقيق توڙي سماجي ڀلائي جي شعبن سان لاڳاپيل رهيا آهن۔ ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو فيڊرل اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ 2009 کان 2015 تائين ڪانٽريڪٽ ليڪچرار طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته 2023ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڻ ڪم ڪيو۔ ان کان علاوه، دي ايجوڪيٽر (A Project of Beaconhouse) جي هيڊ آفيس ۾ 2016 کان 2024 تائين سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور خدمتون انجام ڏنيون۔ 2024 کان پوءِ پاڻ سنڌ حڪومت ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن۔ تحقيق ۽ صحافت جي شعبي ۾ پڻ سندن خدمتون نمايان آهن۔ پاڻ “ڪارونجهر ريسرچ جرنل” ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪا آهن۔ ادبي حوالي سان ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن جا ميمبر پڻ آهن ۽ سنڌي ادب، تحقيق، لکڻ پڙهڻ ۽ علمي سرگرمين سان گهري دلچسپي رکن ٿا۔ شاگردي جي دور کان ئي سماجي ۽ علمي سرگرمين ۾ سرگرم رهيا آهن۔ تعليم جي واڌاري، نوجوانن جي تربيت، سماجي سجاڳي ۽ فلاحي ڪمن ۾ سندن ڪردار نمايان رهيو آهي۔ سندن شخصيت علم، اخلاق، خدمت ۽ انسان دوستي جي جذبن سان سڃاتي وڃي ٿي۔

نجيب الرحمان
ڊجيٽل سنڌ ميگزين ٽيم

نجيب الرحمان

گرافڪ ڊزائنر ۽ ويب ڊزائنر ويبسائيٽ مينجمينٽ

نجيب الرحمان جو جنم 23 فيبروري 1993ع تي خيرپور ضلعي جي شهر گمبٽ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان ۽ ميٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان ڪراچي مان پاس ڪيو, جڏهن ته گريجوئيشن ڪرڻ کان پوء مسلسل Technology (IT) جي فيلڊ سان وابسته آهي۔ هن کي ايڪامرس منيجمينٽ جي شعبي ۾ 3 سالن جو تجربو حاصل آهي، جتي هن شوفيفاءِ ۽ دراز جهڙين آن لائين واپاري پليٽ فارمن جي انتظامي ذميوارين کي سنڀاليندو رهيو آهي۔ تنهن کان علاوه هن ڪيترن ئي انشورنس ڪمپنين ۾ رڪارڊ اسسٽنٽ ايڊمنسٽيشن طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن۔ پاڻ هن وقت ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو ويب ڊزائنر, گرافڪ ڊزائنر ۽ مينجمينٽ جو مک حصو آهي۔ نجيب الرحمان ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي آنلائين ويبسائيٽ ۽ ايپ کي آپريٽ ڪندڙ واحد باصلاحيت نوجوان آهي۔ نجيب ويب سائيٽ جي انتظام، مواد جي ترتيب، ٽيڪنيڪل سنڀال ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادب سان خاص دلچسپي رکي ٿو سندس مقصد جديد ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ذريعي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو.