درٻار جي خاص ٽپالي، درٻار ۾ حاضر ٿي جهڪي لکنوي انداز ۾ فرشي سلام ڪري، ٽپال مير درٻار سرائي حوالي ڪئي ته سرائي ٽپاليءَ کي ھٿ اشاري سان وڃڻ جو چئي، ٽپال کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو. سمجهه ۾ نه آيس، ته سرائي ٽپال اڳئين ڏي وڌائي ۽ اڳئين وري ڏسڻ بنا وات ۽ اکين کي نه سمجهڻ وارو اشارو ڪري، اڳئين درٻاريءَ ڏي وڌائي. ائين ٽپال کي پير لڳي ويا. ھڪ کان ٻئي ڏي وڌندي وڌندي، آخر سڀ کان وڌيڪ پڙھيل درٻاريءَ وٽ پھتي، جيڪو عربي، فارسيءَ سان گڏوگڏ انگريزيءَ جو به اوتروئي ڄاڻو ھو. جنھن رڙ ڪري درٻارين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو:
“تعظيم ٿيوي والي رياست سائين دا ٽيليگرام ھي. ولائتي پجن صاحب لاھور تون والي رياست سائين دا مھمان ٿيوڻ پيا آندا ھي. استقبال ديان تياريان ٿيون.“
شھر سڃي ۾ منادي ٿي وئي. اوسي پاسي جي منھن دارن ڏي نياپا ٿي ويا. اٺ گهوڙا ۽ ھاٿيون سينگارجڻ شروع ٿي ويون. ھڪ ھڪ پلٽُن تيارين ۾ لڳي وئي.
منھن دارن رستي رستي چونڪ چونڪ تي استقبالي محرابون ۽ دروازا لڳرايا ته جيئن مھمان پجن صاحب جي عزت افضائيءَ سان گڏ ھن تي والي رياست جي شان ۽ دٻ دٻي جو اثر پوي، ته والي رياست ڪيترو نه هر دل عزيز آ، پنھنجي رعيت ۾...!
ھي سڀ انتظام ٿي رھيا ھا، والي رياست جي غير موجودگيءَ ۾، گڏ ولائتي صاحب لاءِ علحده محل سينگارجي تيار ٿي رھيو ھو ته جيسيتائين ميرِ رياست اچي، تيسيتائين ولائتي صاحب جي آرام ۾ ڪا ڪسر نه رھجي وڃي، ان لاءِ ھي سڀ کيٽ کڙي رھيو ھو.
اسان جو خطو خاص وطن عزيز، ھرنعمت سان مالامال سنڌ دنيا جو آخري خطو آھي، جنھن ۾ رڳو عاشق حڪمران پيدا ٿيندا آھن.
جھڙي طرح ٿري بادشاھه عمر سومرو، حڪمران گهراڻي روپا ماڙيءَ جي شھزادي مومل، ٺٽي ننگر جو بادشاھه ڄام تماچي ۽ اھڙي طرح رياست جو والي ڀي .جنھن جي غير موجودگيءَ ۾ سندس مھمان جي آمد سبب ھي انتظام ٿي رھيا ھا. جو والي رياست پنھنجا سردار ۽ خاص درٻاري ساڻ ڪري پنھنجي محبوبا وٽ لنگهي ويو ھو ميڙ وٺي، ريل ڀري ريجهائڻ لاھور ۽ مھينا ڪيمپون لڳائي ويٺا ھا انتظام ۾. جڏھين وڃي شرف باريابي ۽ محبت جو اقرار ٿئي. ان لاءِ ڪيئي ڀيرا سنڌي ميان مير ۽ داتا درٻار جي صاحب گدي نشينن وٽ اُميد برآوار ٿيڻ لاءِ دعائن ۽ دوائن واسطي مُٺيون به گرم ڪندا ھا. ائين ھر ڪنھن جون مُٺيون گرم ڪندي ڪندي خزانو مٺ ۾ واري داڻن وانگر ڪڻو ڪڻو ٿي کِسڪي ويو ته حڪم جي بجاءِ آوري ڪندي، باقي پرڳڻن کي حڪم به ته تاڪيد به ڪيو ھو، حصي جو محصول جمع ڪرڻ جو. خاص ويجهي خوشحال پرڳڻي لاڙڪاڻي کي.
ھڪ بي وسي ۽ ھيجاني ڪيفيت جو عالم ھو واليءَ تي. ھڪ ته ڌاريو ديس مٿان عشق جا اُلا، ھجي ھا پنھنجو ديس ته انڪار جو مطلب موت يا ڪوٽ تي چاڙھيو وڃي ھا انڪاريءَ
خوشيءَ ۾ ٻين قيدين کي مڪت ڪري ان جهور پوڙھي کي ڏاڏي سائينءَ جي ٻلي کي لڪڻ ھڻڻ جي آيل سزا ۾ اھو چئي قلعي تي رھڻ ڏنو ھو ته:
“اي ڏاڏي سائين دي نشاني ھي، اٿا سھڻا لڳندا پي.!”
پر ھي ته ديارِ غير، انهن جا قاعدا قانون پنھنجا. مٿان وري عشق ۽ محبوبن جا ماڻا ته راھون رولي ڇڏيندا آھن. ائين راھن ۾ رلي مھينن جا مھينا ديارِ غير ۾ بي يارو مددگار رياست جا وھنوار ٻين حوالي ڪري گلم جي توبچين جي فوج ساڻ ڪري، انتظار پيا ڪن، عشق جي اقرار ۽ گڏ ھلڻ جو. نه ته ساڳي نسل جا ساڳيا ماڻهو والي رياست جي علائقي ۾ رھڻ دوران گڏ ٿي شام جو سرائيءَ جون مُٺيون گرم ڪري والي رياست جي خانگي ھيڪلائي واري اوطاق ۾ سلام ڪرڻ آيا ھا.
والي رياست اوطاق جي ٿلهي تي تيلي ٻوڙ گهاٽو ڪونڊو چاڙھيون، سوچن ۾ ٻڏو ويٺو ھو ته جٿو در لنگهي جهڪي فرشي سلام ڪندي اڳتي وڌيو ته والي رياست جا نشا ئي ھرڻ ٿي ويا. ھڪل ڪري سرائيءَ کان پڇيائين:
“انهان غريبان تي ڪنھن ظلم ڪيتائي جو منھن مٿا پئي پٽِندي هن...!؟”
سرائي ھٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو:
“قبلا سائين! انهان تي ڪنھن به ظلم نھين ڪيتا. اي تُسان ڪُون فرشي سلام پيش پي ڪريندين.”
واليءَ کان رڙ نڪري وئي ھئي ،چوڻ لڳو:
”واهه دي عجيب ڀيڻ دي چ.... ھي ڪڍو ڀيڻ دي ته ......نون، ھان ڦاڙگهتيا ھنين ڪٿان...!”
اڄ انهن ماڻهن جي ماڻن ڪري اسٽيشن ڀر خيما کوڙيون پي انتظار ڪيو ۽ ھيڏي وري مھمان جي اچڻ جو انتظار پي ٿيو. آخر اھو ڏينھن به اچي پھتو، انتظار ختم ٿيڻ جو.
ريل جو پليٽ فارم رنگ ڀرنگي ڳاڙھين ساوين ۽ڦ جهنڊين سان ٻھڪي رھيو ھو. پليٽ فارم تي صف بندي ڪئي وئي ھئي. پھرين صف ۾ درٻار جا سرائي ۽ تر جا سردار وڏا پڳڙ ٻڌيون، تولا تولا آفيم جا ھضم ڪيون منجهند کان مياڻن ۾ تلوارون لڙڪايون بيٺا ھا. ٻي صف ۾ نچڻيون دھل شرناين تي جهمريون ھڻي رھيو ھيون ۽ سھرا، لاڏا ۽ ڳيچ ڳائي رھيون ھيون ميزبان ۽ ايندڙ مھمان جا. آخر صف ۾ سپاھي، محافظن ۽ جوابدار ھا.
باقي ھو لٺ راڄ، جيڪو ميرِ رياست ۽ مھمان لاءِ زندھه باد جا نعرا ھڻي رھيو ھو. ريل گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي ته ڄاڃين ۾ ولولو اچي ويو. دھل جي ٿاڦ تي نچڻ ۽ سھرن سان گڏ عوام ۾ نعرن جا ھوڪرا پئجي رھيا ھا.
مرحبائي نعرن ۽ ڌڙڪندڙ دلين سان ولائتي پجن صاحب جي ھيٺ لھڻ جو بي صبريءَ سان ھو انتظار.
نيٺ ايس.ٽي ظاھر ٿيو. ايس.ٽي اسٽيشن ماسٽر کان ۽ اسٽيشن ماسٽر ميرِ رياست جي منھن دار سرائيءَ کان ڪاغذن تي آڳوٺا ھڻائي ڪبوترن سان ڀريل پڃرو حوالي ڪري، اپس.ٽي سيٽي ھڻي انجڻ جي ڊرائيور کي سائي جهنڊي ڏيکاري ته گاڏي ڪو ڪون ڪندي ڏکڻ طرف ڪراچي پاسي رڙھندي اکين کان اوجهل ٿي وئي.
ذهني اذيت ۽ جسماني ٽارچر کان پوءِ....منهن ۾ ڌڪ هڻندي طنزيه انداز ۾ صوبيدار پڇيس:
” ها ڙي ڪتي جا.......ڏي خبر ٻني گهڻي اٿئي؟“
تشدد ايترو ته گهرو ۽ گهڻو ٿيل هئس جو ڪنن مان به رت پئي ڳڙيس ۽ صوبيدار جو آواز سمجهه ۾ ئي نه آيس. فقط ڏٺائين ۽ هڪ ڀيرو صوبيدار ڏانهن نهاري اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
صوبيدار ڪاوڙ ۾ سيني ۾ لت هڻندي ٻيهر پڇيو:
”اڙي ڪتي جا..... ٻني گهڻي اٿئي؟
سيني تي لت لڳي ته تارا ڄڻ ٻاهر آيس ۽ رڙنڪري ويس....”ابا ڙي “
صوبيدار طنزيه انداز ۾.....” ها هاڻ ٻڌاءِ، جيڪو پڇاءِ نه ته کل لاهي ڇڏيندوسانءَ، ٻني گهڻي اٿئي؟“
کنگندي، تڪليف کي شدت سان محسوس ڪندي وراڻيائين:
”هڪ جريب به نه“
”پوءِ ڙي.... سوئر ڇو پيو بڪواس ڪرين، اٿئي ته جريب به نه ڪتي جا.....“
خاموش رهيو!...ڪونه ڪڇيائين، جهڙوڪ ڀت!
ٿوري دير کان پوءِ... وري لت سيني ۾ لڳي ته کنگ سان گڏوگڏ منهن مان خون اچي ويس.... صوبيدار روبدار آواز ۾.....
” ٻڌاءِ؟“
سَند سَند سور ڪرڻ لڳس، ائين محسوس ڪيائين ته اڄ جسم کي ڪنهن ڪوري ڪپي ڇڏيو هجي.
هٻڪندي سور کي محسوس ڪندي، ڏکاري لهجي ۾ وراڻيائين:
”صوبيدار بلڪل ٻني ته ناهي، پر ضمير ته آهي نه!“
جئين ئي آواز صوبيدار جي ڪنن تي پهتو ته سندس پوري جسم کي ڄڻ باهه وڪوڙي وئي. نوجوان تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري ڇڏيائين ۽ فورن سپاهن کي رڙ ڪندي چيائين:
”هن سوئر جي اهڙي دعوت ڪيو، اهڙي جو هن مان ضمير وارو جن نڪري وڃي!“
سپاهي يڪدم ڳاڙهيون اکيون ڪندي، نوجوان متان وسي پيا!
ٽريزري آفيس جي ورانڊي ۾ جهور پوڙهي بيواه ڪيترن ئي سالن کان آفيس جا چڪر ڪاٽيندي بيزار ٿي پئي هئي. سندس اڃايل اکين ۾ هڪ ئي سوال هو تـ کيس ”مرحيات مڙس جي پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان ڪيترا چڪر ڪاٽڻا پوندا؟“
پوڙهي عورت جي ڏڪندڙ هٿن ۾ فائل جو وزن ايترو ته گهڻو محسوس ٿيندو هو جهڙوڪ هڪ هڪ آفيسر جي صحيح مَڻن جي برابر هئي! هوءَ پنهنجي بيوسي ڪلارڪن آڏو ظاهر ڪري هاڻ ته ڪنهن ڀتر جئين ڀري چور چور ٿي پئي هئي!
پيڙاءُ، ڏک ۽ غربت جي ڏائڻ ان کي هيڻو ڪري مڪمل نااميد ڪري ڇڏيو هو۔ هاڻ ان کي ڪنهن به صاحب جي تلخ لفظن، روين ۽ دڙڪن جي پرواهه نه هئي۔ هن پهريون ڀيرو همت ڪري وڏي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿي۔ صاحب وڏو ڦرڻي ڪرسيءَ تي هندوري جئيان جهلي رهيو هو، سندس مٿي تي اڇي سليماني ٽوپي (حاجي ٽوپي) پهريل ۽ چهري تي وڏي سونهاري هئي. صاحب جون نظرون پنهنجي نئين تسبيح جي مڻين ۾ ٽڪيل هيون. صاحب تازو ئي ڪجهه ڏينهن پهريان عمري جي سعادت حاصل ڪري آيو هو.
پوڙهي درد ڀري انداز ۾ ڏکاري لهجي ۾ چيو:
” صاحب! او وڏا صاحب، ٻن سالن کان تنهنجي در جا ڌڪا پئي جهليا، نه ٿو ڪير منهنجي عمر جو ڪو لحاظ ڪري، نه ٿو ڪوئي منهنجي فرياد ٻڌي۔“
صاحب پوڙهي ڏانهن نهاري يڪدم پنهنجي ڪرسي مان اٿيو ۽ رڙ ڪندي چيائين:
”پوڙهي پوڙهي اندر ڪئين آئين؟ توکي ڪنهن اجازت ڏني!“
” صاحب پيٽ ٿو پنڌ ڪراءِ۔ اجازت وري ڪنهن کان طلب ڪريان۔ صاحب هي پوتيءَ جو واسطو اٿئي، منهنجي پينش بند آهي منهنجا ٻار پيا بک مرن!“
صاحب تسبيح کي ٽيبل تي رکندي، پاڙهي ڏانهن حقارت سان نهاريندي چيو:
”مائي تنهنجي فائيل ۾ مسئلو آهي!“
” صاحب ڪهڙو اهو ئي ته پڇان پئي، آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟“
”ڪو اٿس چڪر پوڙهي“ صاحب اڳ کان ڪجهه تيز رڙ ڪندي چيو۔
”ڀلا ان جو ڪو حل ته هوندو نه“
صاحب تسبيح کي ٽيبل تان کڻندي مشڪندي وراڻيو:
” ها حل تو کي ڪنهن ڪونه ٻڌايو آهي۔ ٻه سال ٿيا آهن اڃا توکي حل جي خبر ڪونهي۔“
پوڙهي ”نه صاحب تنهنجي آفيسر وارا ته ڳالهائن ئي نه ٿا“
”پوڙهي هتي زبان نه هٿ هلندا آهن، ۽......“
”۽ ڇا صاحب “پوڙهي حيرت وچان پڇيو۔
” ڏسي نه ٿي تسبيح پيو پڙهان هاڻ مٿو نه کاءِ وڃي منهنجي ڪلارڪ سان مل۔“ صاحب غصو ڪندي چيو۔
”تنهنجا ڪلارڪ ڳالهائن ئي نه ٿا“
صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر تسبيح رکندي ڪاوڙ واري انداز ۾ وراڻيو:
”مائي هاڻي اصل ڳالهه هي آهي، هتي هن آفيس ۾ پئسن جي بدلي پئسا ملندا آهن سمجهي۔ ڪلارڪ کي وڃي ٻه ٽي هزار تري تي رک۔ تنهنجو ڪم ٿي ويندو۔“
مائي صاحب جا لفظ ٻڌي اندر ۾ وسامڻ لڳي۔ صاحب کي ڪو به اکر نه چيائين۔ بس ماٺ۔۔۔۔۔ ائين ماٺ ڄڻ پوڙهي کي ڪو نانگ سراپي ويو هجي۔۔۔۔۔ ۽ آفيسر کان ٻاهر نڪرندي روئڻ سان گڏوگڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي، چپن ۾ چوڻ لڳي:
” واهه جو انصاف آهي!! ۔ واھھ ڙي صاحب واھ.....“
ڊگھي ميدان تي جڏھن ڪروڙن ماڻھن جي وچ ۾، ھڪ ڊپائتو ۽ وڏين اکين وارو ماڻھو، سھڪندي سھڪندي ملائڪ آڏو ڦھڪو ڏيئي ڪريو!
ملائڪ ڀوائتن اکين سان نھاري، سڄي ٻانھن کان وٺي ڇڪي، اٿاريو ۽ روبدار آواز مان پڇيائينس:
”ڇو رڪجي وئين؟“
ماڻھو ڊپ وچان، ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.سندس اکين مان نير زاروزار وھڻ لڳا. ڪجھھ ڳالھائڻ ٿي گھريائين، پر چئي نه سگهيو. يڪدم ملائڪ جي ڀرسان بيٺل ٻي ملائڪ وراڻيو:
”ھن ويچاري سان وڏي ويڌن آھي، مان ھن کي سالن کان ٿو ڏسندو اچان، سندس حالت ڏسي ترس ايندو اٿم. ملائڪ ٿڌو ساھ ڀريندي چيو. “
“ڪيترو عرصو ٿيو آھي، ميدان تي؟“ ٻي ملائڪ پڇيو.
”تقريبن 35 سال، پجھٽيھ سالن کان ھي ماڻھو ائين ئي آھي. مان ھن کي ائين ڏٺو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ته بيحد خوش ۽ ٽھڪ ڏيئي تاڙيون پيو هڻندو آھي. ٻيا سڀ ماڻھو ڊوڙندا آھن ۽ ھي فقط ويھي ٽھڪ ڏيندو آھي ۽ ڪڏهن وري ايترو ته روئندو آهي جو سڀني ملائڪن کي هن جي روئڻ تي ترس ايندو آهي.... ٽھڪ ڏيڻ ۽ وري زاروقطار روئڻ شايد ھن جو موت گھري صدمي سان ٿيو ھوندو.“
”ڪنھن جھور پوڙھي ملائڪ کان ھن بابت پڇي سگهجي ٿو! ضرور ھن بابت خبر ھوندي، ملائڪ ٻي ملائڪ کي چيو.“
ملائڪ ”ھون“
پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھيا ته ھڪ ٻيو ملائڪ اچي مٿان بيٺو، ٻنھن کي پريشان ڏسي وراڻيو:
”ڇا مسئلو آھي، ڪھڙي ڳڻتي اچي ورايو اٿوء.“
ھڪڙي ملائڪ آڱر سان اشارو ڪندي چيو:
” او .......اھو جيڪو ماڻھو روئي رھيو آھي، هن جي دردڀري اوڇگهارن تي ڏک پيو ٿئي! خبر ناهي ڪهڙي تڪليف اٿس!
ٻي ملائڪ ڏک وچان وراڻيو:
”ھي پنھنجي ملڪ جو مشھور ليڊر ھو، ھي کلي انڪري ٿو، جو اڃان تائين ھن کي زندھ چئي ووٽ ورتو وڃي ٿو ۽ روئي انڪري ٿو جو ھن جي نالي تي ماڻھن کي ٽڳيو وڃي ٿو!!.
سانجهي ٿيڻ کان ٿورو اڳ ڳوٺ جي ڀر ۾ نم جي وڏي وڻ ھيٺان ڪچھري متل ھئي. ٿوري دير اڳ مال جو ڌڻ گذرڻ سان ا ڏامندڙ گؤڌول جي ڪري هوا ۾ ڳوٺ جي مٽيءَ جي بوءِ پکڙيل هئي ۽ ڳالھين مٿان حالتن جو تھ چڙھيل ھو.
ڪچھري ھلندي ڳوٺ جي اسڪول جي ماستر، مسڪين علي، نرم آواز ۾ ٻڌايو تہ اڄ عدالت جو جج صاحب اسڪولن جي دوري تي آيو ھو.
اھو ٻُڌي وتايي وارو يار ستايو فقير ٽھڪ ڏيئي کِلڻ لڳو.
ماستر مسڪين ٿورو حيران ٿي پڇيو، ”کِلين ڇو ٿو ستايا، مون ڪھڙو لطيفو ٻڌايو آھي؟“
ستايي بدستور ٽھڪن ۾ لُڏندي چيو، ”لطيفو ئي تہ ٻڌايو اٿئي، باقي ڇا...“
ماستر مسڪين چِڙڻ جي سرحد تي پھچي، شايد پنھنجا پَير جهلي ورتا ھئا.. آواز کي زوري نرم رکندي چوڻ لڳو، ”نہ.. ڀلا تون ئي ٻڌائي.. ان ۾ چرچي جي ڪھڙي ڳالھ آھي..“
وتايي جي کِل رڪجي ويئي، ھن گمڀير ٿي چيو، عدالت....!؟ عدالت وري ڪھڙي... جھان خان جي اوطاق چئو سائين... جتي ڪانڀو خان سان گڏجي، جھان خان انصاف جا ڪم لاھي ڪانڀ ٻڌيو ويٺو حقو ڇڪي!“
مون وچ ۾ پئي ستايي کي ٽوڪيو ”ايئن ناھي ستايا...“
ھو چڙي پيو، ”جي ايئن ناھي تہ پوءِ ھيئن ڇو آهي تہ جيڪي عدالتون انصاف جي عالمي رينڪنگ ۾ آخري نمبرن تي بيٺل.. نہ بيٺل بہ نہ، بلڪہ ڪِريل آھن، تن جا جج تعليمي ادارن ۾ اچي تعليم جو معيار جاچڻ نڪتا آھن!؟“
آئون چپ ٿي ويس. ڇا چوانس ھا.
پر ستايي فقير جي دل اڃا ڪٿي ڀري ھئي، تيز لھجي ۾ ڳالھائيندو رھيو، ”تہ معنٰي ھاڻ ڪاري مَينھن فيصلو ڪندي تہ ڳئون جو پُڇ ڪارو آھي.. وھ سائين واھ.. حد ٿي وئي ٻيو..“
”ڇڏ ھنن کي.. تون ٻڌائي تہ پوءِ جج صاحب ڇا چيو، ڇا ڪيو؟“ موسو جيڪو اڃان تائين ماٺ ڪيو ويٺو هو، تنھن ماستر مسڪين کان پڇيو.
ماستر مسڪين ٿڌو ساھ ڀري، سٿرن تي ھلڪو ھٿ ھڻندي ويچاري منھن سان چوڻ لڳو، ”ٿيندو وري ڇا.. نہ دعا، نہ سلام، نہ عليڪ سليڪ، نہ ڪا رسمي اجازت... سڌو گارڊن سان گڏ ڪلاس ۾ ڌوڪي آيو. ھڪڙو ھمراھ موبائل جي ڪيمري سان رڪارڊنگ ڪندو گڏ ھجيس.. ڀڳل دروزاي واري ڪلاس ۾ اچي، ڀڳل بينچن تي ويٺل شاگردن تي پنھنجي ليول جي سوالن جا ڌوڙيا لائي ڏنائين.. ھڪ بينچ تي سوڙھ سڪوڙ ڪري ويٺل چار چار شاگرد ايئن سُسي ويا، جو بينچن تي پنجين شاگرد جي بہ جاءِ ٺھي ويئي.“
”پو شاگردن جواب ڏنا ڀلا؟“ مُوسَي پڇيو.
”ڪوشش تہ ڪئي ويچارن، پر ماڪوڙو مڻ تہ ڪونہ کڻندو ادا.. ھجن ھا ھنن جي ليول جا سوال تہ جواب ڏين ھا.“
”سچوئين يار... پوءِ جج صاحب ڇا چيو..“
”مون تي چڙھت ڪري آيو... چي، اھو ٿا پڙھايو شاگردن کي..!“
”پوءِ تو ڇا چيس؟“
”ڇا چوانس... تہ ماڪوڙي تي مڻ لڏبو آ!؟ پر سائين.. ٿي پوءِ ساڻس بہ ڏاڍي...“
”سو وري ڪيئن..“
”مونکي نہ پڙھائي سگهڻ جا طعنا ڏيئي واندو ٿيو، تہ پاڻ چاڪ کڻي بورڊ تي لکي پڙھائڻ لڳو، اسان واري ھڪ واتوڙي شاگرد، نذير پڇيس تہ ’سر اوھان جج آھيو؟‘
’ھا بلڪل، آئون جج آھيان..!‘
’تہ پوءِ اوھان جو ڪم اسڪول ۾ پڙھائڻ آھي؟‘
”جج چيو، ’نہ... پر اصل ۾ مونکي پڙھائڻ جو بہ شوق آھي ۽ آئون اوھان جي استاد کي بہ ڏيکارڻ چاھيان ٿو تہ پڙھائبو ڪيئن آھي.‘
ٻار وري چيس، ’ھڪڙو سوال پڇان سائين..‘
جج چوڻ لڳو ’ڀلي پڇ.‘
شاگرد چيو، ’اوھان کي پڙھائڻ جو شوق ٿيو تہ اوھان اسڪول ۾ اچي چاڪ ھٿ ۾ جهلي پڙھائي شوق پورو پيا ڪريو.. ۽ چئو پيا تہ اسان جي استاد کي سيکاريو پيا تہ پڙھائبو ڪيئن آهي.. فرض ڪريو تہ اسان جي سائينءَ کي ڪڏھن جج بڻجي فيصلا ڪرڻ جو شوق ٿئي ۽ ھو چاھي تہ اچي اوھان کي سيکاري تہ انصاف ھيئن ڪبو آهي، تہ ڇا اوھان کيس عدالت ۾ پنھنجي ڪرسيءَ تي ويهاري اھو شوق پورو ڪرڻ ڏيندا؟“
ماستر مسڪين اھو چئي چپ ٿي ويو ۽ سڄي ڪچھريءَ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. نيٺ مون ماستر مسڪين کان پڇيو، ”تہ پوءِ جج ڪھڙو جواب ڏنو.“
ماستر مسڪين وراڻيو، ”جج، جيڪو ٿوري دير اڳ مون کي نہ پڙھائي سگهڻ جا طعنا ڏيئي رھيو ھو، شاگرد نذير کي چوڻ لڳو، پڪ توکي اھو سبق ماستر پڙھايو آھي.“
هر طرف باهه جا اولا هئا، اچانڪ وڏن وڏن پهاڙن مان جانورن جا هينگاٽ ۽ هر طرف کان رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿي آيون، جلد ئي پنهنجي غريباڻي مَنهَن مان مُنهن ڪڍي نهاريم ته جبل کان تڪڙو هرڻ ڇلانگ هئين ۽ پٽ تي اچي ڦهڪو ڏيئي ڪريو. يڪدم تڪڙيون وکون کڻي هرڻ جي مٿان بيٺس. هرڻ جنهن جا پٺيان پير سڙي پيا هئا ۽ سهڪي رهيو هو. مون هرڻ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو:
”مٿي ڇا ٿيو آهي؟“
هرڻ بيحد درد ڀري انداز ۾ اکين مان نير وهائيندي چيو:
”اهو ئي جيڪو هيٺ ٿيندو آهي“
يڪدم وراڻيم:
”مطلب“
”سنڌ ۾ پيو رهين نه؟“ اکين ۾ چمڪ ۽ ڪروڌ نظر آيو.
چيم:
”ها“
”ته پوء حيراني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟!“
”مطلب“
”مطلب باهه جهڙي مٿي تهڙي هيٺ“
ڀرون ۾ گهج پئجي ويا. چيم: ”سمجهه ۾ نه آيو ادا هرڻ“
ڏک وچان وراڻيائين:
”ادا انسان هيٺ باهه لڳي جنهن ٻيلي ۾، ته سياڻو سمجهي ويندو ته ڪنهن ڀوئتار، پير کي زمين کپي ۽ جيڪڏهن مٿي جبل کي باهه لڳي ته سمجهي وڃنجي ته ڀوئتار جي به ڀوئتار..... ۽ پير جي به پير کي زمين کپي!“
هرڻ جي ڳالهه ٻڌي جهڙوڪ رڙ نڪري وئي. چيم:
” ادا هرڻ هاڻ جبل ڀي“
هرڻ اوڇنگار ڏيئي چيو:
”ها هاڻ جبل ڀي ۽ جبلن واري زمين ڀي“
ٿڌو ساهه ڀريندي هرڻ روئي ڏنو!!
شهر جي هڪ عاليشان بنگلي جي ٻاهران بيٺل سارنگ جي هٿ ۾ اڄ به پنهنجي دل جيان هڪ اڇو گل هو، پر اڄ اهو گل هن جي آخري اميد وانگر مرجهائجي رهيو هو. بنگلي جي اندران ايندڙ ٽهڪن ۽ قيمتي خوشبوئن جي هڳاءُ ٻڌائي رهي هئي ته اڄ اتي ڪا وڏي تقريب آهي.
سارنگ، هڪ سادي ۽ غريب گهراڻي جو ڇوڪرو هو، جنهن وٽ نه ته وڏيون گاڏيون هيون ۽ نه ئي ڪو بلند رتبو. هن زويا سان اها محبت ڪئي هئي، جنهن ۾ دنيا جي ڪا به ميلاوٽ نه هئي. پر جڏهن هن زويا جو هٿ گهريو هو، ته زويا جي پيءُ کيس تڇ نظرن سان ڏسندي چيو هو:
"سارنگ! محبت پيٽ ناهي ڀريندي. اسان جو هڪ معيار آهي، هڪ اسٽينڊرڊ آهي. تنهنجي مٽيءَ جي خوشبو اسان جي قيمتي عطرن جو مقابلو ڪيئن ڪندي؟"
سارنگ تڏهن نهاريو هو ۽ نهايت عاجزيءَ سان وراڻيو هئائين:
"سائين، توهان جنهن کي اسٽينڊرڊ چئو ٿا، اها ته رڳو ڪاغذي چمڪ آهي. جنهن ڏينهن اها چمڪ گهٽجي وئي، ان ڏينهن توهان کي احساس ٿيندو ته توهان انسان نه پر رڳو نوٽ گڏ ڪيا هئا."
پر اڄ زويا جي شادي هئي—هڪ اهڙي شخص سان، جنهن جو ”اسٽينڊرڊ“ هن جي خاندان جي رتبي برابر هو. سارنگ اڄ انهن لفظن کي پنهنجي روح ۾ گونجندي محسوس ڪري رهيو هو. هن ڏٺو ته زويا جو گهوٽ هڪ چمڪندڙ گاڏيءَ مان لٿو. ويجهو بيٺل مهمانن مان آواز آيو:
"واهه! ڇا ته جوڙي آهي، مڙئي اسٽينڊرڊ جو ميل آهي!"
ٻئي وراڻيو: "ها، پئسو پئسي کي ڇڪي ٿو. ٻيو ته هن دنيا ۾ سڀ فريب آهي."
ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ان اسٽينڊرڊ جي پويان هڪ سچي محبت جو جنازو نڪري رهيو هو. سارنگ پنهنجي ميري قميص جي کيسي ۾ هٿ وڌو، جتي زويا جو آخري خط موجود هو، جنهن ۾ لکيل هو:
”سارنگ، مان مجبور آهيان. منهنجي پيءُ جي عزت سندس اسٽينڊرڊ ۾ آهي، منهنجي محبت ۾ ناهي.“
سارنگ مرجهائجي ويل گل کي ڏسي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو:
"اي گل! تون به اڄ ائين ئي بي قيمت ٿي وئين، جيئن منهنجي وفاداري. هنن روشنين جي چمڪ ۾ منهنجي روح جي اونداهيءَ کي ڪير ڏسندو؟"
هن آخري ڀيرو بنگلي جي رنگين روشنين کي ڏٺو ۽ پنهنجيون وکون ان اونداهي گليءَ ڏانهن موڙيون، جتي هن جي غربت کيس پڪاري رهي هئي. هن کي اڄ پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو هو ته هن دور ۾ ”دل جي برابري“ جي ڪا قيمت ناهي، اصل قيمت ته صرف ”بئنڪ بيلنس“ جي آهي. هن جو سچو پيار اڄ هڪ اهڙي بازار ۾ هاري ويو هو، جتي انسانن جي قدرن بدران ڪاغذ جا نوٽ ڳالهائيندا هئا.
اونداھيءَ اڌرات جو ھو گھران نڪري پيو، ڪاڏي وڃڻو ھئس الاءِ ڪاڏي پئي ويو، کيس ڏاڍو خوف ٿي رھيو ھو، ھلندي واٽ ھن کي عجيب مخلوق نظر آئي ٻن ڄنگھن کي ھلڻ واري، ٻہ ڪن ٻہ ٻانھون ، ٻہ اکيون ، ڳالھائڻ واري زبان، انسان جي شڪل شبيھہ ۽ بناوت واري مخلوق، کيس لڳو تہ آدم جي پٽ قابيل جي اولاد ھئي، جيڪا حقيقي انسانن کي ڏاڙھي رھي ھئي ، انسانيت جي وجود تان ماس روڙي رڙڪي رھي ھئي ، خوف جي شدت ھن جي وجود کي ھڪ پل ۾ وڻ ويڙھيء جيان وڪوڙي وئي ، ھڪ اداس نظر کڻي آسمان ڏانھن ڏٺائين ، کيس ڪائنات پنھنجي ماٽيجي ماءُ لڳي رھي ھئي، ٽمڪندڙ ستارا ويڳا ڀائر پئي لڳس جن سان ويڳائپ جو رشتو آدجڳاد کان ھئس، ھن پوئين پيرين مڙي ڊوڙڻ ٿي چاھيو ٻہ چار وکون کنيائين تہ ان مخلوق منجھان ڪنھن زناور مٿس حملو ڪري کيس ڏاڙھي وڌو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي زناور ھن کي پنھنجو بک بڻائڻ لاء ھن ڏانھن وڌڻ لڳا، ھن کي محسوس ٿيو تہ اھڙي خوفناڪ ۽ خونخوار ماحول ۾ ھو ئي اڪيلو انسان ھو سندس وجود زخمي ٿي پيو، پر نظر ڦيرائي ڏٺائين تہ ھر پاسي ٻيا بہ ڪيترائي انسان انھي مخلوق جو شڪار بڻجي پنھنجون جانيون وڃائي ويٺا ھئا، ڪي وري پنھنجي جان بچائڻ لاء ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙي رھيا ھئا ۽ ان آدمخور مخلوق منجھان ڪٿي ڪي زناور انسانن جي وجودن کي پٽي کائي رھيا ھئا، ھر پاسي انسانن جي رت ۽ ماس جي دم گھٽيندڙ بدبوء ھئي. ھو زخمي ٿي پيو ھو پر اتان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو
ڊاڪٽرن ۽ طبيبن جي چوغن ۾ لڪيل ڪاسائي انسانن جو ھڏ ۽ ماس ڪٽي ۽ ڪوري رھيا ھئا، ميڊيڪل اسٽورن تي پيھہ لڳي پئي ھئي پر اتي بہ دوائن بدران زھر وڪامجي رھيو ھو ، خريد ڪرڻ وارا ان ڳالھہ کان شايد بي خبر ھئا ، حڪيم ۽ ويڄ مريضن جي ڦٽن تي پھا رکڻ بجاء لوڻ ٻرڪي رھيا ھئا.اھو تماشو تيزيء وڌي رھيو ھو.
ھن ڊوڙي سھڪي گھر جي چارديواريء ۾ پھچي پناھہ ورتائين. سوچيائين : خدا ھيء ڪھڙي آدمخور مخلوق خلقي آھي جو شڪل تہ انسانن جھڙي پر وحشت جانورن کان بہ بدتر آھي، خدا انسانن سان دوکو ڪيو آھي ، يا ھي واقعي انسان آھن جيڪي اھڙا خونخوار جانور ٿي ويا آھن.!؟ . ڪجھہ بہ ھجي پر ھن مخلوق جي خلقت انسان ذات سان ويساھہ گھاتي آھي ، دوکو آھي ، فريب آھي ، خدا ھن روء زمين تي ھيء آدمخور مخلوق پيدا ڪئي يا ابن آدم کي ئي آدمخور بڻائي ڇڏيو اٿس....!؟
اھو خوف ۽ ھيراس ھن جي وجود ۾ تحليل ٿي ويو.
خدايا................!
ھن پنھنجي ٻنھي ڪنن تي ھٿ ڏئي ڪن بند ڪري آسمان جي ڪنگروئن کي ڌوڏيندڙ رڙ ڪئي ، پر ان رڙ جو آواز بند ڪمري جي چارديواريء سان پنھنجو مٿو ٽڪرائي خاموشيء ۾ تحليل ٿي ويو...............!
ڪجھہ دير کان پوء سامت ۾ آيو ، آئيني جي سامھون اچي بيٺو ، کيس پنھنجي رانڀوٽا لڳل چھري جو عڪس نظر آيو جنھن مان رت ٽمي رھيو ھو.
ھو وري گھر کان ٻاھر نڪتو، ٻاھر انسانن جي پٽيل ماس ۽ رت جي بدبوء سان گڏ ٻن ڄنگھن تي ھلندڙ زناور جي ساھن مان خارج ٿيندڙ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گيس جي بدبوء ڦھليل ھئي جيڪا صاف شفاف ھوا ۾ تحليل ٿي انسانن جو ساھہ ٻوساٽي رھي ھئي، ڪجھہ وکون کڻي اڳتي ھليو ، سندس دل جي ڌرتي خوف جي گھوڙي جي سنبن سان پٽجي ۽ اکڙجي رھي ھئي ، زناور تيزيء سان، ھا.........! تيزيء سان انسانن کي پنھنجي شڪار جي جڪڙ پڪڙ ۾ آڻي رھيو ھو، حد نگاھہ تائين شڪار ٿيندڙ انسان ۽ شڪار ڪندڙ زناور نظر پئي آيا. ھن جي ذھن ۾ ھڪڙو سوال پيئڻ بلا جيان ڪر کڻي بيٺو.ڇھاسي ارب نيوران مان ٺھيل ھن جي دماغ ۾ حقيقت کان وجوديت ۽ وجوديت کان فنائيت تائين وچ واري سموري عرصي بابت سوال گردش ڪرڻ لڳس،
ھي. سڀ ڪير آھن؟ انھن ۾ ماڻھو ڪير آھن ؟ ۽ انسان ڪير آھن؟
ھو اتي ئي بيٺو ھو تہ مٿس ھڪ زوردار حملو ٿيو ، ھو لڏي ويو ھن جي وجود ۾ ساھہ جي ڏوريء جي آخري تند وڃي بچي ھئي، حملو ڪندڙ زناور کان ھن سوال ڪيو ، بس ايترو ٻڌاء تون ڪير آھين ، ھي سڀ ڪير آھن ۽ مان ڪير آھيان.!؟ ھڪڙا بي وس لاچار مجبور محڪوم ٻيا ظالم جابر ، غاصب .!؟
بني بشر جي صورت ۾ حملو ڪندڙ زناور ھن جي نڙيء کي مھٽ ڏيندي وراڻيس : تون، مان ۽ ھي ٻيا ، اسين سڀ اشرف المخلوقات آھيون.