DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
گهڻن ڏينهن کان وٺي سندس زال جي طبيعت تيزي سان خراب ٿيندي ٿي وئي، وڃي پئي ڏينهون ڏينهن جھُرندي، ماس هڏن تان روڙجي کل وڃي بچي هئس، هر ڪنهن پئي ملوڪ کي ڏس ڏنو، ته ‘تنهنجي زال جو علاج انگريزي دوائن ۾ ڪونهي، حڪيمن جون ڦڪيون ۽ سونهارن جو سڳڙوئي ان بيماريءَ واري جنجال مان جان ڇڏائيندس‘ ۽ هن به ڪوئي پير فقير مُلو ڀوپو هوندو جيڪو هن ڇڏيو هوندو. پيرن ۽ متارن تي حاضريون، سومر ڀرڻ، مُلن کان پڙهايون ڪرائڻ، ڀوپن کان ڊوهه ۽ بُتَ ڪڍرائڻ بهاني گهر جو ارڪو ترڪو ڦُرائي ويٺو هو. هاڻي ويٺو پُٽ شفن ڏي واجهائي جيڪو مزدوريءَ سانگي ڪراچيءَ وَيَل هو، هُو هر روز قائدآباد جي ڦُٽ پاٿن تي ٻين مزدورن سان ويهندو هو، جن کي اڪثر مستري پاڻ سان وٺي ويندا هئا ڏهاڙيءَ جي ڪم تي، ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو سڄو ڏينهن به بک تي رهڻو پوندو هئس ۽ هيڏانهن وري پُٽ کان پيسا گهرائي سڳي ڌاڳي نالي مُلن ۽ پيرن کان ڦُرائڻ ملوڪ جي ايمان ۽ سلامتيءَ جو دستاويز ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن تان هن جو ارواح ائين کڄي ويو هو جيئن پُراڻي گهڙي مان ڀڄي پوڻ کان پوءِ پاڻي وهي ويندو هجي. ڊاڪٽرن لاءِ هن جو خيال هو ته اهي ڪاسائين وانگر ٻڪر ڪُهي ٽنگي ڇڏيندا آهن، ڪنهن پاسي جو نه ڇڏيندا آهن، شام جو پنهنجي ذاتي اسپتال ۾ گهور پيا ٿيندا، ساڳيا ڊاڪٽر سرڪاري اسپتال ۾ منهن مان گهنج ئي نه ڪڍندا آهن، ڪنهن مريض همت ڪري دوا کائڻ جو پُڇيُن ته ڇڙٻ اهڙي ڏيندن جو ٻين مريضن جو ارواح ئي کڄي ويندو. دوا پڇڻ کان گهر تائين ذهني تشدد ڀوڳيندا وڃي کَٽَ ڀيڙا ٿيندا. راڻي زماني ۾ ڪجهه حڪيم هئا، هاڻي ته ڌُڪائي حڪيم اهڙا وٺي پيدا ٿيا آهن جو ڦڪين فرق ڪيو ته واهه ٿي ويندن پر جي مريض پرتو رب کي ته اڳئي ٺهيل ٺُڪيل جملو تيار ”ابا قسمت ٻيو حياتي ، حياتي ڪنهن بخشرائي آهي؟” سڄو بار قسمت تي هڻي چوندا “ جيڪا رب جي رضا.“ هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو حڪيم مليو به ته در تي پنهنجي ڪنهن وڏي جي تختي هڻندي ڇڏيندو، جنهن جي ڪمائيءَ جو کٽيو کائيندي ٽيبل تي ٻه چار ڦڪيون سُتيون مرداني زناني بيماري ۽ طاقت جون رکيون ويٺا هوندا. ملوڪ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ڪري ته ڪري ڇا!؟ هڪ ڏينهن اذيت مان چنگهندي کيس زال چيو :” شفن جا پِيءُ! منهنجو مرض وڃي ٿو لاعلاج ٿيندو، اهڙي ڪا دوا يا سئي هڻائي ڇڏ ته هن لوڙ مان جند آجي ٿي پوي.“ ان وقت هو شفن سان فون ملائڻ ۾ مصروف لڳو پيو هيو سڀائي جي ڳالهه سڄي ڪن سان ٻڌي کٻي ڪن مان ڪڍي ڇڏيائين ۽ شفن سان فون ملائڻ ۾ رڌل هيو ، شفن ملوڪ جو اڪيلو پٽ هيو، سندن پيري جو اڪيلو سهارو ڪراچيءَ  ۾ مزدوري ڪندو هيو ڏينهن اڇو ٿيندي ئي قائدآباد جي ڦٽ پاٿ تي بيلچا ڪلهي تي کڻي وڃي ويهندو هيو، جتي مزدورن جي وڏي قطار لڳل هوندي هئي، ڪي اڌڙوٽ ،ڪي پوڙها ڪي پڪا ،ڪي ڳاڙها ڳڀرو ، ڪي بنگالي ،ڪي بهاري ،ڪي اردو ڳالهائيندڙ ،ڪي پنجابي ۽ پٺاڻ ته ڪي سنڌي جن تي به اردو جي لهجي جي گرفت هوندي هئي، سنڌي گاڏڙ اردو يا اردو گاڏڙ سنڌي ڳالهائيندا هئا، خاص طور تي ڳوٺاڻا اڻ پڙهيل يا گهٽ پڙهيل نوجوان جيڪي ڪراچي مزدوري لاءِ ويندا هئا ، ۽ جڏھن ڳوٺن ڏي ورندا هئا ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا اندرون سنڌ کي سنڌ ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سمجهندا هئا، سواءِ باشعور پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي، گهٽ ماڻهو سمجهن پيا ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. پنهنجي وطن ۽ ڌرتي جا ڌڻي پنهنجي ديس ۾ ڌاريا سمجهيا ويندا هئا. شفن به ٻين مزدورن جي قطار ۾ وڃي شامل ٿيندو هيو جتي ڪو ٺيڪيدار يا پيٽي ٺيڪيدار اچي مزدورن جي چونڊ ڪري وٺي ويندو هيو، جن ۾ اڪثر نوجوان هوندا هئا باقي ڪي اڌڙوٽ خاص ڪري پوڙها مزدور سڄي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ ڪم ملڻ کان سواءِ بيلچا واپس کڻي گهرن ڏانهن رخ ڪندا هئا، جن جي ان ڏينهن شايد ئي ڪُني سائي ٿيندي هوندي، نه ته ٻئي ڏينهن جي آسري تي قرض جي ڪانئچ پائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن شفن به خالي موٽندو هيو ته ان ڏينهن کيس ڪُني ماني به ڪنڌ ۾ پئجي ويندي هئي ، پر انهيءَ ڏينهن آسمان ڏانهن شڪراني جا شوڪارا هڻندو ويندو هيو جنهن ڏينهن کيس روزي لڳندي هئي. ان ڏينهن به هو پيٽي ٺيڪيدار سان ڪم تي وڃي رهيو هيو ته پيءُ جي فون آيس، هو فون ڪن تي رکي سنڌي اردو گاڏڙ لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳو :”هيلو.........ڪون بائي ؟” “پٽ مان پيو ڳالهايان ملوڪ “ پيءُ جو آواز ڪن تي پيس ته رڙ ڪري پڇيائينس :”بابا تون آهين............؟“ “ها پٽ ” ملوڪ شفن سان خوش تازائي ڪندي چيو: “خوش ته آهين ”نه.....ها بابا دعا آهي“ شفن وراڻيس : ”امان جي طبيعت ڪيئن آهي ؟“ ”جئين جو تئين آهي ابا“ ملوڪ مايوسي واري ڪيفيت مان ٻڏل آواز ۾ وراڻيس : “اڄ ته ماڻهين الاءِ جي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪري ، ڪجهه ٻه ٽي ڏوڪڙ موڪلين ها ته ڪو دوا درمل ڪرائجي ها. بابا گذريل جمعي تي جو ارڙهن هزار جو موڪليا هئم.؟ ”پٽ بيماري جو منهن واڳون جي وات کان وڏو آهي شل بَرَ منهن هجيس“ ملوڪ شفن کي چيو: ”ارڙهن هزار ڇاٿا ڪن!؟ انهن مان پنج هزار تھ  ارباب بروهي وات وجهاڻي جا ورتا، ٻھ  هزار رحيمني ڪلوءَ جاڳر جا ورتا، ڪجهه ٻه ٽي روپيه متارن کان دعا ڦيڻي ۾ خرچ ٿيا ۽ دوائون ۽ گهر جو خرچ به ته آهي نه پٽ.“ ”بابا هينئر ته ڪم تي پيو ٿو وڃان ، اڳ ۾ پَٽ سَٽ ڪري پيسا موڪليامانءِ“ شفن لاچاري ظاهر ڪندي پيءُ کي وراڻيو: ”ڪجهه ڏينهن صبر ڪر مزور آهيان ڪم لڳندو ته پيسو ايندو، وري به ٺيڪيدار کي چئي ڏسان ٿو جي ٻه ٽي روپيا ملي پيا ته موڪليندوسانءِ.“ انهي ڏينهن کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين شفن ويهي کاڌو هيو هڪڙي ڏينهن جي مزوري ٻه ڏينهن ڪري کاڌائين جو ڪراچي ۾ برساتن هر متحرڪ شيءِ کي ساڪن ڪري ڇڏيو هيو، مٿان وري ٻيهر ملوڪ شفن کي فون ڪئي هئي : ”پٽ ڏي خبر ڀلا ٿيو ڪو بلو پيسي ڏوڪڙ جو ؟.“ ”بلو ڪهڙو بابا ڪراچيءَ ۾ اهڙو مينهن پيو آهي جو زورگار جي ٻيڙي ٻڏي وئي آهي.“ ”ابا پوءِ ماڻهين به ڏاڍي تڪليف ۾ آهي شفن! “ ملوڪ مجبوري ٿي چيس :”ٻيو به آڌر آسرو ڪونهي اوڌر به نه ٿي ملي.“ ”بابا! پاڏو بيٺو اٿئي نه کڻي لوڏو ڏينس.“ شفن چيس : ” مان به ڇا ڪريان مزدور آهيان.“ ”شفن پاڏو هيئنر ٽيهه هزار به نه ڪندو ايندڙ عضحيٰ تي پاڏو لک سوا لهندو.“ ”معنيٰ ته امان کان وڌيڪ پاڏو اٿئي نه بابا.؟'' شفن پيءَ کي وراڻيو: ”عضحيٰ ۾ ڪيترو وقت پيو آهي، پاڏي کي بہھ جڏھن تاتيون پاليون تڏھن سوال ڪندو نھ  ھينئر پاڻ پنھنجو پيٽ ئي نہھ ٿا تاتي سگھون؟“ ملوڪ هُڏان ٻُڏان ۾ پئجي ويو فون به بند ٿي وئي، ملوڪ جي پنجن ئي حواسن جو رخ سڀائي ڏانهن ٿي ويو هيو. ”اڳوڻي شفن جي فون ۾ خيال هيو هاڻي چئه.....هان . . . . شفن جي فون هئي.....؟” هڪ پل جي لاءِ سڀائي چَهري ٿي پئي ڄڻ ته ڪا اينٽي بايوٽڪ دوا ملي هجيس، ماءُ جي آنڊن ۾ ڄڻ ته ڪنهن ٿڌڙِ هير جي لهر جو احساس گردش ڪرڻ لڳو،ملوڪ کان پڇيائين ”شفن خوش ته هيو نه ، ڇا پيو چوي..؟“ ”ها خوش هيو ڪم تي پيو وڃي تنهنجي دوا لاءِ پيسن جو چيومانس“. ” ٻچڙي کي تنگ نه ڪرينس، پرديس تي آهي الاءِ ڳڀو ٽڪر به ڪيئن کائيندو هوندو، مان گهوريس پنهنجي ٻچي تان، ان جي رت ولوڙي جي دوا مونکي نه گهرجي.“ ملوڪ جي دل جي هٿن مان همٿون هارجڻ لڳيون :”ٻيو ڀلا ڪنهن کي چوان، پيريءَ ۾ اولاد تي ئي ته ماءُ پيءُ جا هٿ کُپندا آهن پوڙهي ! مون به وسان ته ڪونه گهٽايو آهي.“ ملوڪ زال کي وراڻيو: ”نه ڇڏيو آ ڪو پير فقير،نه ڪو ڊاڪٽر“ . ملوڪ زال جي علاج لاءِ سڀ هيلا وسيلا هلايا ته هئا پر سڀ بيڪار جن جو نه سُر نه مُنهن هلڪي ڦلڪي عطائي ڊاڪٽرن کان علاج معالجو به پر گهڻي ڀاڱي پيرن ، ڀوپن ملن جي ور ٿي چڙھيو جتان ڪو به کڙ تيل ڪونه ٿي نڪتو ، هڪ ڏينهن ملوڪ جي زال جي طبيعت صفا بگڙي وئي هئي هو جيئن ئي گهر پهتو ته پاڙي اوڙي جي ڪجهه عورتن جو هجوم سڀائي جي چوڌاري ويٺل هيو عورتن تي نظر پوندي ئي هن جي پيرن هيٺان زمين جهڙوڪر ڪنهن سٽ ڏئي کسي ورتي اتي ويٺلن مان ڪنهن سڏ ڪري چيس :”ابا! اهو پاڏو سڀائي جو صدقو ڪري نه ٿو ڏئين؟“ ٻئي چيس ”کر ڦاٽوڙو ڍور آهي ٻيو به ٿي پوندو.“ غير حاضر دماغ ملوڪ ان بيٺل گونگي پاڻي وانگر خاموش بيٺل هيو جنهن ۾ ڀِتَرُ اڇلائجي ۽ اهو تحرڪ نه لَکائي. جوڻس بي حال لڳي پئي هئي شايد سوچن جي تيز طوفان تي هن جي ذهن جي دري کلي پئي ملوڪ وکون ڀري اچي سڀائي جي مٿن کان بيٺو سڏ ڪري چيو: “پوڙهي .. . . . . او پوڙهي . . . .اڙي اٿ ته سهي . . . ، . . . او شفوءَ جي ماءُ.” ملوڪ جي سڏن جو ڪوبه وراڪو ڪونه ،  تڪڙ ۾ اٿيو پريان ڪِلي سان ٻڏل پاڏو ڇوڙي اچي زال جو سڄو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي گهمايائين پاڏو ڪهرائي گوشت سڄي ڳوٺ ۾ خيرات ڪري ورهايائين گوشت ورهائيندي ڪنهن همراهه پڇيس :”چاچا ملوڪ هي گوشت ڇاجو پيو ورهائين؟“ ”ابا خيرات ڪئي اٿم“ ”ڀلا ڪو ماڻ سنئون ٿيو اٿئي ڇا ؟“ ”نه ابا ماڻ اونڌو ٿي ويو آهي.“ ”ڇا مطلب چاچا....؟“ ”ابا! شفن جي ماءُ ڏاڍي بيمار آهي ، ان لاءِ خيرات ڪئي اٿم“ ”هان . . . . . . . ڀلا رب شفا ڏيندس .“ ڪجهه گَهَر خيرات ڏئي اڳتي هليو ۽ ڳوٺ ۾ ڪم ڪندڙ ڊسپينسر جي گهر وٽ پهتا ملوڪ در کڙڪايو ته ڊسپينسر ٻاهر نڪري آيو، ملوڪ کان پڇيائين: ” چاچا خيرات ڪئي اٿئي ڇا؟“ ”ها ڏاڪدر صاحب! پوڙهي بيمار آهي، ان تي خيرات ڪئي اٿم“ڊسپينسر پڇيس :”هاڻي ڪيئن اٿس طبيعت.؟“ ”ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي بيمار آهي.؟“ ڳوٺاڻي ماڻهن جو علاج معالجو ڪندڙ ڊسپينسر کي ڳوٺاڻا ماڻهو ڊاڪٽر سڏيندا هئا، ڊسپينسر ملوڪ کي چيو: ”چاچا ملوڪ! هل ته ڀلا چاچيءَ سڀائيءَ جي طبيعت ڏسي ٿا اچون.“ ڊسپينسر فرسٽ ايڊ باڪس سميت ملوڪ سان سندس گهر پهتو کٽ تي ليٽيل هئي سندس جسم جو سنڌ سنڌ ڄڻ ته آري مشين ۾ چيرجي رهيو آهي. چيرجندڙ هڏن جي چهنب جو ايذاءُ محسوس ڪرڻ لڳي هئي، اندر ۾ بخار جون ٻرندڙ بٺيون جهڙوڪ سندس هڏ جو ڪاٺ اندر ئي اندر ساڙي رهيو هجيس سڀائي جي صورتحال تي نظر وجهڻ لڳو پيتي مان اسٽيٽ اسڪوپ ۽بلڊ پريشر وارو پٽو ڪڍي اسٽيٽ اسڪوپ ڪنن ۾ وجهي نبض پڪڙي چيڪ اپ ڪرڻ لڳس سڀائي جون کليل اکيون ٽِڪ ٻڌي ڊسپينسر کي ائين تڪي رهيون هيون جيئن ڪنهن اڻپوري خواهش جو اظهار ڪري رهي هجي يا ڪنهن رهجي ويل تمنا جو اظهار يا موت کان اڳ ڪا آخري خواهش ٻڌائڻ چاهيندي هجي، جن جي گونگي ٻولي ڊسپينسر ٻڌي ڄاڻي نه سگهندو هجي، سڀائيءَ جي تيزيءَ سان کڄندڙ ساهن جي رفتار تي ائين لڳو ڄڻ سندس لڪي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندي هوءَ مڇيءَ وانگر ٻاڙو هڻي رهي هئي ، ڄڻ ته سندس ساهه کڻڻ تي ڪرفيو نافذ ڪيو ويو هيو يا زندگيءَ جو ٽيڪس ادا نه ڪرڻ سبب ساهه بند ڪيا ويا هئا، بس ڪي پل هئا جسم مان ساهه جي تند ٽٽڻ جا، ڊسپينسر ملوڪ کان پڇيو ” چاچا ملوڪ تو هي جيڪا خيرات ڪئي آهي سا ماسي سڀائي جي مغفرت ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ يا شفا ۽ صحت جي اميد تي .“ ”رب ڍڪي ڏاڪدر صاحب “ ملوڪ وراڻيس ” شفا ۽ صحت جي اميد رکي صدقو ڪڍيو اٿم ، دعا ڪيو ته سڀائي صحتمند ٿئي “ ”چاچا ملوڪ ! هاڻي وقت گهڻو هٿن مان نڪري پري هليو ويو آهي“ڊسپينسر رحم جوڳي انداز ۾ ٽوهه جهڙو نڙيءَ کان نه لهي سگهڻ وارو سچ چئي ڏنس ” تو اهو پاڏو ماسي سڀائي جو صدقو ڪري خيرات ڪيو پر جي ڪجهظه وقت اڳ اهو پاڏو کپائي هن جو سڀ مڪمل ٽيسٽون ڪرائي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرائينس ها ته اڄ هيءَ تنهنجي ڀاڪر ۾ هجي ها.“ ملوڪ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو ڪي گهڙيون مس گذريون جو سڀائي ٻن هڏڪين کان پوءِ هڪ وڏو ساه کنيو ڄڻ ڦوڪڻي مان تيزي سان هوا نڪري وئي هجي ملوڪ جي خيرات به ڪنهن ڪم جي نه ٿي سگهي، هڪ غم سندس روح ۾ ائين لهي ويو جيئن ڪو جانور ڪنهن جابلو غفا ۾ لهي ويندو هجي، ملوڪ شفن کي فون تي ماءُ جي وفات جي آگاهي ڏني هو صبح جو گهر پهتو پيءَ کان پڇيائين: “بابا پاڏو کپايو هيئه ڇا .؟” “نه پٽ ماڻهين تي خيرات ڪيو هئم.” شفن کي ائين لڳو ڄڻ ته ملوڪ زال تان پاڏي کي نه پر پاڏي تان زال جو صدقو ڪري ڇڏيو هيو!

***