شبانھ عالماڻي
غزل پيار جو درياھ آھن، نيڻ تنھنجا، ساھ لئه ڄڻ ساھ آھن، نيڻ تنھنجا. ڪو نه ٽٽندي دل ڪڏھن، سارو پتو آ، وقت ۽ ويساھ آھن، نيڻ تنھنجا. روح کي پيو روح، ڀاڪر ۾ ڀريندو، سياري ۾ آڙاھ آھن، نيڻ تنھنجا. پنڌ ۾ ڪن وار تنھنجا، ڇانو گهاٽي، عشق ۾ اتساھ آھن، نيڻ تنھنجا. ڇا سڀاڻي ٿيندو ھتڙي، ٿا ٻڌائن؟ پيا ڪندا آگاھ آھن، نيڻ تنھنجا. ماڳ تائين مرڪ تنھنجي، ساڻ آھي، ھمقدم ھمراھ آھن، نيڻ تنھنجا. چنڊ تائين چار پرڙا، ٿا پڄائن، ڄڻ پکيءَ جو چاھ آھن، نيڻ تنھنجا. عالماڻي مون شبانه، ايئن ڀانيو، ڪوئي وھندڙ واھ آھن، نيڻ تنھنجا.
سڌير بليدي
غزل الائـــي ته ڪيڏا قصا ٿي وياسين، اڙي درد تنهنجا حصا ٿي وياسين. اسان تنهنجي مٽي مقدس ٿا سمجهون، تڏهن ســـنڌ توتي فــدا ٿـي وياســين. صدين کان ڪي راتيون ستا ڪونه آهيون، لڳو ننـــڊ کان ڄــــڻ قضا ٿي وياســــين. جڏهن سار تنهنجي لٿي روح اندر، اتر جي ٿڌيري هوا ٿي وياسين. پکي ڍنڍ تي اڄ لٿا شام ڌاري، شفق شام جي ڪا صدا ٿي وياسين. عمر کي اڌورو ڏٺوسين ڇـــڏي ته، وڻـن کان به ويتر وڏا ٿــي وياسين.
ڊاڪٽر ڦلو سندر
ااداسي، ڏک، روئڻ، ۽ ان قسم جا ڪيترائي لفظ تنهنجو ضد آهن، خوشي، سڪون، مزو، راحت، سڀ تنهنجا هم معني ان ڳالهه ۾ نه ڪا فارسي آهي، نه ئي ڪا ڪيميسٽري، ته پوءِ، اي مٺي! تون سمجهين ڇو نه پئي!؟

حفيظ چانڊيو
غزل جڏھن کان پيار ٿيو آهي. وڏو آزار ٿيو آهي. زمانو ٿي ويو دشمن، ۽ دل تي بار ٿيو آهي. سفر پنھنجي محبت جو، سڄڻ! دُشوار ٿيو آهي. مسين اقرارَ تي پُھتس، وري انڪارُ ٿيو آهي. بُرائي مُون ۾ آهي يا، بُرو سنسارُ ٿيو آهي. اي پيارا دوست تو پاران، انوکو وارُ ٿيو آهي.
راشد لکمير
غزل ڇا ته منظر ٺھي رھيو آھي، سمنڊ ۾ سج لھي رھيو آھي. دل جو شيشو ٽُٽي پيو آخر، ڳوڙهو اک مان وَھي رھيو آھي. دردَ دل کي سدا ولوڙيو آ، وقتُ ڪڍندو مَھي رھيو آھي. خواھشن جو اڏيل وڏو مينار، ھوريان، ھوريان ڊَھي رھيو آھي. سڀ ستارا اُتي ئي بيٺا ھن، چنڊُ ڪاڏي ڪَھي رهيو آهي.
سرفراز صدف
وائي وصل جي ڪشڪول ۾، خواب ھا جاڳي پيا! مون سمھاريا ھا سنجھي، چاھتن جي جهول ۾، خواب ھا جاڳي پيا! خود پڙاڏن جي پٺيان، رڃ جي ماحول ۾، خواب ھا جاڳي پيا! تنھنجو گهربل ساٿ ھو، پر انا جي خول ۾، خواب ھا جاڳي پيا! سنڌ جي ساڻيھھ جا، ماڻهپي جي مول ۾، خواب ھا جاڳي پيا! پيار ۽ پاٻو ہ جي، ھا ”صدف“ ھر ٻول ۾، خواب ھا جاڳي پيا!

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
غزل ڄاول ھر ڪو ٻار گروي، سونھن ڀريو سنسار گروي. ڇو ٿو روئين محبت ڪارڻ، پنھنجو ٿي ويو پيار گروي. ڪين صدا ھت ڪير ھڻي ٿو، روح سندو وھنوار گروي. دل تري تي درد لٿو آ، سپنن جو سھڪار گروي، اجل سندي بازار ۾ يارو، جيون جو اظھار گروي.
نصير احمد جوکيو
غزل رهزنن کان رهبري! ڳالھھ بروبر بي بُڻي. ڀُل نه مُرڪ ڏسي، آ اها يزيدي ڪڙي. ٺلهو ٿيندو نه ڀلو، اَفسر چيو اک هڻي. ٺڳين پيا خدا کي، خدا جو قسم کڻي! ويساھ جي چتا تي، ڀُونءِ منهنجي سڙي!
انعام جتوئي
نثري نظم ”سڙن ٿا پيرڙا جڳن کان!“ ڳڀو، ها ڳڀو! لڙڪ ۾، مٽي ۾، گِگَن ۾ ڀڳل! مروڙيل، نينگر جي معصوم هٿن ۾! ڇا تو ڏٺو آهي؟؟ ڦڪي ڀت جي هڪڙي ڪمري ۾، پکن جو پر به ناهي! ڀتن جا ڇاپر ڀرن ٿا، ۽ آڳر ۾ ڪو وڻ به ناهي! ڇا تو ڏٺو آهي؟؟ سڙن ٿا پيرڙا جڳن کان، دکن جي درمان جو ڪو در به ناهي!! مٽي جي مهڪ ۾ ميرو، ڦڪو پهريل آ وڳو، هڪ هٿ ۾ آ ڦاٽل هڪ ”سنڌي ڪتاب“ ۽ ٻي هٿ ۾ ڀوتار جي صدين جي ڪرپشن مٽائڻ لاءِ، هڪ زنگيل سليٽ!! ڇا تو ڏٺو آهي؟؟

اصغر مھرائي
غزل ولر آيا وطن پنھنجي، ويا ھو عام ٿي ھاڻي، پراڻو ڳوٺ ھو پنھنجو، ويو نيلام ٿي ھاڻي. ڏٺيون افغان جي ھٿ ۾، جڏھن ھيروئن جون پڙيون، اسان جي نوجوانن جو ويو قتلام ٿي ھاڻي. ويا جوڳي مري شايد، تڏھن پيا نانگ مستيون ڪن. اوھان ويٺا رڳو ڏسجو، ويا ھو جام ٿي ھاڻي. اوھان جون دوستيون جاني اوھان کي ھاڻ ٻوڙينديون، اجھو ير سنڌ پنھجي ھي انھن جي نام ٿي ھاڻي. اوھان جي شھر ڳوٺن ۾ اچي ڌاريا پڳا آھن، اوھان جي ئي ته پکڙن تي ويٺا ھن ڄام ٿي ھاڻي. منھنجو محبوب مھرائي وچن آ ويو ڪري مونسان، ورڻ وارو وري ناھي، وئي آ شام ٿي ھاڻي
(جھانگير ڏاهري)
اوهان آيا، ختم ٿي ويا، زمانا رات ڪاريءَ جا، ٻري ڏيئا سوين پيا ڄڻ، اسان جي گهر ڏياريءَ جا، دليون دلدل منجهان نڪتيون، چپن تي چاندنيون چمڪيون، زمينن تان کڻايا ويا، وڇاڻا اشڪ باريءَ جا، هيون موجن مٿي موجون، درياءِ عشق دلبر جون، وئي دل جي ٻڏي سھڻي، لهي ويا ڏک ڏکاريءَ جا، هئي بندش پيا ڪن تي، وري ڪنھن ميڪدا کوليا، شروع ٿي دور ويا ڪي ئي، اسان تي مئہ خماري جا، چون ٿا ڪو هيو سرمد، اسان جي شھر جي ڀر ۾! کلي الزام کنيا سر تي هزارين جنھن غداريءَ جا،
علي صفدر
غزل ٻھراڙيءَ ۾ پرڻيل آهي پل پل پور ڇڙھيندي ھوندي ھڪڙي ھٿ ۾ ونجڻو ھوندسٔ ٻي سان درد تڙيندي ھوندي! ھوءَ جا پاڻ قبولي ويٺي رٔگھھ جي رات مقدر ۾ آ، ڪاري رات ۾ ڪڙھندي ھوندي سھڪي ساھ جھڙيندي ھوندي! پنهنجون ئي ڪجھھ ڪجھھ اوڻايون ھٔن کي ياد نه اينديون پر، ساري ڪسٔ ڇڏيندي مون تي، مون تي ڏوھ مڙھيندي ھوندي. ھاڻ ته ھٔن ڀي گھر ورتو آ، ير ڊکڻن جي پاڙي ۾ ھاڻ چپن تي چپرون ھڻندي، اک جا خواب گھڙيندي ھوندي. ويٺي ھوندي پنهنجي مٔنھن سان پويون ڳالهيون سوچيندي، ڳالھھ ڳالھھ جي ڪڙي ڪڙي سان ڪيڏا قرب ڪڙيندي ھوندي.

ايوب کوسو
غزل۔ ستارن جي ٻَک ۾ سُتيون چاهتون، کُلي اک ته سُڏڪي اُٿيون چاهتون۔ نه چنڊ ساڻ چرچا نه ننڊ ساڻ ناتا! اسان کان الئہ ڪٿ رُٺيون چاهتون؟ اڙي وقت ! توسان نبيرو ڪبو، گھڻيون تو به آھن گُھٽيون چاهتون! ڪو دردن ۽ زخمن کي سيبا ھڻي، ڪو مُرڪي پُڇي ڇو لٽيون چاهتون!| تون ريتن جي راتين ۾ وڪجي وئينء، ۽ رستن ۾ آھن ٽُٽيون چاهتون! رهيو خيال خُوشبوءَ سندو ڀاڪرين، دل جون ھر ڪنڊ ۾ ڦٽيون چاهتون!
نثار ٻانڀڻ
سج جي هُن ڀَرِ.!! تنهنجي اوسيئڙي مونکان منهنجو جوڀن کسي ورتو آهي، ڪيئي راتيون رولاڪيءَ ۾ گذريون آهن، هاڻي ته مون وٽ سانجھھ جي معنيٰ ئي مٽجي وئي آهي.! وِھُ جي تاس جاڳي مسلسل پنڌ ڪري ٿي مَنَ ۾ اُن امرت کي هورڙيان هورڙيان نه... پر هڪ ساهيءَ ۾ ئي پيئڻ ٿو گهران! ڇو ته اونداهين جي هيڪلائين جا مڙئي عاشق توکي ئي پيا ڳولهين ۽ ورنائين، ڄڻ تنهنجي مزدوري ڪنِدا هجن تن جي پگهر جو سمنڊ مون ڏانهن پير پير وڌندو پيو رهي.. ۽ مان اُڀ ۾ پيوند اُن چنڊ جيان هڪ روشن وچن بڻجي ويو آهيان! جنهن جو ديس برپٽ ۽ ويراني آهي ڪيئن اُن تاس سان توکي ڳولهيندس؟ ۽ پائيندس اهو سُرور جو پهراڻ جنهن جي لاءِ ٻُور ٻهاڻ کسائي ڇڏيم؟!
گلبدن جاويد
اتر جي هوا جي پهرين جهوٽي سان ، يادگيريون خوشبوءِ جيان ، وجود کي واسي وڃن ٿيون، لمحو - لمحو- ،گلن جي پتين جيان دل جي زمين تي وکري وڃي ٿو. سور ۽ سرور جو گهرو احساس، روح ۾ پيهي وڇي ٿو...!

جلال شيخ
غزل بيوفا ناهيان پرين الزام آ ٻي سبب ئي لوڪ ڪيو بدنام آ هر گهڙي ۽ هر پهر تون ياد آن ڪانھ سک جي مون ڪٽي ڪا شام آ ڌار توکان ڪونه منهنجي ٿي سري ڏينهن توڙي رات ڀر ماتام آ ڪر سڄڻ ڪو مون مٿان تون ڀروسو دل اندر دلبر رڳو ڪھرام آ پيار جو دشمن سڄو سنسار ٿي مون چيو توکي سري ئي عام آ روز دانھون ٿو ڪري جاني جلال پيار منهنجي جو ٿيو قتلام آ.
اميد علي جاکرو
غزل چنڊ ڀي شاھد آ ستارن ڏٺو ھو، درد جي لھر کي نظارن ڏٺو ھو. لٽيا ھئا خواب اکين جا سڀ جانم، ترينءَ پي دل تي ڪنارن ڏٺو ھو. مرڪ آڻي چپن تي پڇو ٿي ھن، ڪنھن جي ٽٽي دل ڌنارن ڏٺو ھو. روئي ستي ھئي ڪا ڏور ور کان، ڳلن تي لڙڪن جي لارن ڏٺو ھو. چاھ جون چوڙيون لاھي ٿي ھوءَ، اميد آ ختم ٿي پڪارن ڏٺو ھو. ڪري سڏ ٿي ڌرتي ڌڻين ٿيو اچي، آزاد آ ڪٿي ڪو قطارن ڏٺو ھو.
وحيد محسن
غزل پرين عشق پنهنجي خوابن تي سوچيو ; کڻي نيڻ چوڌر گلابن تي سوچيو - تون ادراڪ ماڻي ھتان ئي وڃي ٿو ; اھي راز ماڻي نصابن تي سوچيو - ڪيو علم جو سوجھرو سج بڻجي ; اھو خيال تانگھي عطائن تي سوچيو - ڪٿي وقت ڏيندو اڃان ساٿ تنهنجو ; وفائون سمائي ادائن تي سوچيو - فڪر فلسفي مان سکيم زندگي کي ; پڙهي پاڻ "محسن"ڪتابن تي سوچيو !

هجوم يادون ۽ اڪيلو ماڻهو ھوا ۾ لڏندڙ ٻہ هٿ! جيون کوکلو ۽ اکيون نم موسم جهڙالي ڏس او! سانورا بينچ خالي!!.
حڪيم پريم چاندواڻي
غزل ڪو پيار جو سج اڀاري ڇڏجي، سنگدل کي، پيار سيکاري ڇڏجي۔ نئين ٿي مثالي، دنيا گهرجي، هر دل کي، اجاري ڇڏجي۔ سڀ ڏکن غمن، تڪليفن کي فرحيء جان، ميساري ڇڏجي۔ بي ساھه دلين ۾، ساھه ڀري، نيڪيءَ راھه، ڏيکاري ڇڏجي۔ امن و امان، سڃاڻ اسان جي، زهر غصي جو هاري ڇڏجي۔ جوت مان جوت جڳائي پيارا، هر انا ٻيائي ماري ڇڏجي۔ هر روح کي، راحت ٿي گهرجي، پريم جي مشعل، ٻاري ڇڏجي!۔
خيال کتري
غزل ڏکن کان ڏکيو تنھنجو ورتاءُ مون سان، رھيو آ وڇوڙي سندو گهاءُ مون سان. ٻين ساڻ وھنوار سھڻو رکين ٿو، اڍنگو رڳو يار برتاءُ مون سان. ڪُڌا يار ڪرتوت پنھنجا وڙھن ٿا، تڏھن آ مخالف رھيو واءُ مون سان. پَسائي اکين کي سڌي راند ھئي پر، وڙھي يار ابتو ويو داءُ مون سان. نٿو يار ڀانئي ڌُڪو ڪينَ ماسو، ڇڏيو سير جي شل! ٺھي پاءُ مون سان. نتيجو مليو ھي سِڌي ڳالهـ جو، زماني سدائين رکيو کاءُ مون سان. ڇَٽي ٻِج تفرقي جو سادين دلين ۾، وڙھايو ويو دين جو ڀاءُ مون سان. ڏسيو زندگي خوش جلن جيءُ ۾ پيا، پُڄن ڪينَ ٿا پر رکن تاءُ مون سان. گهڙي کن حياتي رھي آھي ”کتري“، ڪريو يار ھاڻي ڪو سرچاءُ مون سان.

جعفر جاني
غزل هاءِ، هجومن جي لُڙ ۾ تحليل نه ڪر، وقت ! اسان کي ايئَن صفا تبديل نه ڪر! مولا ! مون وٽ موسیيٰ جي لٺ ڪانهي ڪا، مولا ، منهنجي لاءِ حياتي نيل نه ڪر! نرميءَ سان ڳالهاءِ ته ڳالھھ کٽايون ٿا، ڀائر آهيون، لهجي کي قابيل نه ڪر! واضع ڪر تون سنڌ سان آهين يا ناهين، اٽڪل سٽڪل کي ڇڏ، پيش دليل نه ڪر! هيرائي ڇڏ رستن جي گرمائش سان، چُلھ تي سيڪي پيرن جي تذليل نه ڪر! عشق علم ڪونهي ڪو ، الهامي شئي آ، الهامي شئي جي ”جاؔني“ تاويل نه ڪر!
محمد ايوب عارض واهوچو
غزل نـرگِـس ڍڪين نگاهُـون، ڇو ٿو؟ نـقـاب وانگي، صُـورت پسـاءِ ! پنهنجي، مون کي ثـوابَ وانگي! پاسي ڪري هي پـردا ، آجيو ٿي اڄُ تہ مِل تون، رهـنـدو حبيب! آن ڇو؟، هـيڏي! حِـجاب وانگي! سامُهون آهين تہ سنڌي،مضمون جان سُهين پِيو، تنهنجـو پري هُـجـڻ آ، هُـونـدو"حساب" وانگي! اقــرار يار ! تنـهـنـجـو ، محشر جو ڇوٽڪارو، انـڪار ڄـڻ قـبـر جي ، آ احــتـسـاب وانگي! عــِـزًت وڌي پـوي ٿي، اُن دم گُلاب جي ، جو، لِـکندو هان تنهنجا لـبـڙا ، آهــن گُـلاب وانگي! تنهنـجِي نِـهــار نِـرجـل، نقشي ٿي نينهُـن ناطِق، نـرمل! هي نيڻ تنهنجـا، نـافِـذ نِـصـاب وانگي! مُنهُـن موڪرو ۽ اکڙيون ، آبِ حيــاتَ پيـالا، چـهـرو تـو آسمــاني ، ڪامِـل ڪتـاب وانگي! هيءَ عشق جِي آ مون تي، هڪ خـاص مهرباني، توتي لِـکان غــزل ٿـو ، سمجهي ثواب وانگي! سهڻا سوين، هزارين ، لائــق لـکين ، ڪروڙين، اڄ تائين ڏٺو نہ "عارض"، آ تــو جنـاب وانگي!
سجاد علي خاصخيلي
غزل وَڌائي ڪُجَھھ اَسان جي لَئي وَصَل جا سِلِسِلا جانَان نِپوڙي رُوحَ رَهِيا آھِن فَرقُ ۽ فاصِلا جانان وَرِيو آهي ڊِسِمَبر ھِي کَڻِي ٿَڌَ ۽ هِجَر هيڏو, بَڻِج موکِي مِٺِي مُنهِنجِي سَجا ڪي مَئِڪِدا جانان. دُنِيا آ بي وَڙِي ڏاڍِي رَکِي ڪِٿ رازَ ٿِي ڪَنهِنجا، لِڪائي رازَ رَکَ پِنهِنجا گَھٽائي مَسَئِلا جانان. مَتَل ميدانِ جَنگَ آھي قَدَم اَڳَتي وَڌائي تُون، هَٽِي پُٺَتي نَه دُشَمَن جا وَڌائي حوصِلا جانان. اَسِين آزادَ دُنِيا کي پِرِين پَڪَ ڄاڻُ پُهَتاسُون، اَندَر ۾ پاڻُ پيدا ڪَر نَوان ڪي وِلِوِلا جانان. وَڏِي گَجَگوڙ سان پِنهِنجِي اَنا کي پاڻُ ھارائي, وَڌِي رَهِزَن سَندِي صِفُ ۾ مَچائي ٿَرٿَلا جانان.

ارشاد ڪٽپر
نثري نظم — "مان، جيڪو سمجهان ٿو" مان ان لمحِي ۾ به موجود هيس، جڏهن لمحا پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا۔ وجود ايئن نه ٿيو جئين ڪا شيءِ اوچتو ٺهي پوي— وجود دراصل نه ٿيڻ ۽ ٿيڻ جي وچ وارو ٿرٿلو آهي، جتي خاموشي به ڳالهائيندي آهي ۽ آواز به ڪجهه نه چوندو آهي۔ مان پاڻ کي صدين ۾ ورهائي وقت جي ڪُک ۾ لڪائي رکيو— ته جيئن سمجهي سگهان ته وقت رڳو ماپ آهي، پر سفر ماپ کان وڏو آهي۔ هر روپ جيڪو مون اختيار ڪيو، اهي حقيقت ۾ منهنجا روپ نه هئا— اهي رڳو علم جا پردا هئا، جنهن مان مان گذرندو رهيس تاڪه پاڻ تائين سمجهه حاصل ڪري سگهان۔ سڪ مون کي ٻاري ڇڏيو ته جيئن مان سمجهي سگهان ته تڪليف به هڪ استاد آهي؛ ۽ پيار مون کي چمڪائي ڇڏيو ته جيئن ڄاڻي سگهان ته نور اندران ئي جنم وٺي ٿو۔ فنا جو خوف مانيءَ جي چادر آهي— اصل حقيقت ۾ فنا ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو شعور ٿي هڪ دفعو جاڳي ٿو، سو وري سمهي نٿو سگهي۔ مان ڄاڻان ٿو ته هي جسم ختم ٿيندو، هي نالو به وسري ويندو— پر مان انهن شين مان ڪونه آھيان جيون وقت کائي ڇڏيندو آهي۔ مان ان فڪر جو تسلسل آهيان جيڪو پيدائش کان به اڳ سوچيو، ۽ موت کان پوءِ به سوچيندو رهندو۔ ۽ جڏهن سڀ سوال رلجي ويندا، تڏهن مان پنهنجي اندر جي خاموشي کي چوندو ڏسندس ته "مان آهيان، ڇو ته مان سمجهان ٿو."
ثريھ سرھاڻ گل
غزل نئون سال ٿئي شال، ڀاڳ وارو، خوشين ۾ هجي شال ھي ڏيھھ سارو. ميلا متل شال هجن محبتن جا، جدا ٿئي نه ڪنھن جو پرين پيارو. آهي رب کي پارت، ٿين سڀ سڻايون، ڪڏھن ڀي نه سڄڻ ٿئي ڪو ڏکارو. خوشين جي دولت سان ٿئي مالامال هرڪو ڏکن ڏوجهرن کان شال ملي ڇوٽڪارو. سدائين سکن ۾ ھجن منھنجا مارو، ڪري ڪوئي ڪنھن لئہ نه ڪو ويس ڪارو. سنڌو ۽ سڄڻ جون مچن محفلون ڪي، سدا گل رھي ھتڙي شال ٻھڪيل نظارو.
اسد راھي رند
غزل عجب دنيا جـو دستور ڏٺـوسـيـن، وفـائـن تـي بـه نــاســور ڏٺوسين. پنهنجن جـي بـه ريت ڏٺـي ٻـئـي، اداوت کـي بـه ڀرپـور ڏٺـوسـيـن. هـمـدرديءَ جـــا نــالا هــئــا پــر، دلين ۾ فـقـط غـــرور ڏٺـوسـيـن. دردن جي هئي ساڳي راهه سدا، هر موڙ تـي بـس ســور ڏٺوسين. راهي رند جي دل ڀي ٿي اداس، دلـبـر بـه هـاڻ مـغـرور ڏٺوسين.

مير گل جتوئي
خوابن جي دنيا...!! آءُ ھر روز خوابن ۾ پنهنجي دنيا اڏيندو آھيان. دنيا جنھن ۾ وقت به مون سان مقابلو ڪندو آھي، خاموشيون به ڳالهائينديون آهن، ۽ رات جي اونداهيءَ بھ، ۽ روشنيءَ بھ وڙھي پوندي آھي . دنيا جنھن ۾ اڪيلو لڇندو رھان ٿو ۽ سوچيان ٿو مون کي ڪو به ڇڏي نھ ويندو! جتي يادون ساٿ ڏينديون آهن، ۽ جيڪي لفظ مان هتي نٿو چئي سگهان، سڀ اشارا تون سمجھي ٿي! دنيا جنھن ۾ تون به آهين مان بھ آھيان ۽ پنھنجو پيار.!!!. ھا بس پيار!!
رحمان عباس
غزل دل ۽ ڌڙڪن تان گذرُ هوءَ ٿي ڪَري، عمر منهنجي آ، بَسرُ هوءَ ٿي ڪَري. مون ۾ پنهنجي لاءِ ڪو مسڪن اَڏي، ذات منهنجي دربدرُ هوءَ ٿي ڪَري. ناوَ ۾ مڇليون ڪُڏي پونديون چَڙهي، شام سامونڊي سفرُ هوءَ ٿي ڪَري. موت بدران زندگي ويندو ڏئي، تيار جو مون لئه زهرُ هوءَ ٿي ڪَري. سرخ ياقوتي لبن سان ڏئي چُميون، نرم جذبن تي قهرُ هوءَ ٿي ڪَري. ڪيئن پو ميڙي ڪندي خود کي ڪَٺو، پاڻَ کي جو منتشرُ هوءِ ٿي ڪَري. شاھُ ڳائي انقلابي پنڌَ تي، جهنگَ مان پيدا شهرُ هوءَ ٿي ڪَري.
مخمور رضا
غزل دل جو گلشن اجاڙي توکي مليو ڇا خوشيون سڀ ساڙي توکي مليو ڇا ڏئي نيڻن ۾ وڇوڙي جا هي مينھن هر لمحي سان جاڙي توکي مليو ڇا دردن جا ڏئي تعفا هر موڙ وانگر، خوابِ زندگاني لاڙي توکي مليو ڇا. ٿي سگهيا توکان واعدا اهي پورا ڪين، پر دل مان اوتاڙي توکي مليو ڇا. سورن جي اوکي رات ڏئي روح کي. سڪ جو سمنڊ ڪاڙي توکي مليوڇا، تنهنجي رضا ۾ هيو عباس هي راضي لڏي رحمان جي پاڙي توکي مليو ڇا،.

ننگر چنا
اي وطن! اي وطن!! اي وطن!!! سِرَ هُجَنِ جي لکين، تو مٿان گهورِجَن! اڄ مُلا سڀ کڻي ميڙِجَن، مُٺِ ڀَري ڀورِجَن... تون مٿي ۽ مٿي ۽ مٿي، اي وطن! اي وطن!! اي وطن!!! مَٽُ نہ هي ٻولڙيا، تون مٿان ڪُرڪِيا، خاڪِ ٿين، ڌُوڙِ ٿين، اي وطن! اي وطن!! اي وطن!!! هي کڻي تورِجَن، تون ڳَرو ۽ ڳَرو ۽ ڳَرو تون اڳيان سڀ هجن پو بہ هي ڪَکُ ٿين، اي وطن! اي وطن!! اي وطن!!!
آصف زيب ملاح
غزل ڏِسِي پنھنجون اُڀيون ڇاتيون کِلِي جا آرسِي ۾ ھئي! چـون ٿـا ڳـوٺ جـي ٻاھـر! اُھـا لٽڪيل رَسِي ۾ ھئي! وِڌو ھُـن ميـٽ وارن ۾! چـرِي ٿِي چيـٽ جِي موسم! مَٿـو ھُـن پِھـرِيـون ڌُوتـو وڏِي رونـق ڪَسِي ۾ ھئي! ڪـري چـاليـھَ ۾ ٿو چار چاچـو شوق مان شاديـون! کسِـي ٿِـي آ ڪُـراڙي مت! خواھش نت اَسِي ۾ ھئي! مَکڻ کي يار ماٽِي مان اوھان ھٿ سان ڪڍيو ھوندو حِنـا جھـڙِي تڏھن خوشبُـو! سمايل ڪا لَسِي ۾ ھئي! اسان کي سمجھـھَ ۾ ھرگـز ڪڏھن ھُوءَ ڪونہ آئي آ! اسان جـي زيـب محبُوبـہھ اسان لئہھ فارسِي ۾ ھئي!
ايوب کوسو
غزل مان ويراني ۾ پير کڻان، تُون چُپ آهين تون چُپ آهين.! ڪيئن آخر تُنهنجو ساٿ مڃان، تُون چُپ آهين تُون چپ آهين؟ هِن اوجهڙ ۾ آواز ڏيڻ مقتل سان بغاوت سمجهن ٿا، هِن ماٺارن ۾ سينَ هڻان تُون چُپ آهين تون چُپ آهين. هِي ڳاٽ ڦندي ۾ ڦاٿل آ، ۽ قهر هينئين لئه هيبت آ، بيداد ٿيان، بي وقت کَڄان، تُون چُپ آهين تون چُپ آهين. هُو وحشي ڪاريهر قاتل پيو ساهه اندر ئي زهر ڇنڊي، ڪو ڏنگ هڻي ٻي ڏنگ مٿان،تُون چُپ آهين تُون چپ آهين. ڇا تُنهنجيءَ ناهي ديد رهي يا ناهي هاڻ اُميد رهي؟ هيڪار ٽِڙان ٻيهار ڇَڻان، تُون چُپ آهين تُون چپ آهين. ڪا مهڪ بغاوت ۾ آهي، ٻي تَڙپ اَڏاوت لئه آهي، هر بار وفا جو وچن ٿيان، تُون چُپ آهين تُون چپ آهين. هِي مُنهنجي ناهي جنگ پرين،هِي پنهنجي آهي ويڙهه پرين، ٻيو ڇا ته چوان ٻيو ڇا ته چوان، تون چُپ آهين تُون چپ آهين.

مھر فقير
غزل ڪڏهن چاڙھ ڪڏهن لاھ زندگي آ سنڌ ۾ سينڌ وانگر درياھ زندگي آ! اڳ هئو عام جام هاڻي نه آب آزاد، ڪٿان کائي مال گاھ زندگي آ! ڍنڍ نه ڍورو نه ئي ڪو وهي واھ، ھا ويو سُڪي سو تڙ تلاءُ زندگي آ! اٿ اک کوليو وڃن ٿا وطن وسيلا، ڪرڻ قوم کي ايئن آگاھ زندگي آ! هٿ رکي چوي ٿي ڪونهھ ڪاري، ڪيو قرآن تي ڪو ويساھ زندگي آ نه ماريو پکي بندوق يا ڄار سان اُڏري وڃن ڏيو کين ٽاھ زندگي آ! صفا سولڙو سادڙو غزل فقير جو، ڪر سو غور و فڪر ڀاءُ زندگي آ!
سڪندر اسماعيل نھڙيو
غزل دنيا جي درٻارن کي مان نٿو مڃان عارضي سھارن کي مـان نٿو مڃان! جو پاڻ پارسائي جي دعوا رکن ٿا ڪوڙن ڪردارن کي مان نٿو مڃان! خيالن جي اڏام اوچايون ڇھي ٿي دوستو ديوارن کي مان نٿو مڃان! بھارن تي اسانجو پيدائشي حق آ ڏهڪاءُ ڏڪارن کي مان نٿو مڃان! منھنجو مالڪ آھي افضل سڪندر باقي سرڪارن کي مان نٿو مڃان!
عبدالماجد سومرو
نظم لڙڪ هاري اکين مان ٿو روئي پوان وئين جدا ٿي مٺي مونکان جيجل امان! ان وڇوڙي ڇڏيو، جيءُ جھوري صفا وئين جدا ٿي، مٺي مونکان جيجل امان! ڪو نه بابا جو مون کي مليو پيار هو، مون کي بابا جيان تو ڏنو پيار هو، تنهنجي شفقت جو هٿڙو به مون کان ويو! هاڻي منهنجي امڙ ڪنهن کان شفقت گهران، جيءُ منهنجو جهريو، حيانءُ منهنجو ڏريو، ڌڪ جيجل گهڻو، منهنجي دل کي لڳو! تنهنجي وڇوڙي آ مونکي ماري ڇڏيو! تنهنجون راهون امڙ پيو ٿو روز تڪيان! تنهنجي پياري امڙ خالي کٽڙي ڏسي، لڙڪ منهنجي اکين مان اچن ٿا تري! يادون تنهنجون امڙ مون کي پل پل اچن! تنهنجي يادن سهاري ٿو جڳ ۾ جيئان!! مون کي ويران گهر جو اڱڻ ٿو لڳي، خالي گھرڙو امڙ ڄڻ ٿو کائڻ اچي! تنهنجي هوندي ته رونق لڳي پئي گهڻي، رونقون ٿو ختم هاڻ سڀ مان ڏسان، عبد ماجد ٻچو تنهنجو مغموم آ! تو سوا ٿيو خوشين کان هي محروم آ!! تنهنجي ٻچڙي جي دنيا آ اجڙي وئي. سومرو ٿو چوي ڏک ڪنهن کي ڏسيان! او جيجل امان! او جيجل امان!!

ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو
ڪهڙي جهوري لڳي ڪهڙي لوري لڳي هيانءُ جهلجي نه ٿو اک سڪي ئي نه ٿي اوچتو اوچتو ڪيئن ڇڏي وئين هليو ڄڻ مسافر هئين وقت ويو آ رڪي ڇا ڪريان ڇا چوان ڪيئن جيءَ کي جهليان دل جي مٽي ڪچي پئي ڀري ٿي يڪي تو سوا زندگي ڄڻ اڌوري پٽي مس قلم ميٽ هوندي لکجي ئي نه ٿي اچ ته جهيڙا ڪريون اچ ته ميڙا ڪريون تو سوا ڪا گهڙي هينئن سري ئي نه ٿي خواب ۾ ئي سهي هڪڙو ڀيرو اچي ڪا تسلي ته ڏي دل مڃي ئي نه ٿي!!
ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
غزل توکان دور رھي ڪيئن سگھبو ھي آزار سھي ڪيئن سگھبو تو بن لبڙن تي ويراني دل سان ھاڻ کلي ڪيئن سگھبو منھنجي سوچ خيال ۾ تون آن بنا توکان ھاڻ رھي ڪيئن سگھبو يادون سنڌو لھرن وانگي تن تي يار تري ڪيئن سگھبو تنھنجون ڳالھيون مڌ جي خوشبو ھوش ۾ پوءِ اچي ڪيئن سگھبو توکان سواءِ جيون ڪھڙو؟! ايڏو درد کڻي ڪيئن سگھبو ھي چاھ اٿئي ڄڻ باھ علي پيار ڪري پوءِ مڙي ڪيئن سگھبو!
مظھر شاھھ لڪياري
غزل اها به ڪا نجات آ، نه رنگ آ، نه روشني، جي ساهه ۾ نه سوز آ، نه ڍنگ آ، نه روشني! دل ريگستان بڻجي وئي، وسڪارو وسري ويو، نه عشق جي برسات آ، نه دمڪ آ، نه روشني! نه ٿي کپي نه ٿي کپي اھا خوشي بازار جي، ذڪرِ حق کان خالي دل، ڄڻ ته خالي آھي ڪائنات، نه روح ۾ راز رهيو، نه سنگ آ، نه روشني! جنهن هنڌ نينهن جو مول ئي مٽجي ويو ، نه ماڻهپي جي ذات آ، نه چنگ آ، نه روشني! مظهر چوي ٿو، سمجهه هي وقت جو اشارو آ، „بِن سچ جي هر حيات آ، نه دنگ آ، نه روشني!

غزل جڏهن به پِير عشق تي لٿيون گهڙيون زوال جون، مريد درد جون ڏٺم ڪرامتون ڪمال جون! وري به تو جواب کي حجاب ۾ ڍڪيو پرين، وري نه تو پروڙيون نزاڪتون سوال جون! شراب جي حرام آ، حرام جو ڇهيو هجي، نشو اسان تي آ چڙهيو، ڏسي اکيون ڪلال جون! جبين ديندار هو، اتي اتي جهڪي پيو، جتي به منعقد ٿيون جماعتون جمال جون! نه روس کي رمي پڳم نه ئي نصيب حج ٿيو،، نه روبلي مزا مليا نه رحمتون ريال جون! غزل ۾ ڪو مزو نه هو، سندس چپن جو معجزو، ڪا شاعره ڪري وئي ، پهڻ اکيون پنڊال جون! ملان وڃي نماز پڙھ، جڳن جي جاڙ آ هتي، ڳجهارتون نه سمجهندين قلندري ڌمال جون۔! اکين جو ڌيان دڳ ڏي، ڏسي ڪتاب ٿو کِلي، اجهو وري وريون پريون کڻي ڀريون پلال جون۔!
ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
راجا ڏاهر جنهن پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيل وچن واعدا ۽ قول رت جي آخري دم تائين نڀايا. هو مري ضرور ويو، پر پنهنجي مٽيءَ سان غداري نہھ ڪئي. بهادري، عظمت، جرئت، شجاعت، ڌرتيءَ جي بقا لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويو! اهي لفظ ناهن، پر سندس آخري دم تائين لڙيل جنگ جا نشان آهن ۽ ديبل جي ڪناري تي جيڪو رت وهايو ويو، اهو رڳو هڪ لشڪر جي آمد نہھ هئي اهو انسانيت جي پيشانيءَ تي لڳل هڪ سواليا نشان آهي. تاريخ جا ورق چون ٿا تہھ طاقت جا رستا جيئن واپار، سياست، عقيدو ۽ لالچ سڀني مذهب جي ڌاڳن کان وڌيڪ گهرا هئا پر مٽي جي لڄ خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو "اي منھنجي ڌرتي جا ڏاهر تون ڌرتيءَ جو هيرو ۽ انسانيت جو علمبردار آهين.“
ارباب علي عادل چوھاڻ
غزل گلڙن جي سرھاڻ به ساڳي، چنڊ جي پڻ چانڊاڻ به ساڳي!َ گلشن ۾ گل روز ٽڙن ٿا، تن ۾ خوشبو ھاڻ به ساڳي! جيت پکي ماڻھن جي واتان، قدرت جي واکاڻ به ساڳي! ڦوھ جواني ۽ جوڀن ۾، جوت ڀريل لالاڻ به ساڳي! پيارن جي پڻ موت تي ايندڙ، اکڙين ۾ آلاڻ به ساڳي! پوءِ به مسلم ٽولا ٽولا، ديني توڙي ڄاڻ به ساڳي! ظالم ۽ مظلوم جي "عادل" دنيا ۾ ڇڪتاڻ به ساڳي!

عاصم کوسو
غزل مٺا موڪلائي امن ويو اسان کان، ويا شھر پاڙا وطن ويو اسان کان! محبت به مطلب جي تابع ٿي وئي آ، زمين وئي اسان کان زمن ويو اسان کان! ويون موڪلائي بھارون اسان کان، خزان ڪر کنيو آ چمن ويو اسان کان! روين ۾ ڀرجي زھر ويو آ يارو، محبت ڀريو سو جمن ويو اسان کان! رڳو کس کسان آ رڳو پٽ پٽان آ، گلن وارو گلشن ويو آ اسان کان! نه نڙ بيت وائي نه ڪا چنگ چرپر، اڱڻ ويا اسان کان صحن ويو اسان کان! ڪرن ٿا ڪپر تي لاشا اگھاڙا، چوان سچ ته ”عاصم“ ڪفن ويو اسان کان!
اصغر ميمڻ
غزل ڇڏي عزت شان مان ماڻھو، ٽڪي ٽڪي تي وڃي وڪاڻو! گھٽي گھٽي ۾ پني پيو جو، اسان بنايو سو راڄ راڻو! گڏھ آيو، شينھن جي کل اوڍي، ٿي پڌرو پيو پوءِ ڏسي ته لاڻو! اھڙي پئسي ۽ جيون تي لعنت، ماڻھو سڀئي ڪن جي ٿڪ ٿڪاڻو! ٽڪي ۾ وڪجي وئين ليڊر ٿي، رنڊي توکان وڌ وٺي ٿي ناڻو! تنھنجي غداري جي عمر ساري، ڪمائي وئيشيا ٿي ھڪڙو ٽاڻو! وڪائو، توتي لکي ڇا اصغر، آھين خواريءَ ۾ تون ساماڻو!
انجم قاضي
غزل هر آس کي تيلي ڏئي گذري ويو، احساس کي تيلي ڏئي گذري ويو. ڪلھھ رات جو اونداھ ۾ ڪوئي اچي، آڪاس کي تيلي ڏئي گذري ويو. پوپٽ، ڀنڀوريون، گل سڀئي سڙندا رهيا، ڪو واس کي تيلي ڏئي گذري ويو. پيئي اڏامي خاڪ ٿي هاڻي رڳو، بنواس کي تيلي ڏئي گذري ويو. انسان پنهنجِي پاڻ ئي تهذيب جي، اتهاس کي تيلي ڏئي گذري ويو. بدبوءِ ٿي ”انجم“! ڀرم مان اَڄُ اچي، وشواس کي تيلي ڏئي گذري ويو.

عمران گل ڪلر
غزل ھر رات خوابن ۾ ايندي تون آھين، کسي چين منھنجو ويندي تون آھين. زلفن جا ڪارا ڪڪر تون ڪرائي، ڪاري نانگ وانگر ڏنڱيندي تون آھين. ڪري تون به مونسان ڪي کينچل ادائون، پنھنجا ناز نخرا ڏسيندي تون آھين. عجب مرڪ آڻي پنھنجي رخ مٿان تون منھنجي دل جو سک چين کسيندي تون آھين. ڪلر قھر آھي اھو مون مٿان ڇو، ڏيئي منھن تان پردو مٽيندي تون آھين.
فقير مجتبا ڏھيو
غزل دل جــي دنـيـا اداس نــم آهــي، زنــدگــي ھــر گـھــڙي زخــم آهــي. آھھ تــي آھھ ۽ ٿــڌا ســڏڪــا، ڪيڏو ڪڙڪـيو گجي ھي غم آهي. ھـي بـه بـارش ڪـا يـاد مـاضــي آ، ڇـا تـه لـڙڪـن ۾ لار ٽــم آهــي. اڄ بـه خـامـوش تـات تــرسـي ٿـي، مـنـهـنجـي جيسين جسم ۾ دم آهي. حــال دل ”مـجـتـبـا“ چـيـو جـيـڪـو، سـو نـه ڇـيـرن سنـدو ڪـو ڇم آهي.
سجاد مھر
غزل ڳوڙها ڳاڙي آيا آهيون، ٻيڙا ساڙي آيا آهيون. دل جي ڌرتيءَ ساھُ سُڪايو، اُڀَ کي ڦاڙي آيا آهيون. ڪنهن وڄايون پنهنجي پويان، تاڙيون تاڙي آيا آهيون. ڀاڳن کي ڀت کان اڇلائي، پاڻ تي ڀاڙي آيا آهيون. روحَ ڏي ويندڙ رستا سارا، جانب! جهاڙي آيا آهيون. وَستين جا ۽ ويرانين جا، لڱ لتاڙي آيا آهيون. ڇولين کان ڪجھھ ڇرڪ ڇڏائي، سمنڊَ جي پاڙي آيا آهيون. پوءِ بہھ تنهنجي سڏَ تي سانئڻ! پيرَ اُگهاڙي آيا آهيون.

سارنگ ٻٽ
غزل رات پويون پھر ھو يا پرڀات ھئي، سوچ جي سانوڻي ھئي ۽ برسات ھئي، اڀ اجرو وڳو گھوٽ جو پئي لڳو، صبح وھنتل سھاڳڻ ڪائنات ھئي. زندگي موت جو بَکُ نہھ ٿي ھئي اڃا، ساھہ ھيڏي نھ ھوڏي ھو، سڪرات ھئي. مون تھ نظرون کنيون ڪين ٿي خوف کان، شرم کان ديد تنھنجي بھ محتاط ھئي . روح پنھنجو ، گداگر جو ڪستو ھيو، سونھن تنھنجي پرين ڄڻ تہھ خيرات ھئي. وڃڻ وارن جيان تون ھلي وئينءَ پري، آخري الوداعي ملاقات ھئي. مان ڪچي رڪ وانگر ڪڻيون ٿي ڇڻيس، عشق ھو آڳڙيو، برھہ جي بات ھئي. وصل جا سڀ سجدا قضا ٿي ويا، عمر جي ڄڻ اجائي عبادات ھئي. ڄار ۾ ڄام جو نينھن گندريءَ اڻيو، نانءُ نوري ھئس، عاشقي ذات ھئي.