موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
News Section

ضلعي ٺٽي جو تاريخي پسمنظر : رپورٽ: شريف گل خاصخيلي

News Section

(جھڪر جو دڙو) رپورٽ: عاشق علي جتوئي

News Section

(ڀنڀور ، سنڌ جي ڌرتيءَ تي دفن ٿيل تهذيب، محبت ۽ تاريخ جو لازوال داستان) رپورٽ: شريف گل خاصخيلي

News Section

جنگشاھي سنڌ جي دلڪش تاريخ: رپورٽ: جاويد جان

News Section

واڊيا ويٽرنري اسپتال ھڪ تاريخي شاھڪار: رپورٽ: محمد اجمل

News Section

مڪلي جو ماڳ ، سنڌ جي تاريخ، علم ۽ روحانيت جو لازوال ورثو! رپورٽ: شريف گل خاصخيلي

News Section

”مهاڀارت“ ۾ سنڌي فوج جي هاٿين (Gaja) جي دهشت ليکڪ ڊاڪٽر اديب انقلابي

سترهين فيبروري اهو ڏينهن آھي، جنهن ڏينهن  تي سال1843 ۾ انگريز سامراج، سنڌ  جو اقتدار اعليٰ ختم ڪري، سڄي سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو.  جنرل چارلس نيپيئير جي اها بدمعاشي هئي ته، هن برطانيا سان دوستي توڙي راهداري معاهدن باوجود، انهن معاهدن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي  سنڌ مٿان زبردستي جنگ مڙھي ڇڏي .
سنڌ جي اها تاريخي غلطي غفلت رهي آھي ته سنڌ سدائين پنهنجي ريگيولر فوج نه رکڻ سبب، حملن جو شڪار ٿيندي ارغونن ترخانن سميت مختلف ڦوروئن هٿان ڦربي لٽبي رهي آھي،  انگريزن جي وقت ۾ به ائين ئي ٿيو!
سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن آخر تائين جنگ نه پئي چاهي، مير نصير خان جنگ لاءِ آمادهه نه هيو، کيس اهو اعتماد هو ته انگريز دوکو نه ڪندا،  پر انگريزن دوکو ڪيو.
جنرل آٽورام جيڪو پڻ جنگ جي حق  ۾نه هو، انگريزين ۽ ميرن جي وچ ۾   ڳالهيون ھلندڙ ھيون  جو، فيبروري 1843ع  ۾، چارلس نيپيئر جنگ جو فيصلو ڪري ورتو. انگريزن کي اها به خبر هئي ته، فيبروري کان پوءِ سنڌ ۾ موسم گرم ٿي وجڻ سبب، انگريز فوج جنگ نه ڪري سگندي. مئي، جون ۽ جولاءِ جي گرمي برداشت ڪرڻ ھنن جي وس ۾ نه هو.  افغانستان مان شڪست کائڻ سبب، چارلس نيپئير سنڌ تي جنگ مڙھي ڇڏي. 
17 فيبروري اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن  حيدر آباد جي اتر ڏکڻ طرف  مياڻي جي ميدان  تي جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  هڪ اندازي موجب،  سنڌين جو عوامي لشڪر  پنجويهه هزار هو  ۽ انگريزن جو لشڪر ٻه هزار، چاڪ چوبند تجربيڪار جٿن تي مشتمل هو،  هنن فوجن ۾ اهو فرق هو ته، انگريز جنرل نيپئير کي ڪافي جنگن  جو تجربو هو، سندس فوجي به تجربي ڪار هئا.
سنڌ جي لشڪر کي ڪو جنگي تجربو نه هو،  هي فوج مختلف ذاتين برادرين تي مشتمل هئي، هن وٽ جديد جنگي هٿيار بھ نه هئا.
هن جنگ جي ڀيٽ ھڪ عالمي پاور جي مقامي ننڍي ملڪ طور ڪري سگهجي ٿي،  مثال طور هن وقت آمريڪا جئين عراق تي  حملو ڪيو هو.
مياڻي جنگ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ جانثار وطن خاناڻي  جرنيل جان محمد ٽالپر جي اڳواڻي وڙھندي شھيد ٿي ويا.  ٻيو معرڪو چوويهه مارچ تي مياڻي کان ڪجهه ڪلوميٽر پري ناريجاڻي ۾ لڳو، جنهن ۾ ھوش محمد شيدي پنهنجي ساٿين سان گڏ شھيد ٿي ويو. مياڻي جنگ ۾ جڏهن بلوچن جي شڪست جا آثار بلڪل چٽا ٿي چڪا هئا ۽ انگريز فوج بلوچ سپاهين کي تيزي سان شھيد ڪندي ٿي وئي، ته ان وقت به بلوچ سورمن م ڪا به  ڀاڄ نه پئي. سندن چھرن تي خوف جي بجاءِ، انگريز سامراج لاءِ واضع ڪروڌ ۽ حقارت هئي! 
چارلس نيپئير جي ڀاءُ وليم نيپئير ”سنڌ جي فتح“ (ڀاڱو ٻيو) ۾ لکيو آھي ته، ”مياڻي ۾  سنڌين جو لشڪر اهڙي ريت وڙھي رهيو هو، جو هنن پنهنجي جان جي پرواهه نٿي ڪئي، هو پنهنجي زندگي کان به وڌيڪ قيمتي شئي لاءِ وڙھي رهيا هئا.“
  اها مڪمل طرح غلط بياني آھي ته،  سنڌين جو لشڪر جنگ مان  پسپائي دوران ڀڳو هو، اها ڳالهه حڪمران طبقن به نه لکي آھي وليم نيپئير لکيو آھي ته، ”وحشين جو لشڪر جڏھن تمام گهڻن ماڻھن جي مارجڻ تي پوئتي هٽيو ته ،اسان انهن مٿان گوليون وسائڻ شروع ڪيون، وحشي گولين ۾ مرندي ڪرندي وحشي نفرت وارين نظرن ڏانهن ڏسي آھستي آھستي هلي رهيا هئا، هي وطن جا سرفروش  تاريخ ۾ ھميشا يادگار رهندا  هنن جي قرباني کين سرخروع رکندي.“

  24 مارچ شهيد جرنيل هوش محمد شيدي جي شھادت :
شهيد هوش محمد قمبراڻي پنهنجي پيءُ وانگر، سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم هو. هوش محمد 1801ع ڌاري پيدا ٿيو. مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبيدار سندس دوست هو. هوشو هن جو هر وقت ساٿ ڏيندو هو، پر جڏهن انگريزن مير صوبدار سان ملي سنڌ تي حملي لاءِ سوچيو ته هوشوءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. هن مير صوبدار کي گهڻو سمجهايو ته انگريز سنڌ جا دشمن آهن ۽ انهن جي سازش ۾ نه اچ، پر هو نه مڙيو.
اهڙيءَ طرح انگريزن آهستي آهستي سنڌ تي پنهنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 1843ع ۾ هنن سنڌ جي حڪمران ٽالپرن کي دڙڪا ڏئي ٺاهه لاءِ راضي ڪيو. اڃا ٺاهه جون ڳالهيون مس شروع ٿيون ته 11 جنوري 1843ع تي انگريزن حملو ڪري، خيرپور جي ميرن جو ”امام ڳڙهه“ وارو قلعو فتح ڪري ورتو.
17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ لڳي ته، انگريزن مير صوبدارخان جي ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي پيش پوڻ لاءِ پيشڪش ڪئي. هوشو ان وقت به مير صوبدار خان جي سخت مخالفت ڪندي کيس چيو ته ”ميرصاحب پنهنجن کي مارائي، سرداري بچائڻ ديس سان دشمني آهي. عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙهه!“ ان تي مير صوبدار مٿس ڪاوڙ ڏيکاري ۽ کيس چيو ته ”منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“
انگريز هڪ هڪ مير کي پڪڙي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪندا ويا ۽ نيٺ 21 فيبروري 1843ع تي انگريزن جي فوج حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، ميرن جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير محمود ۽ مير صوبدار خان کي پڻ زبردستي قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو.
هوش محمد شيدي ”دُٻي واري جنگ“ ۾ هڪ سئو ساٿين سان پوين پساهن تائين وڙهندو رهيو ۽ تاريخي نعرو هنيو ته ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. هوشوءَ جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي انگريز فاتحن به ساراهيو آهي.
آخر سنڌ ڌرتي جو هي سورمو 24 مارچ 1843ع تي آخري دم تائين وڙھندي مارجي ويو، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. هوشو جي شھادت هن وقت به وڏو اتساهه آھي.

مياڻي جي جنگ  جي شھيدن جو يادگار جوڙايو :
هر سال جڏھن سترنهن فيبروري جو ڏھاڙو ايندو آھي ته،  اسين مياڻي جنگ جي شھيدن کي ياد ڪندا آھيون. افسوس ته سنڌ جا هن وقت به هزارين  لکيل پڙھيل ماڻھو ناواقف آھن ته، اهو مياڻي جو ميدان ۽ سندن يادگار ڪٿي آھي. هڪ طرف انگريزن جي مارجي ويل سپاهين جو هي مياڻي جنگ واڻڪي وسي لڳ يادگار آھي جيڪو 1843۾ جو ڙايو ويو هو، جيڪو اڄ به پنهنجي آب ۽ تاب سان موجود ۽ مڪمل طرح محفوظ آھي، ٻئي طرف مياڻي جي جنگ جي  ڪمانڊر جرنيل جان محمد ٽالپر ۽ ٻين جانثارن جون قبرون آھن، جيڪي اڄ به ڪسمپرسي واري حالت ۾ آھن ۽ ميسارجڻ طرف وڃي رهيون آھن.
اسان  هر سال هن جرنيل جان محمد ٽالپر جي يادگار جوڙائڻ ۽ ھن ٽي سئو سالا قديم مسجد کي بهتر ڪرڻ ان جي زمينن تي قبضا ڇڏرائي محفوظ ڪرڻ جون درخواستون لکندا رهيا آھيون، پر ڪنهن به اداري توڙي سنڌ جي آرڪائيو کاتي، ثقافت کاتي هن جي ڪا سار نه لڌي آھي. هن ميسارجي ويل آثارن مان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته، اسين جيڪو مياڻي ۾ غلام بنايا ويا هئاسين اها غلامي اڃا ختم ناهي ٿي، هيٺ ھڪ طرف جان محمد ٽالپر ۽ سنڌ جي جانثارن جون تصويرون آھن ۽ ٻئي طرف انگريزن جو جوڙايل يادگار آھي.
مياڻي جي جنگ جو سبق فوري طور نصاب ۾ شامل ڪري  نوجون نسل کي هن وڏي واقعي بابت آگاهه ڪيو وجي

مزارن تائين پڪو روڊ جوڙي، اتي ايندڙ ويندڙ رستن تي بورڊ لڳايا وجن ـ

سنڌ ۾  حڪمران جماعت تي لڳندڙ ڪيترائي الزام  آھن تھ، ڪرپشن ، سياسي مداخلت ، ڀرتين ۾ ناانصافيون ، ادارن جي تباھي ،  لاقانونيت ، ميرٽ جي لتاڙ ،  اڻبرابري، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زمينن تي قبضا عام ٿي چڪا آھن . جھڙوڪ، پوليس، صحت،  روينيو، بلديات، اريگيشن ، تعليم ۽ زراعت سميت مطلب  تھ ھر ادارو ، ڪنٽرول کان ٻاهر ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. ننڍي کان وڏو آفيسر ، ڪلارڪ ڄڻ ته عوام جي خدمت لاءِ  نه، پر بيئنڪ بيلنس ٺاھڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھجي! اھو ئي سبب آھي جو  ادارا تباھي جي ڪناري تي آھن. 
ڪارونجهر  مسئلو ۽ حڪومت جي ناڪام پاليسي:
ڪارونجهر جبل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ٿرپارڪر ۾ واقع هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ورثو آهي. هي جبل نه رڳو قدرتي حسن جو شاهڪار آهي، پر ٿر جي ماڻهن جي سڃاڻپ، عقيدي ۽ معاش سان به ڳنڍيل آهي. ڪارونجهر صدين کان ٿر جي ماحولياتي توازن، پاڻي جي ذخيرن ۽ جيوت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته اڄ هي تاريخي جبل سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ڪارونجهر جو بنيادي مسئلو هتي ٿيندڙ بي ترتيب پٿر کوٽائي (مائيننگ) آهي، جيڪا ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي. پهاڙ ڪٽجڻ سبب نه صرف قدرتي حسن ختم ٿي رهيو آهي، پر زميني پاڻي جا ذخيرا به متاثر ٿي رهيا آهن. ٿر جهڙي سڪي علائقي ۾ جتي پاڻي زندگي ۽ موت جو سوال آهي، اتي ڪارونجهر جهڙا جبل قدرتي وسيلو آهن، جن کي تباهه ڪرڻ مستقبل سان ظلم برابر آهي.
حڪومت جي پاليسي هن معاملي ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. هڪ طرف ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻي طرف عملي طور تي پٿر کوٽائي لاءِ اجازت ناما جاري ڪيا وڃن ٿا. هي ٻٽو معيار حڪومت جي غير سنجيدگي ۽ ماحولياتي معاملن کان لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن قانون موجود به آهن، ته انهن تي صحيح نموني عملدرآمد نظر نٿو اچي.
ڪارونجهر جو مسئلو صرف ماحولياتي ناهي، پر سماجي ۽ ثقافتي به آهي. هي علائقو ڪيترن تاريخي ماڳن، مندرن ۽ عبادتگاهن جو مرڪز آهي، جن جي بي حرمتي ٿر جي ماڻهن جي احساسن کي مجروح ڪري ٿي. مقامي آبادي بار بار احتجاج ڪندي رهي آهي، پر حڪومت انهن آوازَن کي نظرانداز ڪندي رهي آهي، جيڪا جمهوريت جي روح جي ابتڙ آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي، هر قسم جي نقصانڪار مائيننگ تي پابندي لڳائي ۽ ماحول دوست پاليسين تي عمل ڪري. مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي، سندن راءِ ۽ حقن جو احترام ڪيو وڃي. ترقي جو مطلب فطرت جي تباهي نه، پر فطرت سان هم آهنگ ترقي هجڻ گهرجي.

آخر ۾ اهو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته جيڪڏهن ڪارونجهر کي بچايو نه ويو ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪنديون. ڪارونجهر جو تحفظ فقط ٿر لاءِ نه، پر پوري سنڌ جي بقا لاءِ ضروري آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو واعدن بدران عملي قدم کڻي، جيئن ڪارونجهر هميشه لاءِ محفوظ رھي سگھي.          ***

دنيا جي باشعور ملڪن جا حڪمران، پنهنجي تهذيبي اثاثن، تاريخ ۽ تهذيب سان سلهاڙيل ماڳ مڪانن  جي بچاءَ  لاءِ اهم اپاءُ وٺندا آهن، پنهنجي سڄي ڄمار ملڪ جي اثاثن جي بچاءُ  لاءِ صرف ڪندا آهن۔  ڇاڪاڻ ته ساڻن اهو احساس هوندو آهي ته سندس  جياپو  تهذيبي ورثي سان ئي جڙيل آهي۔
اسان وٽ پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ آهي، هتان جي حڪمرانن کي فقط پنهنجي ذاتي انا ۽ ذاتي ملڪيت سان سروڪار رهيو آهي۔ ان لاءِ ڪي به اثاثا اهمت نه ٿا رکن۔
هونءَ ته تاريخي ماڳ مڪان تقريبن سموري پاڪستان ۾ ڀرڻ ۽ ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، پر  خاص طور تي صوبي سنڌ ۾ حڪومت جي نااهلي جي سبب ماڳ مڪانن جي حالت کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته، هتي ڪجھھ سالن ۾ فقط آثارن جي ڪا هڪ خاص علامت ئي بچي سگهندي!  جنهن مطابق صدين کان پوءِ  فقط ڪتابن ۾ ڄاڻائي سگهبو ته هتي ڪو ڦلاڻي نالي سان تاريخي ماڳ هو!
مان ويجهي تاريخ جو مثال ڏيان ته اوڻويھين صدين ۽ ويهين صدي جي وچ ۾، جيڪي مڪان عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ھيٺ ھوندا ھئا، جن تي غريب غربو اچي  ٻھ پل آرامي ٿيندو ھو، ھاڻ اھي  مڪان بھ مڪمل تباھھ ٿي چڪا آھن.   انهن مان خاص” مائي نيسٽ“ بنگلو، جنهن کي سنڌ جي ثقافت جي نالي سان ويجهي تاريخ ۾ باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سنڌ جي ثقافت جي عشق ۾  ٺهرايو هو، جيڪو جيڪو ھينئر مڪمل طور کنڊر بڻجي چڪو آھي. ماضي ۾، ھن بنگلي  کي  سنڌ جوثقافتي ورثو سمجھيو ويندو ھو.    بنگلي ۾ سنڌ جي  ثقافتي سونھن، سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪچھري  جا رنگ سمايل هوندا هئا۔ هي بنگلو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بمبئي جي مشهور (سر شاھنوارز ڀٽي جي)  بنگلي کان متاثر ٿي ٺهرايو هو۔
مائي نيسٽ سنڌ جي ھڪ شهڪار عمارت طور ياد ڪئي ويندي آهي۔ ان جي موجوده حالت مان ظاهر آهي ته حڪمران طبقو گهري ننڊ ۾ ستل آهي.  ھون بھ پاڪستان ۾ بچيل ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان جيڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آهن،  انهن لاءِ  ڪاش! ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن! پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اوقاف کاتو ۽ ثقافت کاتو جنهن جو ڪم ئي تاريخي ماڳن مڪانن جي سنڀال ڪرڻ، انهن جي مينٽيننس ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، پر  انهن ادارن جي ھاڻ  ڪا خاص دلچسپي نظر نه ٿي اچي!
ساڳئي طرح هڪ ٻيو بنگلو جيڪو ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو آهي، جنهن کي پڻ تاريخي حيثيت حاصل آهي، اهو  بنگلو پڻ حڪومت جي نااهلي سبب کنڊر بڻجندو پيو وڃي۔ ايڏي خوبصورت عمارت هوريان هوريان ميسارڻ لڳي آهي۔  ھي عمارت انتھائي خوبصورت آھي، جنھن جي اندر طرحين طرحين جي نقشڪاري ۽ ڪمال جي ڊزائين رکي ويئي آھي. جنھن کي اڄ  جو مصور ڏسي بھ حيران ٿيو وڃي.
مڪاني ماڻهن جي غير زمينداري جي حد اها آهي جو هيڏي وڏي ثقافتي خوبصورت عمارت ۾ چوپايو مال ٻڌن ٿا۔ ان کان وڌيڪ قومي اثاثن جي توهين ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!

آئون سنڌ حڪومت جي   ثقافت جي وزير، ۽ اوقاف کاتي جي وزير کي اپيل ڪريان ٿي، ته سنڌ جي اهڙن خوبصورت ماڳ مڪانن جي بچاءٌ  لاءِ، فوري طور اپاءُ  ورتا وڃن ته جئين سنڌ جي تاريخ کي تباھي کان بچاءِ  سگهجي!

منڇر ڍنڍ سنڌ جي ڌرتيءَ تي پکڙيل اهو نيرو آئينو آهي، جنهن ۾، صدين کان زندگيءَ جو عڪس ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍن مان هڪ هئڻ سبب منڇر کي فطرت جو نادر تحفو سڏيو ويندو هو.  پراڻي دادو ضلعي ۽ موجوده ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ واقع هي ڍنڍ رڳو پاڻيءَ جو ذخيرو نه، پر هزارين خاندانن جي روزگار، ثقافت ۽ بقا جو ذريعو رهي آهي.

                اڄ جڏهن منڇر جو نالو ورتو وڃي ٿو ته، دل ۾ هڪ ئي وقت فخر به جاڳي ٿو ۽ درد به!  فخر ان لاءِ ته، هيءَ ڍنڍ ڪڏهن خوشحاليءَ جو مرڪز هئي!۽ درد ان لاءِ ته اڄ اها ئي ڍنڍ تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺي آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته، منڇر ڍنڍ صديون پراڻي آبي نظام جو حصو رهي آهي، برساتي نالن ۽ دريائي وهڪرن سان ڀرجي منڇر مٺي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو بڻجندو هو،  هن ڍنڍ جي ڪري آس پاس جي علائقن ۾ زراعت ترقي ڪئي، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري ۽ ٻين فصلن جي پوکي لاءِ منڇر جو پاڻي حياتيءَ جيان اهم هو.
. قديم دور کان وٺي، منڇر جي ڪنڌين تي آباد ماڻهن جو جياپو منڇر ئي آھي،  ٻيڙين تي ٺهيل گهر، پاڻيءَ ۾ پلجندڙ ٻار، ۽ مڇيگيريءَ کي ورثي طور اختيار ڪندڙ نسل،  هي سڀ منڇر جي تاريخ جو حصو آهن. ڪڏهن تھ  منڇر جون موجون هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪنديون هيون، لکين مهاڻن جا گهر روشن هوندا هئا، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو منڇر ڏانهن ايندا هئا ته، جيئن پنهنجي روزگار جي شروعات ڪن. سوين قسمن جي مڇي، جهڙوڪ  موراکي، مڪر، پلو ۽ ٻيا ڪيترائي نسل، منڇر ۾ ملندا هئا،  اهي مڇيون سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن تائين سپلائي ٿينديون هيون.

              سياري جي موسم ۾ ديسي ۽ پرديسي پکين جا ڌڻ منڇر تي لهندا هئا، انهن جي اچڻ سان ڍنڍ جو منظر ڪنهن جنت کان گهٽ نه هوندو.
بيهه، لوڙه، پٻڻ ۽ پاڻيءَ جا ٻيا ٻوٽا نه صرف ماحولياتي حسن وڌائيندا هئا، پر مارڪيٽن تائين به پهچندا هئا. چوپائي مال لاءِ گاهه به منڇر جي ڪنڌين تان ملندو هو، منڇر هڪ مڪمل ماحولياتي نظام هو، جتي پاڻي، ٻوٽا، مڇيون، پکي ۽ انسان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھئا. جڏهن پاڻي صاف ۽ مٺو هوندو هو ته، مڇيون وڌنديون هيون، پکين کي خوراڪ ملندي هئي، ۽ انسانن کي روزگار ملندو هو، پر جڏهن پاڻي زهريلو ٿيو ته، اهو سڄو نظام متاثر ٿي ويو، مڇي مري وئي، پکي لڏي ويا ۽ ماڻهو بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا.
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران مختلف نالن ۽ ڊرينيج سسٽم ذريعي گندو ۽ کارو پاڻي منڇر ۾ ڇڏيو ويو، صنعتي فضلو، زرعي ڪيميڪل ۽ ٻيو زهريلو مواد ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ شامل ٿيڻ لڳو . پاڻيءَ جي لوڻياٺ وڌڻ سبب مڇين جا ڪيترائي نسل ختم ٿيڻ لڳا، پاڻيءَ جي سطح به گهٽجڻ لڳي، جنهن سان زرعي زمينون متاثر ٿيون، هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي
مهاڻا، جيڪي پنهنجي ڄار سان روزي ڪمائيندا هئا، اڄ خالي هٿ موٽڻ لڳا، سندن ٻارن جي تعليم، گهرن جو خرچ ۽ روزاني زندگي سخت متاثر ٿي وئي، منڇر جي ڪنڌين تي آباد ڳوٺ اڄ اجڙيل نظر اچن ٿا، ڪيترائي خاندان پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا آهن، ڪن مزدوري اختيار ڪئي، ڪن ريڙهي هلائڻ شروع ڪئي، ۽ ڪن وري ٻيهر پاڻيءَ ڏانهن موٽڻ جي آس ۾ ويٺا رهيا! پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي کوٽ سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا آهن، عورتون ۽ ٻار پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ تڙپن ٿا، اهو منظر ڪنهن به حساس دل کي ڏک ۾ وجهي ڇڏي ٿو!
ڇا منڇر جي تباهي قسمت جو لکيو آهي يا وري حڪمرانيءَ جي نااهليءَ جو نتيجو؟ جڏهن پاليسين ۾ ماحولياتي تحفظ کي نظرانداز ڪيو وڃي، جڏهن صنعتي فضلي کي روڪڻ لاءِ قانوني قدم نه کنيا وڃن، تڏهن اهڙا نتيجا نڪرندا آهن
منڇر جي بحاليءَ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ ضروري آهن، صرف بيانن ۽ واعدن سان مسئلو حل نه ٿيندو، منڇر  ۾ ايندڙ گندي پاڻيءَ کي فوري طور روڪيو وڃي، جديد واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن ته، جيئن پاڻي صاف ٿي ڍنڍ ۾ اچي،.مٺي پاڻيءَ جي فراهمي وڌائي وڃي ته، جيئن لوڻياٺ گهٽجي مهاڻن لاءِ مالي امداد ۽ متبادل روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. ماحولياتي ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڊگهي مدي وارو بحالي پروگرام شروع ڪيو وڃي، منڇر کي عالمي سطح تي محفوظ آبي علائقو قرار ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. دنيا ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي تباهه ٿيل ڍنڍن کي ٻيهر زنده رکيو ويو آهي، جيڪڏهن مضبوط ارادو، سائنسي رٿابندي ۽ عوامي دٻاءُ گڏجي، ڪم ڪن ته منڇر به ٻيهر جيئري ٿي سگهي ٿي. سنڌ جا باشعور ماڻهو، سماجي تنظيمون، شاگرد، استاد ۽ ميڊيا جيڪڏهن گڏجي آواز اٿارين ته حڪمرانن کي قدم کڻڻا پوندا، منڇر جون موجون شايد اڄ خاموش هجن، پر جيڪڏهن گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته، اهي موجون وري جيئريون ٿي سگهن ٿيون. مهاڻن جا ڄار وري ڀرجي موٽي سگهن ٿا، پکين جا ڌڻ وري آسمان تي جشن ملهائي سگهن ٿا، ۽ منڇر ٻيهر خوشحاليءَ جي علامت بڻجي سگهي ٿي.
منڇر ڍنڍ سنڌ جي سڃاڻپ آهي، اها رڳو پاڻيءَ جو ذخيرو ناهي، پر تاريخ، ثقافت ۽ هزارين خاندانن جي زندگيءَ جو مرڪز آهي

اچو ته گڏجي اهو عزم ڪريون ته، منڇر جي بحاليءَ لاءِ آواز اٿارينداسينن ڇاڪاڻ ته، منڇر جي هر موج ۾ سنڌ جو ساهه سمايل آهي ۽ جيڪڏهن منڇر زنده آهي ته، سنڌ زنده آھي!

سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي، جتي سمنڊ جون لهرون ڌرتيءَ سان پيار ڪن ٿيون، اتي کاروڇاڻ آباد آهي. هڪ اهڙو شهر جيڪو پنهنجي قدامت، روحانيت، سادگي ۽ قدرتي حُسن جي ڪري الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سنڌ جي دل مان نڪتل هڪ نهر، صدين جو ساٿي، هزارين دلين جو ڌڙڪو –سنڌو درياھ،جيڪو هندوڪش جي برفن مان جنم وٺي، پنجاب جي پيٽن مان لنگهي، سنڌ جي دل سان پيار ڪري، آخرڪار اچي ”کاروڇاڻ “جي ڪناري سنڌي سمنڊ جي آغوش ۾ اچي، خاموش ٿي وڃي ٿو. هڪ نهر جو اکر هڪ قوم جي تاريخ، ”کاروڇاڻ“ صرف هڪ سامونڊي ڳوٺ نه، پر سنڌو درياھ جي آخري محبت جو مقام آهي. هتي درياھ پنهنجي سفر جي پڇاڙيءَ تي سمنڊ سان ائين ملندو آهي، جيئن شاعر پنهنجي بيت کي درد جي آلاپ سان پورو ڪندو آھي. جتي پاڻيءَ جو سُر صدين جي ڳولا، جدوجهد، ۽ قربانيءَ جو گيت بڻجي وڃي ٿو.هيءَ جڳهه آهي جتي پاڻي تاريخ لکي ٿو، ۽ لهرون لطيف جا بيت ڳائن ٿيون ۽ جتي درياه سمونڊ سان ملندو آھي ته اتي ڌرتي به چُپ ٿي ويندي آهي. ”کاروڇاڻ“ اهو ماڳ آهي، جتي سنڌو جنهن کي سنڌ جي ساھ جون رڳون چيو وڃي ٿو، اتي پهچي سمنڊ سان ميلاپ ڪندو آھي، پر اُن ملڻ ۾ وڇوڙو به آهي، ۽ محبت به، جيئن ڪنهن سان عشق ڪرڻ سان جدائي جو جام پيئڻو پوندو آھي ته ،محبت جو مزو به چکبو آھي. جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا ڏسبا آهن ۽ ماهيگيرن کي سک ۽ شانتي ملندي آهي.”کاروڇاڻ“ وارا ماڻهو ڄڻ سنڌوءَ جا آخري محافظ آهن، ڇاڪاڻ  تھ اهي هرروز سنڌو درياھ کي سنڌي سمونڊ سان ملندي ڏسندا آهن ۽ انهن کي سڀ کان گھڻي تڪليف تڌھن ٿيندي آھي، جڏھن سنڌو تي ڪو ڏکيو وقت ايندو آھي. سنڌوءَ  وانگر، انسان به جڏهن آخري وک کڻندو آھي ته سندس ياد ڪنهن ڪتاب جي زينت بڻجي، تاريخ ۾ رهجي ويندي آهي. کاروڇاڻ سنڌ جي ساھ جو آخري ساز، ۽ سنڌوءَ جي روح جو آخري راز آھي. ”کاروڇاڻ“ صرف مٽيءَ جو ڳوٺ نه، پر فطرت جو فني شاهڪار آهي، جتي سمنڊ جون لهرون به راتين ۾ رحمت بڻجي وسنديون آهن.سادن لباسن ۾ ويٺل اهي ماهيگير، جن جي هٿن تي نمڪ لڳل هوندو آهي، پر انهن جي دلين ۾ ڪو مَير نه هوندو آهي سادا ۽ سٻاجهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پيٽ گذر ۾ مصروف رهندا آهن ۽ کاروڇاڻ جو عورتون ڀرت ڀرينديون آهن، مرد هٿن ۾ ڄاريون کڻي سمنڊ جو سينو سهائيندا آهن کاروڇاڻ جي شاعر محمد رفيق چيو آهي ته:
اسين ملاح  مڇيءَ مار،
مڇيءَ سان آهي اسان جو پيار!
جڏهن آڻيون تڏهن چاڙهيون، سمنڊ جو ٿا سينو سهايون،
ھوڙا کڻيو وڃون ٻاهر، اسين ملاح  مڇيءَمار!
۽ ٻار جيڪي سمنڊ جي ڇولين سان کيڏندا آهن ۽ رات جو ڏاڏيءَ کان پراڻي دور جون ڪهاڻيون ٻڌندا آهن.جتي هر لهر ۾ تاريخ جي صدا آهي. کاروڇاڻ نه صرف حسن جو نگر آهي، پر تاريخ جو زنده ڪتاب آهي. ڪڏهن سومرن جي دور جا قافلا ته ڪڏهن وري ٽالپرن جا ٻيڙا ته ڪڏهن وري  انگريزن جي قدمن جا نقش سڀ هتي جي مٽيءَ ۾ محفوظ آهن.کاروڇاڻ اها جڳھھ آهي جتي عشق جون لهرون لاڙ جي پٽن تي پلٽنديون آهن ته جتي محبت جي ميدانن ۾ بيهي ڪري سنڌ جي قومي راند ملاکڙي لاءِ پهلوان پنهنجي چيلھھ تي سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهندا آهن ۽ اها جڳھھ آهي، جتي قرب جون ڪچهريون ٿيندون آهن، جتي پکي امن ۽ الفت جا آکيرا ٺاهيندا آهن ۽ ڪلفت جي ڪاري ڪانگن کي اڏاري ڇڏيندا آهن. .
کاروڇاڻ نه صرف ماهيگيرن جي ڌرتي آهي، پر روحاني بزرگن جي نگري به آهي، جتي امن، عشق، ۽ انسانيت جي خوشبو پکڙيل آهي.
تاريخ جي ورقن ۾ کاروڇاڻ جو نالو به موهن جي ڌڙي جيان قديمي حيثيت رکي ٿو. هيءُ بندرگاهه قديم زماني ۾ سامونڊي واپار جو اهم مرڪز رهيو آھي، هتان کان کاروڇاڻ جو ڳاڙهو چانور جيڪو ڏاڍو مشهور هو، اهو بمبئي،گجرات ۽ ڪلاچي جي علائقن ڏانهن اماڻيو ويندو هو ۽ هتان جو سامونڊي رستو جيڪو سوکي بندر کان نڪرندو هو، سمنڊ جي شدد جي ڪري سوکي بندر تباھ ٿي ويو.کاروڇاڻ جي زندگي جو وڏو حصو سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ماڻهو هتي ماهيگير آهن جيڪي ننڍين ٻيڙين تي سمنڊ ۾ وڃي سمنڊ جو سينو چيري مڇي ماريندا آهن. سج اڀرڻ ۽ لهڻ وقت سمنڊ تي ڦهليل رنگن جا منظر خوابن جهڙا لڳن ٿا.
ٻيڙين جو لڏڻ، پاڻيءَ جون لهرون، ۽ ريتيلن ڪنارن تي ٻارن جي راند، هي سڀ هڪ فلم جهڙو فطري ڏيک ڏين ٿا.هتي جا ماڻهو سادا، محبت ڪندڙ، ۽ مهمان نواز آهن. عورتون روايتي لباسن ۾، هي ماڻهو سنڌي ٻولي کي وڌ ڀائندا آهن.کاروڇاڻ جي ثقافت ۾ سمنڊ، صوفيت، ۽ سادگي جي تهذيب سان رچاءُ آهي.

ڪچي رستن، مٽيءَ جي گهرن، ۽ نمڪين هوا ۾ پڻ سنڌ جو اصلي حسن محسوس ٿئي ٿو.کاروڇاڻ ۾ جتي لهرن جي زبان عشق آهي ۽ هوائن ۾ صوفيت جو سر آهي.هر سنڌي نوجوان جو فرض آهي ته اهڙن ماڳن کي لفظن، فوٽن، ۽ خيالن ۾ محفوظ ڪري ايندڙ نسل تائين پهچائن.