موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
منڇر ڍنڍ سنڌ جي ڌرتيءَ تي پکڙيل اهو نيرو آئينو آهي، جنهن ۾، صدين کان زندگيءَ جو عڪس ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍن مان هڪ هئڻ سبب منڇر کي فطرت جو نادر تحفو سڏيو ويندو هو.  پراڻي دادو ضلعي ۽ موجوده ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ واقع هي ڍنڍ رڳو پاڻيءَ جو ذخيرو نه، پر هزارين خاندانن جي روزگار، ثقافت ۽ بقا جو ذريعو رهي آهي.

                اڄ جڏهن منڇر جو نالو ورتو وڃي ٿو ته، دل ۾ هڪ ئي وقت فخر به جاڳي ٿو ۽ درد به!  فخر ان لاءِ ته، هيءَ ڍنڍ ڪڏهن خوشحاليءَ جو مرڪز هئي!۽ درد ان لاءِ ته اڄ اها ئي ڍنڍ تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺي آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته، منڇر ڍنڍ صديون پراڻي آبي نظام جو حصو رهي آهي، برساتي نالن ۽ دريائي وهڪرن سان ڀرجي منڇر مٺي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو بڻجندو هو،  هن ڍنڍ جي ڪري آس پاس جي علائقن ۾ زراعت ترقي ڪئي، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري ۽ ٻين فصلن جي پوکي لاءِ منڇر جو پاڻي حياتيءَ جيان اهم هو.
. قديم دور کان وٺي، منڇر جي ڪنڌين تي آباد ماڻهن جو جياپو منڇر ئي آھي،  ٻيڙين تي ٺهيل گهر، پاڻيءَ ۾ پلجندڙ ٻار، ۽ مڇيگيريءَ کي ورثي طور اختيار ڪندڙ نسل،  هي سڀ منڇر جي تاريخ جو حصو آهن. ڪڏهن تھ  منڇر جون موجون هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪنديون هيون، لکين مهاڻن جا گهر روشن هوندا هئا، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو منڇر ڏانهن ايندا هئا ته، جيئن پنهنجي روزگار جي شروعات ڪن. سوين قسمن جي مڇي، جهڙوڪ  موراکي، مڪر، پلو ۽ ٻيا ڪيترائي نسل، منڇر ۾ ملندا هئا،  اهي مڇيون سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن تائين سپلائي ٿينديون هيون.

              سياري جي موسم ۾ ديسي ۽ پرديسي پکين جا ڌڻ منڇر تي لهندا هئا، انهن جي اچڻ سان ڍنڍ جو منظر ڪنهن جنت کان گهٽ نه هوندو.
بيهه، لوڙه، پٻڻ ۽ پاڻيءَ جا ٻيا ٻوٽا نه صرف ماحولياتي حسن وڌائيندا هئا، پر مارڪيٽن تائين به پهچندا هئا. چوپائي مال لاءِ گاهه به منڇر جي ڪنڌين تان ملندو هو، منڇر هڪ مڪمل ماحولياتي نظام هو، جتي پاڻي، ٻوٽا، مڇيون، پکي ۽ انسان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھئا. جڏهن پاڻي صاف ۽ مٺو هوندو هو ته، مڇيون وڌنديون هيون، پکين کي خوراڪ ملندي هئي، ۽ انسانن کي روزگار ملندو هو، پر جڏهن پاڻي زهريلو ٿيو ته، اهو سڄو نظام متاثر ٿي ويو، مڇي مري وئي، پکي لڏي ويا ۽ ماڻهو بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا.
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران مختلف نالن ۽ ڊرينيج سسٽم ذريعي گندو ۽ کارو پاڻي منڇر ۾ ڇڏيو ويو، صنعتي فضلو، زرعي ڪيميڪل ۽ ٻيو زهريلو مواد ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ شامل ٿيڻ لڳو . پاڻيءَ جي لوڻياٺ وڌڻ سبب مڇين جا ڪيترائي نسل ختم ٿيڻ لڳا، پاڻيءَ جي سطح به گهٽجڻ لڳي، جنهن سان زرعي زمينون متاثر ٿيون، هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي
مهاڻا، جيڪي پنهنجي ڄار سان روزي ڪمائيندا هئا، اڄ خالي هٿ موٽڻ لڳا، سندن ٻارن جي تعليم، گهرن جو خرچ ۽ روزاني زندگي سخت متاثر ٿي وئي، منڇر جي ڪنڌين تي آباد ڳوٺ اڄ اجڙيل نظر اچن ٿا، ڪيترائي خاندان پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا آهن، ڪن مزدوري اختيار ڪئي، ڪن ريڙهي هلائڻ شروع ڪئي، ۽ ڪن وري ٻيهر پاڻيءَ ڏانهن موٽڻ جي آس ۾ ويٺا رهيا! پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي کوٽ سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا آهن، عورتون ۽ ٻار پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ تڙپن ٿا، اهو منظر ڪنهن به حساس دل کي ڏک ۾ وجهي ڇڏي ٿو!
ڇا منڇر جي تباهي قسمت جو لکيو آهي يا وري حڪمرانيءَ جي نااهليءَ جو نتيجو؟ جڏهن پاليسين ۾ ماحولياتي تحفظ کي نظرانداز ڪيو وڃي، جڏهن صنعتي فضلي کي روڪڻ لاءِ قانوني قدم نه کنيا وڃن، تڏهن اهڙا نتيجا نڪرندا آهن
منڇر جي بحاليءَ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ ضروري آهن، صرف بيانن ۽ واعدن سان مسئلو حل نه ٿيندو، منڇر  ۾ ايندڙ گندي پاڻيءَ کي فوري طور روڪيو وڃي، جديد واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن ته، جيئن پاڻي صاف ٿي ڍنڍ ۾ اچي،.مٺي پاڻيءَ جي فراهمي وڌائي وڃي ته، جيئن لوڻياٺ گهٽجي مهاڻن لاءِ مالي امداد ۽ متبادل روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. ماحولياتي ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڊگهي مدي وارو بحالي پروگرام شروع ڪيو وڃي، منڇر کي عالمي سطح تي محفوظ آبي علائقو قرار ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. دنيا ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي تباهه ٿيل ڍنڍن کي ٻيهر زنده رکيو ويو آهي، جيڪڏهن مضبوط ارادو، سائنسي رٿابندي ۽ عوامي دٻاءُ گڏجي، ڪم ڪن ته منڇر به ٻيهر جيئري ٿي سگهي ٿي. سنڌ جا باشعور ماڻهو، سماجي تنظيمون، شاگرد، استاد ۽ ميڊيا جيڪڏهن گڏجي آواز اٿارين ته حڪمرانن کي قدم کڻڻا پوندا، منڇر جون موجون شايد اڄ خاموش هجن، پر جيڪڏهن گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته، اهي موجون وري جيئريون ٿي سگهن ٿيون. مهاڻن جا ڄار وري ڀرجي موٽي سگهن ٿا، پکين جا ڌڻ وري آسمان تي جشن ملهائي سگهن ٿا، ۽ منڇر ٻيهر خوشحاليءَ جي علامت بڻجي سگهي ٿي.
منڇر ڍنڍ سنڌ جي سڃاڻپ آهي، اها رڳو پاڻيءَ جو ذخيرو ناهي، پر تاريخ، ثقافت ۽ هزارين خاندانن جي زندگيءَ جو مرڪز آهي

اچو ته گڏجي اهو عزم ڪريون ته، منڇر جي بحاليءَ لاءِ آواز اٿارينداسينن ڇاڪاڻ ته، منڇر جي هر موج ۾ سنڌ جو ساهه سمايل آهي ۽ جيڪڏهن منڇر زنده آهي ته، سنڌ زنده آھي!