موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

هندي فلم انڊسٽري جو اداڪار ۽ هدايتڪار گوورڌن اسراني جو جنم پھرين جنوري 1940ع تي جئپور جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. فلم انڊسٽري ۾ ’اسراني‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. راجسٿان ڪاليج جئپور مان گريجوئيشن ڪئي. تعليم دؤران هن آل انڊيا ريديو، جئپور ۾ وائيس آرٽسٽ طور ڪم ڪيو. 1960ع کان 1962ع تائين ساهتيه ڪلڀاڻي ٺڪر کان اداڪاريءَ جي سکيا ورتي ۽ 1962ع ۾ اداڪاري لاءِ جئپور کان ممبئي جو سفر ڪيو. 1974ع ۾ هن پنھنجي پھرين گجراتي فلم ۾، مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هدايتڪاري پڻ ڪئي. هن پنھنجي فني ڪيريئر جي پھرين هندي فلم ’ہری کانچ کی چوڑیاں‘ ۾ ڪردار نڀايو. فلم ’شعلے‘ ۾ سندس جيلر جي ڪردار جو ڊائلاگ ’ہ انگريزوں کے زمانے کے جیلر ہیں‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو. هن 350 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ۾: ’تقدير والا‘، ’هيرا پهیری‘، ’چپ چپ کے‘، ’دیوانے ہوئے پاگل‘،’آج کی تازا خبر‘،’ ہلچل‘ ۽ ٻيون شامل آهن.
هن ڪجهه فلمن ۾ هدايتڪاري پڻ ڪئي جن ۾: ’دل ہی تو ہے‘، ’سلام میم صاحب‘ ۽ ٻيون شامل آهن. فلم ’آج کی تازا خبر‘ (1974ع) ۽ ’بالیکا بدهو ‘ (1977ع) فلمن تي اوارڊ حاصل ڪيا. سندس شادي اداڪاره منجو بنسل سان ٿيل آهي. جنھن مان کيس هڪ پٽ نوين جو اولاد آهي.
پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فلمي دنيا تي راڄ ڪندڙ اسراني لڳ ڀڳ  350   فلمن ۾ ڪم ڪيو۔  سندس سڀ کان يادگار ڪردار فلم "شعله" ۾ جيلر جو ڪردار هو، جيڪو اڄ به شوق سان ياد ڪيو وڃي ٿو۔.
گوورڌن اسراني 21 آڪٽوبر 2025ع تي  ممبئي ۾ ديھانت ڪري ويو، پر سندس فن ۽ ڪردار هميشه لاءِ مداحن جي دلين ۾ زنده رهندا!

(انسائيڪلوپيڊيا جي ٿورن سان)

ماسٽر چندر(اصل نالو ”چاڊو مَل ڏامواڻي هڪ ڳائڻو، سنگيت آچاريه، ميوزڪ هدايتڪار ۽ شاعر هو جنهن سنڌي ٻولي جا سوين گانا ڳايا.

سندس جنم ٺاروشاهه ۾ ٿيو. هن پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ پيار بابت ڪلام ۽ گانا ڳايا. موسيقي ۽ گائڪي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ سنڌ جو ڀلوڙ رڳي 1907-12-12ع تي ٺارو شاهه ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتوهن 12 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي گيتن ذريعي هندو مسلم ايڪتا جو جذبو جاڳايو. هن جي معروف ڪلامن ”رٺائي رهن پر، هجن حياتي“ ۾ هڪ محبت جو گاڏو آهي، چندر ”ڪڏهن تون ٿو ڌڪين، ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان“ تمام گهڻي  شهرت حاصل ڪئي. هن جي گيتن ۾ محبت، پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام شامل آهي. جنهن کي جهڙي به وقت ٻڌجي تھ راحت نصيب ٿيندي آهي. ورهاڱي کانپوءِ ماسٽر چندر پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ماڻهن ۾ نئون جوش ۽ اتساهه پيدا ڪيو. ماسٽر چندر جڏهن فلم انڊسٽري ۾ پير پاتو ته هن پهرين فلم هيرو جو ڪردار ادا ڪيو، ماسٽر چندر  47 سال فلي دنيا کي وقف ڪيا، ماسٽر چندر پلي بيڪ ڳائڻو هو، فلم ”موت ڪا طوفان“ ۾ هن گيت ڳايا ماسٽر چندر هڪ فنڪار سان گڏوگڏ هڪ بهترين اداڪار، شاعر ۽ موسيقار پڻ هو. اليڪٽرڪ سازن جي دنيا ۾ چوٽيءَ جو موسيقار ٿيو. هن سنڌ ۽ موسيقي کي جديد طريقي سان متعارف ڪرايو. ماسٽر چندر جو من موهيندڙ آواز انسان جي سندس نس نس کي چمندو هو. 22 ورهين جي ڄمار ۾ ماسٽر چندر ايڇ ايم بي ڪمپني ۾ 3000 ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ايڇ ايم بي ڪمپني طرفان هن کي گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. جڏهن هن مندرن ۽ درگاهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دوران سنڌ جي عظيم فنڪار ڪنور ڀڳت ڪنول رام ان جو ڳائڻ ٻڌو ته ڀڳت ڪنور رام کيس آشيرواد ڏيندي چيو ته چندر فني دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندو، سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر 400 گراهم فونو رڪارڊ ڪرايا. پنهنجي سموري زندگي فن ۽ موسيقي کي ارپيندڙ ۽ هزارين دلين تي اڄ به راڄ ڪندڙ ماسٽر چندر جا ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، باشعور ۽ پڙهيل لکيل طبقو اڄ به ماسٽر چندر جي امر ڪلامن جي غور ۽ دلچسپي سان ٻڌندو آهي، اڄوڪي هن پاپ ميوزڪ واري دور جنهن ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي گهڻي اهميت نٿي ڏني وڃي پر ماسٽر چندر سنڌ جي اها مهان هستي آهي، جنهن جي ڪلامن کي اڄ به سنڌ جا مهان فنڪار سُر ۾ ممتاز علي لاشاري جهڙا بهترين راڳي پڻ سدا بهار ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا آهن، سنڌ جي هن عظيم هستي کي اسان کان وڇڙيئي ستاويهه سال ٿي چڪا آهن پر هي اڄ به هر باشعور جي دل ۾ ڌڙڪي ٿو، سنڌ جو هي مهان ڪلاڪار 77 سالن جي ڄمار ۾ 3 نومبر 1984ع ۾ ديهانت ڪري ويو.

27 نومبر 1994ع واري ڏينھن، مان اڃا ٽن مھينن جو ھوس، جو سنڌ جي بھادر ۽ سرويچ اڳواڻ سيف الرحمان جتوئيءَ کي سندس خيرپور واري گھر کان سڏ پنڌ تي گھات لڳائي شھيد ڪيو ويو!
اسان جنگ و جدل جي پاڇي ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا آھيون. گھڻن ئي پيارن جا لاش ننڍڙن پتڪڙن ڪلھن تي کڻي قبر ڀيڙا ڪيا آھن.
انھن جا ختما درود انھن جي شايان شان ڪري ۽ پوءِ انھن جا پلاند ڪري انھن کي مٽيءَ ماءُ حولي ڪري ذري گھٽ وساري چڪا آھيون، پر سچ اھو آھي تھ شھيد سيف الرحمان جو ناحق خون اسان اڄ ڏينھن تائين وساري ناھيون سگھيا. ان جو سبب شايد اھو پڻ آھي تھ شھيد جي خون ناحق جو پوريءَ ريت پلاند ناھي ڪيو ويو!
مون پنھنجي والد کان ھڪ دفعي انتھائي سنجيدگيءَ وچان پڇيو:
“سيف جتوئيءَ جا قاتل ڪير ھيا؟؟”
منھنجي والد مختصر جواب ڏيندي چيو ،“سيف جتوئي کي سنڌ خاطر جنگ جوٽڻ جي تياري ۾ وقت کان اڳ دشمن گھات لڳائي ماري وڌو.” ھن جوڌي پنھنجي زندگي جون فقط 27 بھارون ڏٺيون ۽ شھيد ڪيو ويو.
بھادر ۽ بيباڪ سيف جتوئي جيڪڏھن ان گھات مان بچي وڃي ھا تھ سچ پڇ بھ وڏي جنگ جوٽي وجھي ھا!
اسان کي ان گھات لڳايل خون ناحق جي تفصيل پڇڻ جي ڪڏھن بھ ھمت ناھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ دشمن ايترو طاقتور آھي، جو ان سان اسين اڄ بھ اڪيلا جنگ نھ ٿا ڪري سگھون!
ھون بھ اسان جي خاندان جي خمير ۾ ئي نھ آھي جو اسين پنھنجي ستن نسلن جي سڀ کان عظيم بھادر ۽ سرويچ جي خون ناحق جو پلاند نھ ڪريون!
افغان چوڻي آھي تھ“ھڪ سئو سالن کان پوءِ بھ جي پلاند ڪيو وڃي تھ ان کي دير نھ سمجھڻ گھرجي. سنڌيءَ جي بھ چوڻي آھي:“پلاند پراڻا ناھن ٿيندا.”

اي سنڌ جا عظيم سرويچ! اسين توسان وچن ٿا ڪريون تھ اسين تنھنجو خون دشمن کي کائڻ نھ ڏينداسين، ڀل تنھنجو قاتل رياست کان بھ وڌيڪ طاقتور ڇو نھ ھجي!!

محبت، مذھبي رواداري، امن، سلامتي  ۽ عالم بني آدم جي نظريي سان عشق ڪندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم، بااثر ۽ فڪري اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ، سنڌي قوم ۽ آزاديءَ جي خيال لاءِ وقف ڪئي. سندس پورو نالو غلام مصطفيٰ سيد هو.  17 جنوري 1904ع تي سنڌ جي ضلعي دادو جي ڳوٺ سَن ۾ پيدا ٿيو.
سائين جي ايم سيد ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ سوچيندڙ ذهن جو مالڪ هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان حاصل ڪئي. نوجوانيءَ ۾ ئي هن سياست، ادب ۽ تاريخ ۾ گهري دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. هو سنڌي قوم جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ حقن بابت گهرو شعور رکندو هو.
سائين جي ايم سيد سياسي ميدان ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. شروعات ۾ هو آل انڊيا مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو ۽ پاڪستان جي قراردات سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪراءِ  قيام  تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ سنڌي قوم جي حقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، تڏهن هن پنهنجي سوچ تبديل ڪئي ۽ سنڌ جي خودمختياري ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ آواز بلند ڪيو.
سائين جي ايم سيد سنڌوديش تحريڪ جو باني هو. سائين پُرامن جدوجهد، فڪري آزادي ۽ قومي شعور جو داعي هو. سندس خيال موجب تھ، ”قومون تڏهن ترقي ڪنديون آهن، جڏهن هو پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت کي سڃاڻينديون آهن.“
سائين جي ايم سيد 30 سال جيلن ۽ نظر بنديءَ ۾ گذاريا، پر پنهنجي اصولن تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو.
سائين جي ايم سيد هڪ وڏو ليکڪ ۽ مفڪر پڻ هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جھڙوڪ: پيغام لطيف، ديار دل داستان محبت، جئين ڏٺو آھھ مون، پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل، سنڌي ڪلچر، وغيرھ،  جن ۾ سنڌ جي تاريخ، تصوف، سياست ۽ قومي مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي. سندس لکڻيون اڄ به سنڌي قوم لاءِ رهنمائيءَ جو ذريعو آهن.
عظيم مفڪر، عظيم رھبر ۽ اڳواڻ 25 اپريل 1995ع تي وفات ڪري ويو. سائين جي ايم سيد اھو واحد رھنما ھو، جنھن جي جنازي سان ڪڏھن قرآن پاڪ جو ورد پئي ٿيو، تھ ڪڏھن گيتا، انجيل ۽ ٻين مذھبي ڪتابن جو. عجب اتفاق اھو آھي تھ جنھن جي جنازي ۾ سڀني مذھبي ڪتابن جو ورد ٿي ٿيو، انکي ئي حيات ۾ ڪافر قرار ڏنو ويو!!
سائين جي ايم سيد جو فڪر، سوچ ۽ جدوجهد اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي شعور جو روشن مينار آھي، جنهن سنڌي قوم کي پاڻ سڃاڻڻ، پنھنجي وطن جي مالڪي جو سبق ڏنو آھي.

(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)

27 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏکوئيندڙ ڏينهن هو،جيڪو هر سال قوم جي دلين کي ٻيهر زخمي ڪري ڇڏي ٿو.اهو ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي جان قربان ڪري جمهوريت،آئين ۽ عوامي حقن جي حفاظت ڪئي.هوءَ صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه هئي،پر هڪ فڪر،هڪ تحريڪ ۽ هڪ جدوجهد جو نالو هئي.
محترمه بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو.هن ابتدائي تعليم پاڪستان ۾ حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين مان حاصل ڪئي.تعليم سان گڏوگڏ سياسي شعور،عوامي درد ۽ قومي سوچ کيس ورثي ۾ ملي. پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ،محترمه بينظير ڀٽو هڪ اهڙي دور ۾ سياست ۾ قدم رکيو، جڏهن ملڪ تي آمريت جو ڪارو دور ڇانيل هو.
آمريت خلاف جدوجهد دوران هن جيلون ڪاٽيون،نظر بنديون ڀوڳيون،پر ڪڏهن به اصولن تان پوئتي نه هٽي.هوءَ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي نه رڳو ملڪ، پر سڄي اسلامي دنيا ۾ عورت قيادت لاءِ نئون باب کوليو.سندس حڪومتن دوران صحت، تعليم،عورتن جي حقن، ميڊيا جي آزادي ۽ سماجي انصاف لاءِ اهم قدم کنيا ويا.
محترمه بينظير ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو هو ته هوءَ جمهوريت تي يقين رکندي هئي.هوءَ ووٽ جي طاقت تي ڀروسو ڪندي هئي ۽ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. ان ڪري ئي هوءَ سازشن جو شڪار ٿي27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ هڪ عوامي جلسي کانپوءِ کيس دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو. سندس شهادت سان نه رڳو پاڪستان،پر پوري دنيا ۾ جمهوريت پسند حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.
شهيد راڻي جي شهادت کانپوءِ به سندس فڪر زنده آهي.“جمهوريت بهترين انتقام آهي” وارو جملو اڄ به هر ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙن لاءِ مشعل راهه آهي.بينظير ڀٽو عورتن لاءِ اميد، نوجوانن لاءِ حوصلو ۽ مظلومن لاءِ آواز هئي.هن ثابت ڪيو ته قيادت جنس نه،پر سوچ، حوصلي ۽ قرباني سان ماپي ويندي آهي.
اڄ جڏهن ملڪ ڪيترن ئي سياسي، معاشي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي.جمهوريت جي بقا، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي حفاظت ئي سندس حقيقي ورثو آهي.

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جسماني طور اسان کان جدا ٿي وئي، پر سندس جدوجهد، سوچ ۽ قرباني هميشه پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ زنده رهندي.هوءَ هڪ شخص نه،پر هڪ عظيم داستان هئي، جيڪا هر دور ۾ ظلم خلاف آواز بڻجي رهندي.

اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي 'اياز'
                                                         (ورسيءَ جي مناسبت سان)         
شيخ اياز آرٽ کي اظهار جو موثر ذريعو سمجهي ٿو، ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جي اُپٽار نثر ۽ نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته فن جي ذريعي فڪري تحرڪ برپا ڪري سگهجي ٿو. هو عوام جي سماجي ۽ سياسي سجاڳي لاءِ فني پختگي سان پُر اثر فن سان ڳالهائي ٿو جو صديون صدائون ٿي وڃن ٿيون. هو نوآبادياتي نظام ۽ ورهاڱي جي ورهاست ۽ ورثو ڏسي چڪو هو. مذهب جي بنياد تي تقسيم ۽ خونريزي ڏسي اياز جي ڪوتا ڪر موڙي جاڳي پئي:
ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪو ورهاڱو،
ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏھن ناهي پاڻ کي.
(جهڙ نيڻان نه لهي)
هن هڪ ئي وقت دنيا جي جديد رياستن جي قومي جمهوري ۽ سوشلسٽ نظام کي پئي ڏٺو، ته ٻي پاسي پنهنجي دڳ ۽ ماڳ تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياسي ڪردار کي پئي پرکيو. اياز عالمي سامراجي ڪردار کان واقف هو ته جديد نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ سماجوادي فڪر، قومپرستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي، عقليت پسندي، سيڪيولرزم ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن کان به با خبر هو. اياز دنيا جي جديد ذهنن کي پڙهي سنڌ ۾ نئين فڪري لهر اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ۽ هو انقلاب جو داعي ٿي پيو هو؟ عوام کي اُڀارڻ هن جي شاعري جو منشور هو؟
وَڃو، ڪنويليو، وَڃو!
وڃي پرينءَ کي چئو،
اڃا ته جاڳ ٿي جَلي،
اڃا ته ويڙهه ٿِي هَلي...
( رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)
سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثرانداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحيي خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. 1955ع کان نومبر 1969ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز  گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب 'ڀونر ڀري آڪاس' 1964ع ۾، 'ڪلهي پاتم ڪينرو' 1968ع ۾، 'جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي' 1986ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر 1965ع کان ڊسمبر 1965ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر 1968ع کان فيبروري 1969ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي 1971ع کان جنوري 1972ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.
هن سماجي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو جو مصداق ٿي پيو:
"مون ته چيو هو تو کي، بابا!"
۽ پو ٻوڙا لُڙڪ لڙن ٿا_
"اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،
" جو توتي زنجير وجهن ٿا!
"توکي ديس_ دُروهي ڪوٺي،
" ڪُوڙا ڪانئر بَڪ بڪ ڪن ٿا"_


قومي راڳي ”سرمد سنڌي
(ورسيءَ جي مناسبت سان)
سرمد جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. هن خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ 7 مئي 1958ع تي جنم ورتو، ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو، تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو، پر سندس سرائيڪي گيت به ڏاڍا مقبول ٿيا.

سرمد سنڌي هڪ ڪار روڊ حادثي سبب هن دنيا مان 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.. سرمد سنڌي جو ان حادثي کان اڳ به هڪ روڊ حادثو ٿيو، جنهن ۾ سرمد کي تمام گھڻا ڌڪ لڳا هئا.  سرمد سنڌي شروع ۾ ٽي ويءَ تان هڪ گيت ”لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ ڳايو جنهن جو شاعر سميع بلوچ آهي، جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. سرمد سنڌي، شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ جو ن وايون ڳايون آهن. سرمد سنڌي جا سنڌي انقلابي گيت تمام گھڻا مشهور ٿيا، جن ۾ ” او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان، انقلاب ساٿيو، وغيرھ..

سنڌي ميڊيا جي دنيا اڄ هڪ اهڙي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن پنهنجي فن، فڪر ۽ جدوجهد سان هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. نامياري اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر ظلِ هما رڳو هڪ فنڪاره نه هئي، پر هوءَ سنڌي ثقافت، عورت جي سگهه ۽ تخليقي آزاديءَ جي علامت پڻ هئي.

ظلِ هما پنهنجي فني سفر جي شروعات اداڪاريءَ کان ڪئي، جتي هن مختصر وقت ۾ ناظرین جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي. سندس اداڪاريءَ ۾ سچائي،  ۽ ڪردار سان مڪمل انصاف نظر ايندو هو. هوءَ هر ڪردار کي نھ فقط ادا  ڪندي هئي، پر ان ڪردار ۾ ڄڻ  جيئندي هئي.
اداڪاريءَ سان گڏ، ظلِ هما هدايتڪاريءَ جي ميدان ۾ به بهادر قدم رکيو. هڪ عورت هدايتڪار طور، هن ڪيترن ئي سماجي موضوعن کي جرئت سان پيش ڪيو. سندس ڊائريڪشن ۾ ٺهيل ڪمن ۾ عورتن جا مسئلا، سماجي ناانصافيون، ۽ سنڌي سماج جون حقيقتون نمايان نظر اچن ٿيون. هوءَ ميڊيا کي رڳو تفريح نه، پر سجاڳيءَ جو ذريعو سمجهندي هئي.

ظلِ هما جي شخصيت سادي، محنتي ۽ بااصول هئي. هوءَ نوجوان فنڪارن لاءِ اتساهه جو ذريعو هئي ۽ هميشه سکڻ ۽ سيکارڻ تي يقين رکندي هئي. سندس وڃڻ سان سنڌي ميڊيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڀرڻ ايترو سولو نه آھي!.
اڄ جڏهن هوءَ اسان ۾ موجود ناهي، تڏهن به سندس ڪم، سوچ ۽ جدوجهد هميشه زنده رهندي. ظلِ هما جي موڪلاڻي يقينن  سنڌي ميڊيا ۾ وڏو خال آهي، پر سندس يادون ۽ خدمتون سنڌي ميڊيا جي تاريخ ۾ ھميشھ ياد ڪيون وينديون.

الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل ڏئي. آمين.

سنڌي ادب هڪ اهڙو وسيع آسمان آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو بہھ پيدا ٿيا آهن، جيڪي نہھ رڳو پنهنجي لکڻين سان، پر پنهنجي فڪر ۽ اصولن  سان بھ ياد رکيا ويا آهن. اهڙو ئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو نالو ممتاز مھر پڻ هو، سندس لاڏاڻي تي سنڌي ادب  هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي ويو آهي.
ممتاز مھر 9 مارچ 1942ع تي سکر ۾ پوليس عملدار محمد سلمان مھر جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ماسٽرس ڪئي (1966ع) ۽ صحافت ۾ بہ سرگرم رهيو، پر سندس بنيادي سڃاڻپ سندس ڪهاڻيڪار ۽ تنقيد نگار طور رهي.
سندس اهم ڪتابن ۾ شامل :
زندگيءَ جو وهڪرو (ڪهاڻيون، 1977ع)
ويچار (ادبي تنقيد، 1980ع)
سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر (تنقيدي جائزو، 1983ع)
منزل (ڪهاڻيون، 1983ع)
جڏهن مان چوهٺ جو هوندس (ڪهاڻيون، 2010ع)
انهن ڪتابن ۾ سندس فڪري بيباڪي، تنقيدي بصيرت ۽ زندگيءَ جي حساسيت جي عڪاسي ملي ٿي. ممتاز مھر جو مقصد صرف ادب سرجڻ نہھ هو، پر لکڻ جو مقصد سنڌي سماج ۽ ڪهاڻين ۾ انساني احساس کي اجاگر ڪرڻ هو.
سندس شخصيت ۾ هڪ منفرد مزاج وارو انسان هو. هر ڪنهن سان پيار محبت سان ملڻ. شفقت وارو عنصر سندس وڏ ماڻهپي کي اجاگر ڪري ٿو. ممتاز مهر اصولي طور تي بيباڪ ۽ محفلن ۾ پنهنجو موقف رکندڙ شخصيت جو مالڪ هو. ڪجهہ ماڻهن سان سندس اختلاف پڻ رهيا، پر اهي ئي سندس ادبي خودمختياري جو پڻ ثبوت آهن.
ممتاز مھر 24 جنوري 2026ع تي اسان کان هميشہ جي لاءِ موڪلائي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، پر سندس ڪتاب، تنقيد ۽ يادگار ڪهاڻيون اسان وٽ هميشہ سنڌي ادب ۾ زنده رهنديون. سندس فڪر، اصول ۽ بيباڪ آواز ايندڙ نسلن لاءِ روشنيءَ جي هڪ باب بڻجي اڀرندو رهندو.
سنڌي ادب سندس خدمتن کي هميشہ ياد رکندو. پڙهندڙ ۽ شاگرد سندس فڪر ۽ لکڻين مان لاڀ پرائيندا رهندا.

***

صوفي شاهه عنايت الله جهوڪ وارو سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي انقلابي ۽ فڪري شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن نه رڳو روحانيت جو درس ڏنو، پر سماجي ۽ معاشي ناانصافيءَ خلاف عملي جدوجهد به ڪئي. سترهين صديءَ ۾ جڏهن جاگيرداري نظام، مذهبي ٺيڪيداري ۽ شاهي اقتدار هارين کي چيڀاٽي رهيو هو، تڏهن شاهه عنايت جهوڪ جي ڌرتيءَ تان اهو نعره بلند ڪيو ته “جيڪو کيڙي سو کائي”.
هي سادو پر طاقتور خيال ان وقت جي حڪمرانن، زميندارن ۽ مذهبي اڳواڻن لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته ، صدين کان قائم استحصالي نظام لوڏجڻ لڳو.
شاهه عنايت پنهنجي خانقاهه کي رڳو عبادت جو مرڪز نه رکيو، پر ان کي اجتماعي زراعت، برابري ۽ انسان دوستيءَ جو عملي نمونو بڻايو. هن هارين کي گڏ ڪري گڏيل پوک جو نظام لاڳو ڪيو، جتي پيداوار ۾ سڀني جو برابر حق هو. ان عمل سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجي زميندارن کي ڇڏي شاهه عنايت سان اچي گڏ ٿيا. هن تحريڪ نه رڳو معاشي شعور پيدا ڪيو، پر ماڻهن کي خوف کان آزاد ٿي حق ڳالهائڻ سيکاريو. نتيجي طور جاگيردار، پير، ملا ۽ حڪومتي عملدار گڏ ٿي شاهه عنايت خلاف سازشون ڪرڻ لڳا.
ٺٽي جي صوبيدار، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مغل حڪومت جي سهڪار سان جهوڪ شريف جو گهيرو ڪيو ويو، جيڪو مهينن تائين جاري رهيو.
شاهه عنايت جا فقير گهٽ هٿيارن باوجود عظيم حوصلي سان مقابلو ڪندا رهيا.
آخرڪار جڏهن دشمن طاقت سان ڪامياب نه ٿي سگهيا ته دوکي ۽ ٺاهه جي نالي تي شاهه عنايت کي قرآن وچ ۾ ڏئي گرفتار ڪيو ويو. کيس ٺٽي آڻي مغل حاڪم جي حڪم تي 7 جنوري 1718ع تي شهيد ڪيو ويو.

شهادت وقت به سندس زبان تي عشق، حق ۽ آزاديءَ جا لفظ هئا، جيڪي اڄ به سنڌ جي فڪري تاريخ ۾ گونجندا رهن ٿا.
شاهه عنايت جي شهادت رڳو هڪ شخص جي شهادت نه هئي، پر اها هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ سماجي شعور جي قرباني هئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي عظيم شاعر به هن واقعي ڏانهن پنهنجي شاعريءَ ۾ اشارا ڪيا، جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شاهه عنايت جو اثر رڳو پنهنجي دور تائين محدود نه رهيو. اڄ به “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو سنڌ جي مزاحمتي سوچ، هارين جي حقن ۽ سماجي انصاف جي علامت بڻيل آهي، ۽ شاهه عنايت شهيد هميشه لاءِ سنڌ جي تاريخ جو روشن باب رهندو.
(انسائڪلوپيڊيا جي ٿورن سان)


هيمون ڪالاڻي 23 مارچ 1923ع تي پراڻي سکر ۾ پيسو مل ڪالاڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ پيسو مل ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو” راهي هيمن“ هو،  جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.
جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا، تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي ”هندستان خالي ڪريو“ واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو، جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو.
ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو. اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي، جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي، جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهي گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري ھيمون ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي ”فيروز خان“ کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا، پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو.
هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا، اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي، جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا، پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو. لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو.
هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته، ”مون ريلوي لائين کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته، جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس.“
آخر انگريز سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ، سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته، هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته،
”مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟“
جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي، پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته،
”هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس.“
هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، 21 جنوري 1943ع تي هيمون ڪالاڻي کي 19 سالن جي عمر ۾ سينٽرل جيل سکر ۾ ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي.

پاڪستان ٽيليويزن ۽ اسٽيج جي دنيا ۾ گلاب چانڊئي اهڙو نالو رهيو، جيڪو پنهنجي گهري اداڪاري ۽ اثرائتي ڪردارن سبب هميشه ياد رکيو ويندو. سندس اصل نالو غلام محمد هو ۽ هو 6 جنوري 1958ع تي ڳوٺ شهير چانڊئي، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي شهيد بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. هڪ سادي ڳوٺاڻو پسمنظر هئڻ باوجود، هن جي اندر فن سان محبت ۽ اظهار جي سگهه ننڍپڻ کان ئي موجود هئي، جيڪا اڳتي هلي کيس ملڪ جي سڃاتل اداڪارن جي صف ۾ آڻي بيهاري.

تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو روزگار جي تلاش ۾ 1976ع ۾ ڪراچي ويو، جتي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين، پر سرڪاري نوڪري سندس مزاج سان ٺهڪي نه آئي. 1978ع ۾ نوڪري ڇڏي واپس نوابشاهه موٽي آيو ۽ ڪجهه وقت سياست ۾ به سرگرم رهيو. ان دور ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ملڻ خلاف احتجاج ۾ حصو وٺڻ سبب کيس جيل وڃڻو به پيو، جيڪو سندس شخصيت ۾ جرئت ۽ مزاحمت جو هڪ اهم پهلو ظاهر ڪري ٿو.

فني سفر جي شروعات هن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڊرامي “ٻيو شخص” سان ڪئي. ٿوري ئي وقت ۾ سندس اداڪاري ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لڳي ۽ هو هڪ کان پوءِ ٻئي اهم ڊرامي ۾ نظر اچڻ لڳو. “تلاش”، “سام”، “جياپو”، “مٽيءَ جا ماڻهو” ۽ “غلام گردش” جهڙن سنڌي ڊرامن ۾ هن پنهنجي فني قابليت جو پورو ثبوت ڏنو. ان سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به هن پاڻ مڃرايو ۽ “زينت”، “روش”، “نوري ڄام تماچي”، “ٽيپو سلطان” ۽ “ساگر ڪا آنسو” جهڙن يادگار منصوبن جو حصو بڻيو.

ٽيليويزن سان گڏ گلاب چانڊئي ٿيٽر ۽ فلمن ۾ به سرگرم رهيو. سندس پهرين فلم “دشمن” هئي، جنهن کانپوءِ “محب شيدي”، “سرگم” ۽ ٻين فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ هر قسم جا ڪردار ادا ڪيا، پر خاص طور تي منفي ڪردارن ۾ سندس اداڪاري تمام گهڻي مقبول ٿي. “مارئي”، “چاند گرهن” ۽ “بي وفائيان” جهڙن ڊرامن ۾ سندس ڪردار اڄ به ناظرين کي ياد آهن. مجموعي طور هن 300 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ ڇهن فلمن ۾ ڪم ڪيو، جيڪو پاڻ ۾ هڪ وڏو رڪارڊ آهي.

فني دنيا کان ٻاهر به هو سماجي ۽ سياسي معاملن سان لاڳاپيل رهيو. هن ٻه ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. 2016ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو ۽ بيماري جي حالت هوندي به پارٽي جي مارچن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. سندس فني خدمتن جي مڃتا طور 2016ع ۾ کيس صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو. 18 جنوري 2019ع تي سندس وفات ٿي، پر گلاب چانڊئي پنهنجي اداڪاري، جدوجهد ۽ سچائيءَ سبب پاڪستاني ڊرامي جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.

(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)

سنڌ جي سموري سر زمين املھ موتين ۽ ماڻڪن سان ڀري پئي آهي پر تعلقي ٽنڊوباگو جي مان واري مٽيءَ مان ڪيترن ئي انمول انسانن جنم ورتو آهي اوترا شايد ٻئي ڪنهن هنڌ نہ ملن اهڙن لوڪ صفت انسانن مان تعلقي ٽنڊوباگو جي ڳوٺ محراب چانڊيو ۾ فقير محمد رمضان چانڊيو 1969ع ۾ علي محمد چانڊيو جي اجري اڱڻ ۾ جنم ورتو سگهڙ فقير محمد رمضان چانڊيو ٻہ درجا سنڌي ساڳي ڳوٺ ۾ ناظره قرآن شريف سان گڏ پڙهيو فقير صاحب ننڍي هوندي کان ئي شاھ صاحب جي رسالي کان متاثر ٿي پنهنجي والد صاحب کان تربيت ورتي سندس والد صاحب ان وقت ۾ وڏو سگهڙ هو ان کان بعد ۾ فقير صاحب شاعر مجاهد خدابخش چانڊيو کان به تربيت ورتائين سندس استاد شاھ جي رسالي کان سوائي سانوڻ فقير رسالي جو به حافظ هو فقير رمضان صاحب 1988 کان 10 سال ريڍيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نڙ بيت ٻڌائيندو رهيو، نڙ بيت ۾ سندس استاد چڀڙ فقير خاصخيلي هو. سندس اولاد ۾ کيس چار پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي شاھ صاحب جي رسالي جا پارکو آهن.
فقير رمضان چانڊيو بنيادي طرح هڪ مسڪين ماڻهو آهي پر جتي به دوستن جو سڏ ٿيو اتي پنهنجو ذاتي خرچ ڪري شاھ صاحب جو دوستن تائين پيغام پهچائيندو آهي روزاني ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر فيض کوسو پنهنجي ٽيم سان گڏ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو سندس ڳوٺ ۾ پروگرام رڪارڊ ڪرڻ آيو هو جنهن ۾ ساڻس گڏ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر اسد جمال پلي، زاهد ڪنڀار ۽ منظور شاھ ٽنڊو جان محمد وارو ۽ ٻيا به ڪيترائي ٽيم جا ميمبر ساڻس گڏ هئا فقير صاحب سندس ننڍي ڌيءَ کي به شاھ صاحب جي رسالي جي سٺي ڄاڻ ڏني آهي 2019ع ۾ سندس ڌيءَ کي نوابشاهہ پيپلز يونيورسٽي وارن کيس لطيف جي ايوارڊ سان نوازيو ان کان بعد ٺٽي شهر ۾ مڪلي ريسٽ هائوس تي سندس ٻن ٻارن کي سنڌ جي ناليواري اداڪار اسد قريشي ايوارڊ سان نوازيو سگهڙ فقير رمضان چانڊيو هڪ فقير منش انسان ۽ دوستن جو دوست ۽ کلڻو ملڻو انسان آهي سندس پورو وجود شاھ صاحب جي رسالي سانوڻ فقير، حمل فقير، ڪبير ڀڳت سان ڀريل آهي ان کان علاوه ڏور، ڏهس، سينگار، ڏٺ پرولي، ڳجهارت، ۽ ٻين به ڪيترن ئي صنفن تي پڙهي سگهي ٿو سندس زندگيءَ جي آخري تمنا آهي ته کيس ﷲ تعالي حرمين شريف جي سعادت عطا فرمائي ۽ ايمان جي سلامتي ڏي ۽ اولاد کي به وصيت ڪري ٿو ته منهنجي نقش قدم تي هلن ۽ مرشد لطيف جا پيروڪار ٿي رهن.
جيئن جيئن ڀڄي رات تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾.
ڀوري ٻي نه ڪا تات جيڪا سا جتن جي.

بائيبل جي مقدس ڪتاب زبور ۾ وطن کان وڇڙيل ماڻهن جي هڪ اهڙي دانهن درج آهي، جيڪا صدين کان وفاداريءَ جو عالمي استعارو بڻيل آهي. زبور ۾ لکيل آهي ته: اي يروشلم! جيڪڏهن مان توکي وساريان، ته منهنجو سڄو هٿ پنهنجو هنر وساري ويهي. جيڪڏهن مان توکي ياد نه رکان، ته منهنجي زبان منهنجي تارونءَ سان چمڪي وڃي“. هي لفظ تڏهن چيا ويا هئا جڏهن يروشلم جي ماڻهن کي قيد ڪري پنهنجي وطن کان پري ڪيو پئي ويو. هنن اها دعا گهري هئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي وطن ۽ مقدس شهر کي وساري ڇڏين ته سندن ڳالهائڻ جي طاقت (زبان) ختم ٿي وڃي.
​هي قول دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي مٽيءَ ۽ وطن سان بي پناهه محبت جي سڀ کان وڏي مثال طور سڃاتو وڃي ٿو. هن قول جي ڀيٽ وڇڙي ويل ڌرتي جي ڌرتي واسين جي ۽ استاد بخاريءَ جي سچي عاشق ڪامريڊ ممتاز رڏ سان ڪيون ٿا، اها ڳالهه ٺهڪي ٿي پئي بيهي ته، هن جو به ساڳيو ئي مٿيون قول جيان اهو نظريو هو، جيڪي پنهنجي ڌرتي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو. ڪامريڊ ممتاز رڏ تازو ئي 4 فيبروري تي الوداعي هٿ لوڏيندي اسان کان جسماني طور سدائين لاءِ هليو ويو آهي.  جنهن جي وڇوڙي سان نه صرف مٺڙي جي اوسي پاسي وارن علائقن، پر پوري سنڌ جي ساڃاهه وندن، شاعرن، اديبن، هارين، اڳواڻن کي گهرو صدمو پهتو آهي. سائين ممتاز رڏ جي شخصيت جي سڃاڻپ ڪيترن ئي پاسن کان وطن پرست شخص طور رهي. سندس اهو نظريو هو ته سنڌ کي سوين مشڪلاتن کان آجي، خوشحال ڏسان، مان نه ڏسان ته منهنجو مستقبل ضرور ڏسي. جنهن لاء سندس ڪيل تعليم، سياسي، سماجي پاسن کان پرڀور جدوجهد جي پوري سنڌ گواهه آهي. پاڻ ڳائيندو به هيو. جيڪو ڳالهائڻ سندس انقلاب ۽ بخاريءَ سان پيار جو ثبوت هو. خاص ڪري استاد بخاري جي سٽن جيان:
تڙڪي جي ھٿان سمنڊ سڪي ناممڪن
ڪڪرن جي اڳيان ڪوهه ڊڪي ناممڪن
تاريخ ڪري ڪوڪ چيو ھڪ ھڪ کي
ناحق جي اڳيان حق جھڪي ناممڪن.
سدائين قول فعل ۾ اٽل رهيو. پورو علائقو اها گواهي ڏيندو ته ڪامريڊ ممتاز رڏ ڪڏهن به سياسي ظلم بربريت تي Compromise نه ڪيو. هو هڪ وڏو ماڻهو هو. پروگرامن جي اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ ڌرتي جو پيار پيدا ڪرڻ جو ڪمال فن رکندو هو. پنهنجي نسلن ۾ سوچ لوچ ۽ ادبي لوڪ ورثن، جهڙوڪ مچ ڪچهري، دنيا جي انقلابي شخصيتن جون ورسيون ملهائي، انهن جي فڪر کي پکيڙڻ جو وڏو ڪم هن اڪيلي سر ڪري ڏيکاريو. استاد منظور علي خان جهڙي خانصاحب ڪلاسيڪي موسيقي جي استاد سان به سندس ويجهڙائي رهي جيڪو ڪيترائي چڪر مٺڙي آيو، وڏيون محفلون رچايون، اهو سڀ استاد بخاري جي هڪ سچي عاشق اڪيلي سر ڪم هيو. سماجي برائِن جي روڪ ٿام لاءِ ڪيل سندس جدجهد به ڪنهن مثالي شخص کان گهٽ ناهن، جنهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ ياد رکندي. ڪامريڊ ممتاز رڏ جو وڇوڙو ڏاڍو گهرو وڇوڙو آهي، جو اسان جي تر جو هڪ ڏاهو عظيم انسان وڇڙي ويو. اڃان ته سنڌ کي سندس حب الوطن جدوجهد جي ضرورت هئي، اڃان ته سماج جي ماڻهن کي ڪامريڊ ممتاز کان سکڻو هيو، ۽ اڃان ته سندس سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون، پر افسوس جو هو جلدي الوداعي هٿ لوڏيندو ابي ننڊ سمهي پيو. سندس ياد بخاري جي سٽن جيان سدائين اسان جي دلين ۾ رهندي:
سانگين سان گڏ سالگراهه ۾،

وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.

نامور اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم اداڪار نور محمد لاشاري سنڌ جي فن ۽ ثقافت جو اهو چمڪندڙ نالو آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي اداڪاريءَ جي ذريعي سنڌي سماج جي احساسن، دردن ۽ ڪردارن کي زندهه رکيو.
نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931ع تي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي ڀان سيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ لاشاري ۾ جنم ورتو. هو پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو. سندس والد جو نالو فيض محمد لاشاري هو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري اسڪول جي استاد طور ڪئي، پر فن سان سندس لڳاءُ کيس اداڪاريءَ جي دنيا ڏانهن ڇڪي آندو.
نور محمد لاشاري پنهنجي فني سفر جي شروعات مقامي اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. هن استاد بخاري ناٽڪ منڊل سان وابستگي اختيار ڪئي، جتي هن مختلف ڊرامن ۾ اهم ڪردار نڀايا ۽ پنهنجي اداڪاريءَ جي صلاحيتن جو لوهو مڃرايو. اسٽيج تان شهرت ماڻڻ کان پوءِ، 1960ع ۾ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان لاڳاپيل ٿيو، جتي شروعات ۾ ڪاپيِسٽ طور ڪم ڪيائين، پر جلد ئي ڊراما آرٽسٽ طور سڃاڻپ ماڻي ورتائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس آواز، لهجو ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت ٻڌندڙن جي دلين ۾ جاءِ بڻائي.
1967ع ۾ نور محمد لاشاري ڪراچي منتقل ٿيو، جتي پاڪستان ٽيليويزن سينٽر تان نشر ٿيندڙ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ سيريلن ۾ ڀرپور انداز سان ڪم ڪيائين. هن سوين ٽي وي ڊرامن ۾ اهڙا ڪردار ادا ڪيا، جيڪي اڄ به ناظرين جي يادگيرين ۾ محفوظ آهن. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور سيريلن ۽ ڊرامن جهڙوڪ “دنگي منجهه درياءُ”، “مٽيءَ جا ماڻهو” ۽ “راڻيءَ جي ڪهاڻي” ۾ سندس اداڪاري خاص طور تي ساراهه جوڳي رهي. اردو ٻوليءَ ۾ به هن “بدلتے موسم”، “چاند گرہن”، “چھوٹی سی دنیا”، “دشت”، “دیواریں”، “جنگل”، “خان صاحب” ۽ “ماروی” جهڙن مشهور سيريلن ۾ اهم ڪردار نڀايا.
ٽيليويزن سان گڏ، نور محمد لاشاري سنڌي فلمن ۾ به معاون ڪردارن ذريعي پنهنجو فن پيش ڪيو. “برسات جي رات”، “بيوس”، “گھاتو گھر نه آيو”، “مٺڙا شال ملن”، “منهنجو پيار پڪاري”، “پارو”، “رت ۽ اجرڪ” ۽ “شهيد” جهڙيون فلمون سندس فني سفر جو حصو آهن. ان کانسواءِ هن هڪ بلوچي فلم “حمل او ماه گج” ۾ به اداڪاري ڪئي، جيڪا سندس فن جي وسعت جو ثبوت آهي.
نور محمد لاشاري جي خدمتن جي اعتراف طور، حڪومت پاڪستان کيس 1992ع ۾ “تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي” (Pride of Performance) سان نوازيو. ان کان علاوه 1995ع ۾ کيس “فرسٽ انڊس ڊراما ايوارڊ” پڻ مليو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن جا ڪيترائي اعزاز پڻ سندس نالي سان وابسته رهيا.
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو شوگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهيو. 1 فيبروري 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ سندس وفات ٿي ۽ کيس منگهوپير قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. نور محمد لاشاري جو نالو سنڌي ڊرامي، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي تاريخ ۾ هميشه عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو، ڇو ته هن پنهنجي اداڪاريءَ سان سنڌي سماج جي ڪهاڻي کي فن جي زبان ڏني.

(انسائڪلوپيڊيا تان ورتل)