موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content

سنڌ ڌرتي هميشه کان محبت، علم،تهذيب ۽ امن جو گهوارو رهي آهي.هي اهو خطو آهي جتي هزارين ورهين کان انساني تهذيب جا نقش ملن ٿا،جتي موئن جو دڙو انسانيت کي سنديس ڏئي ٿو ته سنڌي سماج هميشه روشن دماغ،هنر دوست ۽ محبت پرور رهيو آهي. اهڙي شاهوڪار تمدن جي سڃاڻپ طور هر سال ڊسمبر جي مهيني ۾ “سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو”سوشل میڊیا،پرنٽ ميڊيا،ملٽي ميڊيا سان گڏوگڏ دنيا جي هر وستي ۽ واهڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائن ٿا.هي ڏينهن نه رڳو ثقافتي جشن هوندو آهي پر پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجين روايتن ۽پنهنجي تاريخ سان نئون ناتو ڳنڍڻ جو موقعو پڻ مهيا ڪري ٿو.دنيا ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي پنهنجي ساڻيھھ،قوم ۽ ثقافت سان پيار نه هجي.
جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ويهندي آهي ان قوم جو وجود دنيا جي تختي تان ميسارجي ويندو آهي ان ڪري هر سال اسان اهو ڏڻ  جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي سڃاڻپ نه وسارڻ گهرجي ۽ هي خوشيءَ جو ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سنڌي به هڪ عظيم قوم آهن ۽ سنڌي ثقافت ننڍي کنڊ جي پراڻي تهذيب آهي.
ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خوبصورت چيو آهي ته:
"سنڌ جي ٻولي سنڌ وارا سمجهن،
اجرڪ ٽوپي جو شان دل وارا سمجهن،
محبت سنڌي ثقافت سان انوکي سفر جو نالو آ،
اهو عجيب فلسفو صرف سنڌ وارا ئي سمجهن."
پيارا دوستو! سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ امن ۽ دوستيءَ جي علامت آهي ۽ سنڌي قوم جي مهمان نوازي ۽ دوستي هڪ اڻ کٽَ خزانو آهي ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ جو رواج اٽڪل پنج هزار سال پراڻو آهي،
ثقافت جو ڏهاڙو ڇو؟؟؟
هر قوم پنهنجي تاريخ، لباس، ٻولي ۽ روايتن سان زنده ٿيندي آهي.سنڌي گهراڻا ڊگهي عرصي کان پنهنجي ثقافت تي فخر ڪن ٿا پر هڪ قومي سطح تي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نوجوان نسل کي اهو احساس ڏيارجي ته انهن جو ورثو ڪيترو قيمتي آهي.ثقافتي ڏهاڙي سان سنڌ جا ماڻهو ٻڌائن ٿا ته:
“اسان جي پَڳَ،اسان جو اجرڪ،اسان جو لباس فقط آرٽ نه پر اسان جي تاريخ جو حصو آهن.”
اجرڪ ۽ ٽوپي-شانِ سنڌ:
انهي ڏينهن تي سڀ کان وڌيڪ ڳايل ۽ نمايان شيون اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي هونديون آهن. اجرڪ جا ڳاڙها،نيرا ۽ اڇا رنگ سنڌي سونهن جا ترجمان آهن.سنڌي ٽوپي جو هر نقش پنهنجي اندر محبت، وفاداري ۽ خوبصورتي جو پيغام رکي ٿو.ماڻهن جو اجرڪ اوڍي،ٽوپي پائي گهمڻ فقط جمالياتي پسند نه پر پنهنجي ثقافتي وقار سان وابستگي جو اظهار پڻ هوندو آهي.
روايتي رقص ۽ ڌُنُون:
ثقافتي ڏهاڙو خوشي، رنگ ۽ موسيقي سان واسطو رکي ٿو.ڌمال، هوٽ، جهومڻ ۽ روايتي رقص،سنڌي ڌنن تي نوجوانن جو ڪلهي سان ڪلهو ملائي نچڻ سڀ سنڌ جي زنده دل ثقافت جو ڏيئو وڌيڪ روشن ڪن ٿا. هي سڀ اهو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌي تهذيب ۾ خوشي ۽ محبت جا رنگ ڪيڏا نه گهرا آهن.!!
سنڌي ٻولي-ورثو ۽ وجود:
هي ڏهاڙو سنڌي ٻوليءَ جي اهميت به ياد ڏياريندو آهي. ٻولي رڳو لفظ نه پر سڄي قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي. نوجوانن جو سنڌي ۾ ڳالهيون ڪرڻ،شعر پڙهڻ، لوڪ گيت ڳائڻ،ثقافت سان محبت جا نوان در کوليندو آهي.شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي جا بيت جڏهن سرن ۾ پڙهبا آهن ته سنڌي تهذيب پنهنجي عروج ۽ موجَ ۾ نظر ايندي آهي.
بازارن،اسڪولن،ڪاليجن،يونيورسٽين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ميلي جهڙو ماحول هوندو آهي.
هن ڏينهن تي سنڌ جا شهر، ڳوٺ،اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هڪ وڏي ميلو بڻجي ويندا آهن.هنڌ هنڌ ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن،جتي ٻارَ توڙي وڏا، سڀ پنهنجي روايتن تي خوش ٿيندا آهن.ثقافتي ميلا نوجوانن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت،اتحاد ۽ گڏيل سڃاڻپ جو سبق ڏين ٿا.
سنڌي کاڌا ۽ مهمان نوازي:
سنڌ جي ثقافت صرف لباس يا رقص تائين محدود ناهي پر سنڌي کاڌا به هتي جي تهذيب جو اهم حصو آهن.ساڳ، ڀينڊي،سنڌي برياني،پلاءُ، ڪڪڙ جو ٻوڙ ۽ سُوپ، لسي ۽ ٻيا روايتي ذائقيدار کاڌا پنهنجو الڳ مقام رکن ٿا.هن ڏينهن تي گهڻا ماڻهو خصوصي طور تي روايتي کاڌا تيار ڪري ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا آهن.....
ثقافتي ڏهاڙو امن،محبت ۽ گڏيل سڃاڻپ جو پيغام:
سنڌ جي ثقافت جو بنيادي پيغام محبت،امن ۽ ساٿ آهي. ثقافتي ڏهاڙو اسان کي سيکاري ٿو ته اختلافن جي باوجود گڏجي رهڻ ئي اصل ثقافت آهي.سنڌ جي روايتن ۾ ڪوڙ،نفرت ۽ دشمنيون ڪٿي به جڳهه نه ٿيون رکن.
تاريخ جا ڪتاب شاهد آهن ۽ حديث شريف به روايت ڪئي وئي آهي ته "نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سنڌ جي لاءِ دعا فرمائي آهي ۽ فرمايو آهي ته, سنڌ جي سرزمين کان مونکي ٿڌي هيرَ ٿي لڳي."
مولا علي رضه جو قول مبارڪ آهي ته: "مونکي سنڌ مان خوشبوءِ ٿي اچي."
بيشڪ اها خوشبوءِ الله جي اولياء ڪرام جي آهي جنهن پوري سنڌ ۽ هند کي مطهر ڪيو آهي.
شهنشاھِ ڪربلا حضرت امام حسين رضي الله عنه جو فرمان مبارڪ آهي ته: "دل جي تمنا هئي ته سنڌ ڏسان."
حضرت امام حسن رضي الله عنه جو قول مبارڪ آهي ته:"سنڌ جنت جو ٻيو نالو آهي."سبحان الله
پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سان گڏوگڏ اهلبيت ڪرام،صحابه ڪرام ۽ اولياء الله سنڌ سان پنهنجي محبت جو انوکو اظهار ڪيو آهي....ته پوءِ اسان سڀني تي به لازم آهي ته پنهنجي مٽي ماءُ سان سچي الفت جو اظهار ڪريون ۽ ان سان حقيقي محبت به ڪريون ۽ عملي قدم به اپنايون. اهو بدنصيب انسان آهي جيڪو پنهنجي وطن سان محبت نه ٿو ڪري.
سنڌ الله جي پيارن جي نظر ۾-محبتن جي ڌرتي، رحمتن جو آستانو:
سنڌ...اها ڌرتي آهي جنهن جي مٽي تي جڏهن ڪنهن اللہ جي نيڪ ۽ صالح ٻانهي جا قدم لڳندا آھن ۽ اُن جي مٽي جي ذرن کي جڏهن انهن جا قدمَ ڇهندا آهن ته دل بي اختيار ٿي چوندي آهي ته: “هي سرزمين فقط مٽي نه پر هزارين اوليائن جي قدم رڱيل مقدس ڌرتي آهي.” سنڌ کي “باب الاسلام” سڏيو ويو آهي،ڇاڪاڻ⁠ ته هي خطو سڀ کان پهرين اسلامي نور کي قبول ڪندڙ ڌرتي بڻي.پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ الله جي محبوب اولیاءَ الله، صوفي بزرگن ۽ الله وارن جي نظر ۾ هميشه وڏي اهميت واري ڌرتي رهي آهي.
سنڌ-اولياءَ جي آستانن جي سرزمين:
تاريخ شاهد آهي ته جتي جتي روحانيت جا مينار بلند ٿيا،اتان خدا جي رحمتون وسنديون رهيون.سنڌ اهڙو خطو آهي جتي هر شهر،هر ڳوٺ ۽ هر واديءَ ۾ الله جا درويش، فقير ۽ اولياءَ آباد رهيا.سنڌ جي مقدس سرزمين تي بيشمار روحاني شخصيتون آرام فرما آهن،جن مان ڪجهه هن ڌرتي تي آيا ته ان کي پنهنجي علمي ۽ عملي نور سان روشن ڪري ويا ۽ جيڪي هتي آيا ته پنهنجي وجود سان الله جي تعليمات جا رنگ ڦهلايائون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي الله جي محبوبن جو راڳ: جيڪڏهن سنڌ جي روحاني عظمت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سڀ کان وڏو نالو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو اچي ٿو. ڀٽائي رحه پاڻ به الله جو پيارو،الله وارن جو عاشق ۽ انسانيت جو شاعر هو.هن پنهنجي رسالي ۾ سنڌ کي نه فقط محبت جي ڌرتي قرار ڏنو،پر ان کي “روحانيت جو گهوارو” پڻ سڏيو آهي.
شاهه سائين فرمائيندو هو:
"سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين "
سچل سرمست-وحدت ۽ عشق جو پيامبر:
سچل سرمست رحه پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو ته سنڌ جي مٽي ۾ وحدت ۽ محبت جو راز سمايل آهي.سچل سنڌ کي رنگن، محبتن ۽ فڪر جي ڌرتي سڏيندو هو،ڇو⁠ته هتي الله جا دوست رهن ٿا ۽ انهن جي ڪرامت سان زمين رحمتن سان ڀريل آهي.
لعل شهباز قلندر- تبليغ ۽ عشق جو سج:
سيوهڻ شريف جي سج لال شهباز قلندر رحه سنڌ کي عشق جو مينار بڻايو. سنڌ جي ماڻهن جي نظر ۾ سيوهڻ فقط هڪ شهر نه پر الهامي فيض جو مرڪز آهي.
صوفياڻي روايتون—سنڌ جو روح:
سنڌ جي درويش۽ فقير صنف ماڻهن جي دلين ۾ الله جي محبت جا ٻج پوکيا.هنن ٻڌايو ته رب جو رستو نفرت،تعصب ۽ دشمنيون نه پر محبت، خدمت ۽ انسانيت سيکاري ٿو.سنڌي تهذيب ۾ درگاهون فقط زيارتگاهون نه پر اخلاق، محبت ۽ روحاني تربيتن جا مرڪز رهيا آهن.الله وارن جي نظر ۾ سنڌ محبت،مهمان نوازي ۽ انسانيت جو ماڳ آهي. سنڌ کي الله جي پيارن انهيءَ ڪري پسند ڪيو، جو هتي جي مٽي پَويتر۽ سنڌين جون  دليون وڌيڪ نرم آهن. هتي جي ماڻھن ۾ محبت،سخاوت، مهمان نوازي ۽ دل جي صفائي انَ شدت سان آهي جو اولياءَ اللہ چون ٿا ته:
“سنڌي ماڻهو دل کولي ملن ٿا ۽ دل کولي الله کي ياد ڪن ٿا.”
سنڌ جا خانه بدوش قبيلا،ماڳ ماٺا،ڌنار،ٿر، بَر،بحر،ريگستاني ماڻهو سڀ سادا پر الله وارن جا پيارا آهن.انهن جي سادگي ۽ محبت پاڻ ۾ عبادت جي هڪ صورت آهي.سنڌ کي جيڪڏهن نوراني فيض جي ڌرتي چئجي ته ڪو وڌاءُ  نه ٿيندو......جتي الله جا دوست ملن اتي آسمان کان رحمتون وسنديون آهن. سنڌ جي هوا ۾ اها خوشبو آهي جيڪا فقط اولياءَ الله جي وستي ۾ ملي ٿي.هتي جا ماڻهو جڏهن درگاهن تي وڃي دعا ڪن ٿا تڏهن سندن دل سان گڏ سندن زندگي به بدلجي ويندي آهي.
سنڌ جي مٽي ۾ شفقت جو فيض،برڪت جو نفعو ۽ دعا جي قبوليت جي لذت سمايل آهي.
سنڌ ۽ باب الاسلام جو اعزاز:
سنڌ کي باب الاسلام سڏڻ جو مطلب فقط تاريخي فتح نه پر روحاني طور پڻ آهي، هن ڌرتي تي اسلام پنهنجو پهريون پايو رکيو ته رب ان کي روحانيت جي روشني ڏني.
ديني عالم چون ٿا ته سنڌ جو ماحول صوفي تحريڪن لاءِ هميشه سازگار رهيو آهي، ڇو⁠ ته هتي جا ماڻهو دل جي گهرائين سان الله ۽ ان جي  رسول ﷺ سان عشق رکن ٿا.
سنڌ الله جي محبت جو آستانو:
سنڌ فقط هڪ علائقو نه پر رب جي محبوبن جي دعائن سان جڙيل هڪ روشن ديوان آهي، هتي جي مٽي مقدس،ماڻهن جون دليون مقدس ۽ هتي جي روايتون نوراني آهن.
سنڌ الله وارن جي نظر ۾ هميشه محبت جي ڌرتي، انسانيت جي درسگاهه ۽ نور جي منزل رهي آهي.
الله سنڌ کي سلامت رکي، سنڌ جي ماڻهن کي خوش رکي ۽ رب جي دوستن جو فيض هميشہ سنڌ تي قائم رکي.۔
سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو فقط لباس ۽ موسيقي جي نمائش نه پر پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان تجديد عهد جو ڏڻ آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته اسان جو ورثو اسان جي طاقت آهي....
سنڌ جي سورمن ۽ دودن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيئي هن ڌرتي کي پنهنجي خون سان سيراب ڪيو ۽ اها وصيت ڪري ويا ته مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.....
سنڌڙي!تون زنده رهين، تنهنجو ثقافتي ورثو هميشه آباد رهي ۽ تنهنجا ٻچا پنهنجي سڃاڻپ ۽ فخر سان تنهنجو ڪنڌ بلند ڪندا رهن....
استاد بخاريءَ ڪيڏو نه سٺو انقلابي درس ڏنو آهي ته:
"جو قوم جياري سو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري سو جيئندو رهندو،
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني  پَڪَ آ،
جو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو..."

سنڌ ڌرتي صديون پراڻي تهذيب، رنگ، رسمن ۽ روايتن جي امين رهي آهي. موهن جي دڙي کان وٺي شاهه لطيف جي سُورمن تائين، سنڌ جي تاريخ هميشه محبت، رواداري، مهمان نوازي ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو آهي. اهڙي حسين، تهذيبي ۽ روحاني ورثي کي زنده رکڻ لاءِ سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن  ملهائڻ نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن نه صرف اسان سنڌين جي سڃاڻپ جو اظهار آهي پر ايندڙ نسلن کي پنهنجي اصليت پڻ آهي.
ثقافت ڪنهن به قوم جو بنياد هوندي آهي. اها ماڻهن جي گڏيل سوچ، روايتن، لباس، ٻولي، فن، موسيقي ۽ طرز زندگي جو نالو آهي. سنڌي ثقافت پنهنجي سادگي، محبت، امن ۽ احترام تي ٻڌل آهي. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ صرف لباس جا ٽڪرا ناهن، پر عزت، احترام ۽ غرور جو اهڃاڻ آهن. هر ماڻهو جڏهن  وڏي شان سان ثقافت جو ڏينهن ملهائين ٿا، تڏهن اهي اصل ۾ پنهنجي ورثي سان وفاداري جو اظهار ڪندا آهن.
ثقافت جو مطلب سڃاڻپ ۽ وابستگيءَ جو اظهار آهي ۽ هر قوم لاءِ ثقافت جو هجڻ لازمي آهي.
ثقافت نوجوانن لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار محبت ۽ اٿڻي ويھڻي سيکاري ٿي ۽ پنهنجي ورثي جو تحفظ  ۽ محبت کي هٿي ڏياري ٿي نه ته هن وقت مغربي دنيا جي پوئلڳي سبب اسين پنهنجي ثقافت کي وساري يورپي ملڪن جي نَقل ڪرڻ جي پٺيان لڳي پوندا سين ۽ نتيجن طور پنهنجي ٻولي، اٿڻي ويهڻي لباس ۽ مچ ڪچهريون ڇڏي سوشل ميڊيا جي پوئلڳي ڪري  پنهنجي اصليت وڃائي ويهندا سين، تقريبن 15 سال اڳ جڏهن ڌارين اسان جي لباس ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ تي جڏهن ٺٺول ڪئي هئي ته اها اليڪٽرانڪ ميڊيا ئي هئي جنھن اهڙن تعصب پرستن کي ثقافتي ڏهاڙو پوري سنڌ ۾ ملهائي اهڙو ته جواب ڏنو هيو جو هنن جون وايون بتال ٿي ويون هيون ۽ هنن ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ان عمل جو ايترو ردعمل ظاهر ٿيندو، ثقافتي ڏهاڙو سال ۾ هڪ دفعو ملهايو پيو وڃي پر ان جي خوشبوءِ سڄو سال محسوس ٿيندي آهي ۽ هاڻي ته ويتر شادين يا خوشين جي موقعن تي ان کي اڃا وڌيڪ ملهايو پيو وڃي. ثقافتي ڏهاڙن ۾ لباس، ٻولي، اٿڻي ويھڻي ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي به روشناس ڪندو پئي اچجي ته جيئن ايندڙ نسل به ان کي ميساري نه سگھي، ان لاءِ يونيورسٽين، ڪاليجن ،اسڪولن ۽ نجي پروگرامن ۾ به اجاگر ڪيو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ اسانجي ثقافت محفوظ رهندي. ان لاءِ ثقافت کاتي کي به ملڪي توڙي صوبائي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو