سنڌ ڌرتي صديون پراڻي تهذيب، رنگ، رسمن ۽ روايتن جي امين رهي آهي. موهن جي دڙي کان وٺي شاهه لطيف جي سُورمن تائين، سنڌ جي تاريخ هميشه محبت، رواداري، مهمان نوازي ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو آهي. اهڙي حسين، تهذيبي ۽ روحاني ورثي کي زنده رکڻ لاءِ سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن نه صرف اسان سنڌين جي سڃاڻپ جو اظهار آهي پر ايندڙ نسلن کي پنهنجي اصليت پڻ آهي.
ثقافت ڪنهن به قوم جو بنياد هوندي آهي. اها ماڻهن جي گڏيل سوچ، روايتن، لباس، ٻولي، فن، موسيقي ۽ طرز زندگي جو نالو آهي. سنڌي ثقافت پنهنجي سادگي، محبت، امن ۽ احترام تي ٻڌل آهي. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ صرف لباس جا ٽڪرا ناهن، پر عزت، احترام ۽ غرور جو اهڃاڻ آهن. هر ماڻهو جڏهن وڏي شان سان ثقافت جو ڏينهن ملهائين ٿا، تڏهن اهي اصل ۾ پنهنجي ورثي سان وفاداري جو اظهار ڪندا آهن.
ثقافت جو مطلب سڃاڻپ ۽ وابستگيءَ جو اظهار آهي ۽ هر قوم لاءِ ثقافت جو هجڻ لازمي آهي.
ثقافت نوجوانن لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار محبت ۽ اٿڻي ويھڻي سيکاري ٿي ۽ پنهنجي ورثي جو تحفظ ۽ محبت کي هٿي ڏياري ٿي نه ته هن وقت مغربي دنيا جي پوئلڳي سبب اسين پنهنجي ثقافت کي وساري يورپي ملڪن جي نَقل ڪرڻ جي پٺيان لڳي پوندا سين ۽ نتيجن طور پنهنجي ٻولي، اٿڻي ويهڻي لباس ۽ مچ ڪچهريون ڇڏي سوشل ميڊيا جي پوئلڳي ڪري پنهنجي اصليت وڃائي ويهندا سين، تقريبن 15 سال اڳ جڏهن ڌارين اسان جي لباس ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ تي جڏهن ٺٺول ڪئي هئي ته اها اليڪٽرانڪ ميڊيا ئي هئي جنھن اهڙن تعصب پرستن کي ثقافتي ڏهاڙو پوري سنڌ ۾ ملهائي اهڙو ته جواب ڏنو هيو جو هنن جون وايون بتال ٿي ويون هيون ۽ هنن ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ان عمل جو ايترو ردعمل ظاهر ٿيندو، ثقافتي ڏهاڙو سال ۾ هڪ دفعو ملهايو پيو وڃي پر ان جي خوشبوءِ سڄو سال محسوس ٿيندي آهي ۽ هاڻي ته ويتر شادين يا خوشين جي موقعن تي ان کي اڃا وڌيڪ ملهايو پيو وڃي. ثقافتي ڏهاڙن ۾ لباس، ٻولي، اٿڻي ويھڻي ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي به روشناس ڪندو پئي اچجي ته جيئن ايندڙ نسل به ان کي ميساري نه سگھي، ان لاءِ يونيورسٽين، ڪاليجن ،اسڪولن ۽ نجي پروگرامن ۾ به اجاگر ڪيو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ اسانجي ثقافت محفوظ رهندي. ان لاءِ ثقافت کاتي کي به ملڪي توڙي صوبائي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو