DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سنڌو درياھ صرف ھڪ وھڪرو نه، پر تھذيب ثقافت زندگي جي اھڃاڻ  آھي.  جنهن جي هر لهر ۾ تهذيب جو باب، هر ڇولي ۾ داستان ۽ هر وهڪري ۾ زندگيءَ جو نئون پيغام سمايل آهي، ھن جي لھرن ۾ ڪيترائي سنگم آھن، ڇوليو ساز ڇيڙن ٿيون جيڪي الاپ تنھائي ۾ سڪون بحشن ٿا، سنڌو درياھ سنڌ جي وجود جي سڃاڻپ ۽ بقا جو استعارو آهي، سنڌو کان سواءِ سنڌ جو تصور ايئن آهي، جيئن روح کان سواءِ جسم، ھي دادلو درياھ ڪيترن ملڪ کان ٿيندو اچي سنڌ ڌرتي کي آباد ڪري ٿو ،  سنڌو ماٿري جي تهذيب ٻڌائي ٿي ته، پاڻي کان سواءِ  انساني زندگي اڻ پوري آھي، سنڌو کي ملڪن جي ورھاست کان اڳ انڊس جي نالي سان به سڏيو ويندو ھو ، مگر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھزارين سالن کان سنڌو ڌرياھ جو نالو سنڌو ئي لکيو ۽ پڙھيو ويو آھي ، سنڌو جي معني آھي ” وڏو ڌرياھ “ موهن جي دڙي، ھڙپا جي دور کان درياھ کي وڌيڪ ترقي ۽ اھميت ملي، ڇو ته موھن جي دڙي جي ماڻھن زراعت جي شروعات ڪري زندگي کي نئون رک ڏنو، موھن جي دڙي جا آثار دنيا کي ٻڌائين ٿا ته سنڌو رڳو زمينن کي آباد نه ڪيو، پر ذهنن کي به روشن ڪيو، تاريخ جا ورق شاهد آهن ته ڪيترن ئي فاتحن جا گهوڙا سنڌو جي ڪنارن تان گذريا ڪيترين ئي سلطنتن جا جهنڊا هتي ڦڙڪيا پر نه حڪومتون هميشه رهيون نه تاج ۽ تخت، جيڪو هميشه قائم رهيو اهو سنڌو جو وهڪرو هو، درياھ انسان کي اهو سبق سيکاريندو رهيو آھي ته طاقت جو اصل سرچشمو فطرت سان هم آهنگي آهي، سنڌ جي ثقافت، لوڪ ادب ۽ صوفي فڪر ۾ سنڌو جو نالو عقيدت سان ورتو وڃي ٿو. سنڌ ڌرتي جي شاعرن هن کي ماءُ، محبوب، سونهن ۽ زندگيءَ جي نالن سان سڏيو آهي، سنڌ جي عظيم ڌرتي ۾ جنم وٺندڙ راڳ، بيت ۽ ڪافيون اڄ به ڌرتيءَ ۽ سنڌو درياھ سان محبت جو پيغام ڏين ٿيون، حقيقت ۾ سنڌو جي سيني ۾ رڳو پاڻي جو وھڪرو نه ٿو ھلي، پر قوم جي احساسن، خوابن ۽ سڃاڻپ کي به پنهنجي لھرن ۾ گڏ کڻي هلي ٿو، مگر سوال اهو آهي ته ڇا اسين سنڌو سان اها وفا ڪري رهيا آهيون جيڪا هن هزارين سالن کان اسان سان ڪئي آهي؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته موسمياتي تبديليون، آلودگي، پاڻيءَ جي بيجا استعمال ۽ دريائي نظام ۾ غيرمتوازن مداخلتن ، غير منسفاڻي ورڇ ، غير قانوني چوري ۽ وقتن به وقتن سنڌو تي بند ٻڌڻ جا سانڀا ٿين ٿا، جيڪي سنڌو جي وجود تي سڌو وار آھن ، ڪڏھن ڪالاباغ ته ڪڏھن ٿل ڪئنال جي نالي ته ڪڏھن ڇھھ نئوان ڪئنال ڪڍڻ جي نالي تي سنڌو تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ۽ اسان خاموش ڏسندا رھون ٿا، درياھ جي سيني تان ڪڏھن واري ٿي اڏامي ته ڪڏھن مورک اڃن مرن ٿا، ان جي وهڪري ۾ گهٽتائي صرف پاڻيءَ جي کوٽ ناهي، پر اها تهذيب، زراعت، ماحول ۽ زندگيءَ جي مستقبل بابت سنگين مسئلو آهي، سنڌو کي بچائڻ حقيقت ۾ پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ برابر آهي، جڏهن درياھ موج مستي ۾ ھلندو ته زمينون به سرسبز رهنديون، ثقافت به زنده رهندي، معيشت به مضبوط ٿيندي ۽ انسان جو فطرت سان رشتو به قائم رهندو،
اسان کي گهرجي ته پاڻيءَ جي هر ڦڙي جي حفاظت ڪيون، درياھ کي آلودگيءَ کان پاڪ رکون ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت اسان جي قومي فرض ۾ شامل ٿئي ٿو، آخر ۾ ايترو ئي چوندس ته، سنڌو درياھ ماضيءَ جو ورثو، حال جي ضرورت ۽ مستقبل جي ضمانت آهي، جيڪڏهن سنڌو وهندو رهندو ته سنڌ جي تاريخ به زنده رهندي، ثقافت به مهڪندي رهندي ۽ ايندڙ نسل به فخر سان چوندو ته، اسان ان ڌرتيءَ جا وارث آهيون، جنهن کي هڪ عظيم درياھ پنهنجي محبت سان هميشه سيراب ڪندو رهي ٿو، سنڌو صرف درياءُ ناهي، اهو سنڌ جي ڌڙڪندڙ دل تاريخ جو زندھ  باب ۽ سنڌي قوم جي سڃاڻپ آهي!

***