واڊيا ويٽرنري اسپتال ھڪ تاريخي شاھڪار:
رپورٽ: محمد اجمل
هڪ پارسي خاندان طرفان تعمير ڪرايل تاريخي ويٽرنري اسپتال، جيڪا وقت جي وهڪري سان گڏ هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي.
واڊيا خاندان طرفان 1919ع ۾ قائم ڪيل واڊيا ويٽرنري اسپتال جي عمارت اڄ به ڪنڌڪوٽ ۾ موجود آهي. هي اسپتال سنڌ جي پهرين منظم ويٽرنري ٽرسٽ ۽ اداري طور سڃاتي ويندي هئي.
هن اسپتال سان گڏ رهائشي ڪوارٽر به موجود آهن، جيڪي اڄ حڪومتي بي ڌياني ۽ لاپرواهي جي گواهي ڏين ٿا.
ان وقت هي اسپتال برطانوي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي ويٽرنري کاتي هيٺ هلندي هئي، جڏهن ته ان جي مالي مدد ۽ تعميراتي سرپرستي واڊيا ٽرسٽ فراهم ڪئي هئي.
واڊيا خاندان برصغير جي مختلف علائقن ۾ فلاحي اسپتالون قائم ڪيون، جن مان هي اسپتال به هڪ هئي، جيڪا وقت سان گڏ وساري ويئي. ان جون ڀتيون اڄ به سؤ سال پراڻي تاريخ جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون.
هن اسپتال جي قيام جو مقصد جانورن جو مفت علاج ڪرڻ ۽ سنڌ جي زرعي ۽ مال مويشي واري شعبي جي بهتري لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ هو. پر وقت گذرڻ سان گڏ اها ويران ٿي وئي ۽ ان جي خاموش عمارت زوال جي هڪ ڪهاڻي بيان ڪري ٿي.۔
هي عمارت اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ڏي ٿي ته پارسي برادري سنڌ ۾ سماجي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪيو هو.