سنڌو دريا فقط پاڻي جو وهڪرو نه آهي. اهو اسان جي مٽيءَ جو ساهه، اسان جي تهذيب جو استاد، ۽ اسان جي سڃاڻپ جو ڪتاب آهي. جنهن قوم جو دريا زنده آهي، ان قوم جو مستقبل به ھميشھ خوشحال ھوندو.
"سنڌو" لفظ سنسڪرت جي "سندھو" مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي "وڏو دريا" يا "سمنڊ". اهو تبت جي جبلن، ڪيلاش جبل جي ويجهو مانسرور ڍنڍ کان نڪرندو آهي. لڳ ڀڳ 3180 ڪلوميٽر سفر ڪري، اسان جي سنڌ جي زمين کي سيراب ڪندي، ڪراچي ويجهو سمنڊ ۾ ملي ٿو.
دنيا جا قديم ترين شهر موهن جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏجي، سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ئي آباد ٿيا هئا. 5000 سال اڳ جا اسان جا ابا ڏاڏا هن دريا جي پاڻيءَ سان فصل پوکيا، واپار ڪيو، ۽ هڪ منظم شهر جو نظام قائم ڪيو.
مورخ صحيح ئي چون ٿا ته "مصر فرعونن جو تحفو آهي، ۽ سنڌ سنڌو جو تحفو آهي." ڇو ته مصر کي نيل دريا ٺاهيو، ۽ اسان کي سنڌو دريا،
سنڌو پنھنجي پاڻي وسيلي اسان کي اناج ڏنو. گاهه، ڪڻڪ، چانور سڀ هن جي ڇوڙ سان ٿيا.
افسوس سان اڄ سنڌو جي پاڻي تي والار جاري آھي، ڪيترا ئي بئراج سنڌو جي لنگھن تي ٺاھي، سنڌو جي پاڻي کي روڪيو ويو آھي ۽ ڪيترن ئي بئراجن کي اڏڻ جي ڪوشش پئي ٿئي! سنڌو جي پاڻي جي گهٽتائي سبب سمنڊ زمين کائي رھيو آھي، ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ھوريان ھوريان سمنڊ جي منھن ۾ آھن ۽ زمين پڻ ڪلراٺي ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي، مڇي گهٽجي وئي آهي، ۽ ڪنارن تي آباد ڳوٺاڻا سخت پريشان کي منھن ڏيئي رھيا آهن. سنڌو کي بچائڻ جو مطلب سنڌ کي بچائڻ آهي. دريا ڪنهن هڪ جو نه، سڀني جو آهي. دريا جي حفاظت اسان سڀني تي فرض آھي. اچو تھ سنڌوءَ جي حفاظت لاءِ پاڻمرادو قدم کڻو ۽ حڪومت کي پابند ڪريون تھ سنڌوءَ جي پاڻي تي ڪو بھ سوڌو سنڌ جي ماڻھن کي منظور ڪونھي!
***