DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
ڪربلا جو فلسفو محض هڪ تاريخي واقعو ناهي، بلڪ انسانيت جي حقيقت، بندگي جو راز ،عشق جو معراج ۽ معرفت جي انتها جو اهڙو باب آهي، جنهن جا ورق قيامت تائين دلين کي جهنجهوڙيندا رهندا. ۔ڪربلا کي صرف هڪ جنگ سمجهي چڏڻ،۔ ان جي روح کان اڻواقفيت آهي، ڇاڪاڻ ته اتي تلوارن کان وڌيڪ ارادن جو امتحان هو، جسمن کان وڌيڪ روحن جي آزمائش هئي ۽ رت کان وڌيڪ وفا جي قيمت ادا ڪئي پئي وئي۔!
جڏهن دنيا اقتدار،دولت ۽ نفس جي خواهشن جي غلام بڻجي رهي هئي ته رسول الله صھ جي ڏوهٽي سيدنا امام حسين ابن علي عليه السلام انسانيت کي اهو سبق ڏنو ته زندگي جو مقصد صرف زنده رهڻ ناهي، بلڪ حق تي زنده رهڻ آهي، ۔جيڪڏهن حق جي تحفظ جي لاءِ جان به ڏيڻي پئي ته اهو خسارو ناهي، بلڪ ابدي ڪاميابي آهي.۔
صوفين جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته ڪربلا فنا في الله ۽ بقا بالله جو سڀ کان عظيم مثال آهي۔.
صوفي فرمائين ٿا ته جڏهن بندو پنهنجين خواھشين،پنهنجن ارادن ۽ پنهنجي وجود کي الله تعالي جي رضا ۾ وڃائي ڇڏي ته اهو مقام تسليم حاصل ڪري ٿو. ۔ڪربلا انهيءَ مقام تسليم جي عملي تفسير آهي.۔
امام حسين عليه السلام کي پتو هو ته ڪربلا جو سفر ظاهري فتح تي نه، بلڪ شهادت تي ٿيندو، مگر ان جي باوجود هن هڪ وک به پوئتي نه ڪئي، ۔ڇاڪاڻ ته هن جي نگاھ دنيا تي نه بلڪ ڪعبي جي رب جي رضا تي هئي.۔
عاشور جي رات جو منظر معرفت جي طالب جي لاءِ بيقراري جو سمنڊ آهي، ۔هڪ پاسي موت جا پاڇولا لامارا ڏئي رهيا آهن، ٻيئي پاسي خيمن کان قرآن جي تلاوت الاهي ذڪر ۽ دعائن جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن، ۔ڄڻ ته اهو لشڪر جنگ جي تياري نه بلڪ وصالِ محبوب جي تياري ڪري رهيو هو. ۔اهل معرفت چون ٿا ته، عاشور جي رات اصل ۾ عاشقن جي وصال جي رات هئي،ڇاڪاڻ ته ايندڙ صبح تي هر جانثار کي پنهنجي رب سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيڻو هو۔.
حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت جو سڀ کان وڏو روحاني پاسو اهو آهي ته هن بندگي جي آخري حد کي ظاهر ڪري ڇڏيو، ۔عام ماڻهو الله تعالي جي عبادت، نعمتن جي لاءِ ڪن ٿا،ڪي ماڻهو جنت جي لاءِ ڪن ٿا، پر اولياءَ ۽ اهل عشق الله تعالي جي عبادت صرف ان جي رضا جي لاءِ ڪن ٿا. ۔ڪربلا ۾ امام حسين عليه پنهنجي جان، پنهنجي ڀاءُ،پنهنجي پٽ،پنهنجي ڀائيٽي،پنهنجي ساٿي  ۽ ايستائين ته پنهنجي کيرپياڪ جگر جي ٽڪري کي به الله جي راھ ۾ قربان ڪري ڏيکاريو ته مجبت الاهي جي دعويٰ لفظن سان نه، بلڪ قرباني کان ثابت ٿئي ٿي!۔
جڏهن حضرت علي اڪبر ميدان ڏانهن روانو ٿيو ته امام حسين عليه ڄاتو ٿي ته هاڻي پٽ جي واپسي ممڪن ناهي، ۔هڪ پيءَ جي دل تي ڇا گذري هوندي، ليڪن حيرت اها آهي ته صبر جو پلئه هٿ کان نه ڇڏيائين ۽ اهوئي رضا جو مقام آهي، جن کي صوفي ”فنا فی المشیۃ اللّٰه“سڏين ٿا، يعني پنهنجي خواهش کي الله جي خواهش ۾ فنا ڪري ڇڏڻ۔.
وري اهو پل اچي ٿو، جڏهن حضرت علي اصغر عليه السلام کي کڻي ڪري ميدان ۾ آندو وڃي ٿو، ۔ڇهن۔ مهينن جو ڄايل معصوم ٻارڙو، جنهن  جا چپ سڪي ويا آهن، ۔امام حسين عليه السلام پاڻي نه، انسانيت جي ضمير کي جاڳائڻ آهيو هو، ۔مگر جڏهن ٽن چنهنبن وارو تير معصوم جي ڳچي ۾ ٽنبجي پيو ته زمين و آسمان ڏڪي ويا.
۔اهل معرفت چون ٿا ته، ان پل ڪربلا ۾ صرف هڪ ٻار جو رت نه وهيو هو، بلڪ انساني ضمير جي آزمائش پنهنجي عروج تي پهچي چڪي هئي!۔
امام حسين عليه السلام جي شهادت اصل ۾”نفس جي قتل“ جو آخري سبق آهي، ۔ابراهيم عليه السلام پٽ کي قربان ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، مگر الله تعالي گهٽيو موڪلي ڇڏيو،  ۔حسين ابن حيدر عليه السلام پنهنجو سڀ ڪجھھ قربان ڪري ڇڏيو !۔
جڌهن امام حسين عليه السلام هيڪلو رهجي ويو، زخمن سان چچريل بدن،اهل بيت جي آهن جون صدائون، مگر زبان تي پوءِ به شڪايت ناهي. ۔روايتن ۾ اچي ٿو ته، پاڻ بار بار الله تعالي جي حمد و ثنا ڪندو رهيو. ۔اهو ئي اهڙو  مقام آهي،  جتي عقل حيران ۽ عشق سجدي ۾ هليو وڃي ٿو، ۔هڪ پاسي مصيبتن جو پهاڙ ۽ ٻيئي پاسي ڪامل رضا۔ ڪربلا جو سڀ کان وڏو راز اهو آهي ته اتي ”حسين عليه السلام“ پنهنجي جان نه ڏني، بلڪ پنهنجي وجود کي الله تعالي جي حضور پيش ڪري ڇڏيو. ۔شهادت صرف جسم ختم ٿيڻ جو نانءُ  ناهي، بلڪ حقيقت محمدیہ صھ جي نور ۾ فنا ٿي ڪري ۽ ڪائنات جي رب جي قرب کي حاصل ڪري وٺڻ جو نانءُ آهي.۔
ڪربلا جو پيغام ڳوڙهن کان شروع ٿي ڪري، معرفت تي ختم ٿئي ٿو. ۔اهي ڳوڙها جيڪي صرف جذبات نه هجن،  بلڪ انسان کي پنهنجي نفس جي خلاف جهاد تي راضي ڪري ڇڏين، ۔اها  جيڪا دل کي نرم ڪري ڇڏي، تڪبر کي ٽوڙي ڇڏي ۽ بندي کي پنهنجي رب جي سامهون۔عاجزي سيکاري ڇڏي۔.
انهيءَ لاءِ الله جا اولياءَ فرمائين ٿا ته، هن دل ۾ حسين عليه السلام جي محبت زنده ٿي وڃي،ان جي دل ۾ ظلم کان نفرت، حق سان محبت، قرباني جو جذبو۽ الله تعالي جي رضا جي طلب پيدا ٿي وڃي ٿي. ۔ڪربلا اسان کي روئڻ سيکارڻ جي لاءِ ناهي آئي، بلڪ ائين بيدار ڪرڻ آئي آهي ته انسان پنهنجي نفس جي يزيديت  کي سڃاڻي وٺي ۽ پنهنجي اندر جي حسين عليه السلام جي نصرت جي لاءِ بيهي رهي!۔
جڏهن به ڪربلا جو ذڪر اچي ته اهو ياد رکو ته اتي هڪ سيد شهيد نه ٿيو هو، اتي ھڪ پاسي يزيد جي شڪست ھئي تھ ٻي پاسي امام شھيد ٿي بھ فاتح ھو ۽ قيامت تائين  فاتح رھندو.  هو ۔نيزي تي بلند ٿيڻ وارو سر مبارڪ اصل ۾ اعلان ڪري رهيو ته جسم مٽجي سگهن ٿا،سلطنتون ختم ٿي سگهن ٿيون، مگر جيڪو الله تعالي جي رضا لاءِ جيئڻ ۽ الله تعالي جي رضا لاءِ قربان ٿيڻ کان وڏي ٻي ڪا بھ ڪاميابي ڪونھي.  سبدس نانءُ ڪڏهن بھ نٿو مٽجي سگھي. اهوئي ڪربلا جو راز آهي. تڏھن لطيف سائين چيو ھو:
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا!

ڪڏھن منجھھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا!