ورھاڱي کان اڳ سنڌ جون جاگرافيائي حدون ملتان کان بولان تائين پکڙيل ھيون 1783ع ۾ ٽالپر حڪمران ميان عبدالنبي تخت تي ويٺو افغان تيمور شاھھ لشڪر ڪاھي سنڌ تي حملو ڪيو، شڪارپور ويجھو خونريزي جنگ لڳي جنھن ۾ مير بجر خان افغاني لشڪر کي شڪست ڏني. ميربجر خان کان پوءِ عبدالنبي سنڌ جو حڪمران ٿيو، جنھن جون حدون قلات تائين ھيون ان دور ۾ قلات مڪران رياستون ھيون .ان دور ۾ قلات رياست جو والي محمد نصير خان ھو ان جو نياڻو ميان عبدالنبي جي جنگ دوران مدد ڪندي ٽالپرن جي لشڪر ھٿان مارجي ويو، جنھن جي عيوض ميرن ڪراچي خان آف قلات جي حوالي ڪئي. جيئن ته مير فتح علي خان کي تيمور شاھھ طرفان حڪومت ڪرڻ جي سند مليل ھئي تنھن ڪري مير غلام علي خان تيمور شاھھ کي ڪراچي واپس ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي، ان کان پوءِ خان آف قلات ڪراچي موٽائي ٽالپر حڪمرانن جي حوالي ڪئي.
ان دور ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون اتر ۾ شڪارپور کان نوشھر ندي تائين ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين اوڀر ۾ سنڌ جي ريگستان ۽ اولھھ ۾ مڪران ۽ بلوچستان جي جبلن تائين ھيون.
قلات جي خان سان مائٽي:
خان آف قلات ۽ ميرن جو پاڻ ۾ دوستاڻو عھدنامو ٿيو ھو، جنھن موجب مير نصيرخان جي ڀائٽي جي شادي مير غلام علي خان سان ڀاڳناڙي ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي.تاريخ لکي ٿي ته، ان دور جي وڏي ۾ وڏي شادي ھئي، جنھن ۾ چاليھھ ھزار ڄاڃي شريڪ ٿيا.
بھاول پور جو علائقو سبزل ڳڙهھ به سنڌ جي راڄڌاني ۾ شامل ٿي ويو ۽ اتي به ٽالپر حڪمرانن جي حڪومت قائم ٿي وئي.
ٽالپرن جي دفتري زبان فارسي ھئي، جيڪا غير زبان ھئي پر ان دور ۾ قسطنطنيه کان وٺي لکنو تائين، جيڪي به اسلامي ملڪ ھئا تن تي فارسي تھذيب جو اثر ھو، سنڌ ۾ ان ڪري شعر ۽ سخن جي بازار فارسي ۾ گرم ھئي .سنڌ جو عظيم شاعر شاه لطيف ڀٽائي جيڪو پڻ ان دور جو شاعر ھو، جنھن فارسي کي رد ڪندي سنڌي ٻولي جي واکاڻ ۽ پرچار ڪئي .
جي تون فارسي سکيو گولو تان غلام
اڃيو تان آب گھري بکيو تان طعام
عامن سندو عام خاصن منجھان ڪونه ٿئي.
( ٽالپرن جي مختصر تاريخ، رحيم داد مولائي شيدائي )
محمد بھاول خان عباسي بھاول پور جو شھر 1748ع ۾ اڏايو، جنھن کي اڳ ۾ جھوڪ رانجھن جي نالي سان پڪاريو ۽ لکيو ويندو ھو.
بھاولپور رياست ھئي، جيڪا سنڌ جي حڪمراني ۾ شامل ھئي، جنھن ۾ بھالپور بھاول نگر رحيم يارخان احمد پور شرقيه ۽ حاصل پور به انھي رياست ۾ شامل ھئا .
( حوالو ،تاريخ بلوچي،تصنيف عبدالمجيد جوکيو بکري )
تاريخي ماڳ مڪان مھر ڳڙه جي اصلي حقيقت:
ھي ماڳ مڪان تمام پراڻو آھي، جيڪو دڙي جي صورت ۾ موجود آھي. ھي سنڌو نديءَ جي ماٿري جي اولھھ ۾ بولان لڪ وٽ موجوده شھرن قلات ۽ سبي جي ويجھو آھي.
1974ع ڌاري، ھن ماڳ جي کوٽائي ٿي. جنھن مان ظاھر ٿيو ته ھي اوائلي شھر ھو. مھر ڳڙهھ جو پھريون دور ٺڪر جي استعمال ست ھزار سال ق م طور تسليم ڪيو ويو، ھتي ڪجھھ اوزار به مليا آھن، جن ۾ ھٿ آيل ڪھاڙي به شامل آھي، جيڪا پٿر جي دور جي نشاندھي ڪري ٿي. جنھن کي ڏکڻ ايشيا جو پراڻو ھٿيار ليکيو وڃي ٿو. ھتي ٺڪر جون مورتيون چٽسالي وارا ٿانو به مليا آھن. مھرڳڙهھ جي مطالعي ۽ اتان ھٿ آيل آثارن مان پروڙ پوي ٿي ته، ھي سنڌو تھذيب جا آثار آھن. ھتي جا رھاڪو لڏپلاڻ ڪري ”موئن جي دڙي“ ڏانھن لڏيندا رھيا. ھنن سنڌو ماٿري جي ميداني علائقن جو رخ ڪيو، اھو به چئي سگھجي ٿو ته ھتان جا ماڻھو سنڌو تھذيب جا اڏيندڙ آھن.
تاريخي ماڳ مڪان لاھوت لا مڪان:
ھي تاريخي ماڳ موجوده جاگرافيائي بلوچستان جي حدن ۾ آھي، ڪنھن دور ۾ ھي سنڌ جي حدن ۾ ھو، جتي سنڌي بزرگ شاهھ بلاول نوراني جي درگاهھ آھي. لاھوت جا پانڌيئڙا اڄ به سيوھڻ ۾ قائم درگاهھ قلندر شھباز کان پنڌ نڪري جبلن مان ٿيندا لاھوت لا مڪان تائين پھچن ٿا. رستي ۾ ھڪ زيارت محبت فقير جي به ضلعي لس ٻيلي ۾ آھي.
( حوالو، بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري،سيد حاڪم علي شاهھ بخاري )
جدگال جو جائزو:
جدگال نه ڪا قوم آھي ۽ نه ڪو لساني اصطلاح آھي، جدگال قبيلو جنھن کي بلوچ دشتياري به چون ٿا. جدگال جي وضاحت ڪجھھ ھن ريت آھي ته، دشتياري بلوچن ۾، پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ چار بلوچ مارجي ويا. ان ڪري اھي دشتياري بلوچستان مان لڏي، ڪراچي جي ملير ۽ لياري ۾ اچي آباد ٿيا. ان وقت سنڌ تي سومرن جي حڪومت ھئي. اھي ان دور کان سنڌ ۾رھڻ شروع ٿيا ۽ سنڌي ڳالھائڻ ۽ پڙھڻ لڳا. ان ڪري تعصب ۽ نفرت وچان بلوچن انھن کي بلوچ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي، جٽ ڳالھھ چوڻ شروع ڪيو ته اھي بلوچي ڪونه ٿا ڳالھائين اھي ڄٽ آھن، بلوچي جيئن ته فارسي تلفظ استعمال ڪن ٿا فارسي ۾ (ٽ) ڪونھي، ان ڪري ان لفظ کي جدگال چوڻ لڳا.
بلوچستان ۾ ڪولواه قبيلو:
ھي قديم قبيلو آھي، جنھن جا آثار به سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل آھن .نائين ۽ ڏهين صدي ۾ ھي قبيلو موجود ھو، جيڪو انتھائي طاقتور قبيلو ھو. اڄ به پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ انڊيا جي ڪجھھ علائقن ۾ ھن قبيلي جا ماڻھو موجود آھن. قديم بلوچي روايتن موجب ڪولواه قبيلي جي ھڪ ٻئي قبيلي ناگ قبيلي سان ٿيل جنگين جو تذڪرو ڪيو ويندو آھي. ھي قبيلو رزاعت سان وابسته رھيو آھي، جيڪي خضدار ۽ لس ٻيلي جي علائقي ۾ آباد آھن. ان کان علاوه مڪران جي جابلو علائقي ۾ به انھيءَ قبيلي جا ماڻھو رھن ٿا. موجوده دور ۾ناگ قبيلو صرف نيپال ۽ انڊيا جي ڪجھھ علائقن ۾آباد آھن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪولواه قبيلو جيڪو ھاڻي خاص خيلي جي نالي سان مشھور آھي .
( حوالو، تاريخ نسيمي بلوچ ۽ بلوچستان، الفت نسيم )
موجوده دور ۾، بلوچ دانشورن تاريخ ۾ ڪافي ھير ڦير ڪئي آھي، انھن پراڻن تاريخي ڪتابن جي بدران نوان پنھنجا تاريخي ڪتاب تخليق ڪيا آھن، جن ۾ بلوچستان کي ڌار ملڪ ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن ته بلوچستان ۾ مختلف رياستون ھيون، جيڪي تاريخ جي صفحن تي موجود آھن. سنڌو تھذيب جنھن جا آثار ڪشمور کان ڪيٽي بندر ھڙپه ٽيڪسلا جي تھذيب تائين پھچن ٿا، جن جا واضح طور تي ثبوت به مليا آھن. سنڌ جون جاگرافيائي حدون ڪشمير تائين ڏيکاريل آھن.
ڪتابيات:
جنت السنڌ، رحيم داد مولائي شيدائي
ٽالپرن جي مختصر تاريخ، مولائي شيدائي
تاريخ نسيمي، الفت نسيم
بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاه
سنڌ جي جديد تاريخ جو مطالعو، پروفيسر عبدالله مگسي
مڪران، حميد بلوچ
تاريخ ڪڇ ۽ مڪران، ڪاظم مرادآبادي
تاريخ بلوچي،عبدالمجيد جوکيو بکري.