DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
سترهين فيبروري اهو ڏينهن آھي، جنهن ڏينهن  تي سال1843 ۾ انگريز سامراج، سنڌ  جو اقتدار اعليٰ ختم ڪري، سڄي سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو.  جنرل چارلس نيپيئير جي اها بدمعاشي هئي ته، هن برطانيا سان دوستي توڙي راهداري معاهدن باوجود، انهن معاهدن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي  سنڌ مٿان زبردستي جنگ مڙھي ڇڏي .
سنڌ جي اها تاريخي غلطي غفلت رهي آھي ته سنڌ سدائين پنهنجي ريگيولر فوج نه رکڻ سبب، حملن جو شڪار ٿيندي ارغونن ترخانن سميت مختلف ڦوروئن هٿان ڦربي لٽبي رهي آھي،  انگريزن جي وقت ۾ به ائين ئي ٿيو!
سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن آخر تائين جنگ نه پئي چاهي، مير نصير خان جنگ لاءِ آمادهه نه هيو، کيس اهو اعتماد هو ته انگريز دوکو نه ڪندا،  پر انگريزن دوکو ڪيو.
جنرل آٽورام جيڪو پڻ جنگ جي حق  ۾نه هو، انگريزين ۽ ميرن جي وچ ۾   ڳالهيون ھلندڙ ھيون  جو، فيبروري 1843ع  ۾، چارلس نيپيئر جنگ جو فيصلو ڪري ورتو. انگريزن کي اها به خبر هئي ته، فيبروري کان پوءِ سنڌ ۾ موسم گرم ٿي وجڻ سبب، انگريز فوج جنگ نه ڪري سگندي. مئي، جون ۽ جولاءِ جي گرمي برداشت ڪرڻ ھنن جي وس ۾ نه هو.  افغانستان مان شڪست کائڻ سبب، چارلس نيپئير سنڌ تي جنگ مڙھي ڇڏي. 
17 فيبروري اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن  حيدر آباد جي اتر ڏکڻ طرف  مياڻي جي ميدان  تي جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  هڪ اندازي موجب،  سنڌين جو عوامي لشڪر  پنجويهه هزار هو  ۽ انگريزن جو لشڪر ٻه هزار، چاڪ چوبند تجربيڪار جٿن تي مشتمل هو،  هنن فوجن ۾ اهو فرق هو ته، انگريز جنرل نيپئير کي ڪافي جنگن  جو تجربو هو، سندس فوجي به تجربي ڪار هئا.
سنڌ جي لشڪر کي ڪو جنگي تجربو نه هو،  هي فوج مختلف ذاتين برادرين تي مشتمل هئي، هن وٽ جديد جنگي هٿيار بھ نه هئا.
هن جنگ جي ڀيٽ ھڪ عالمي پاور جي مقامي ننڍي ملڪ طور ڪري سگهجي ٿي،  مثال طور هن وقت آمريڪا جئين عراق تي  حملو ڪيو هو.
مياڻي جنگ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ جانثار وطن خاناڻي  جرنيل جان محمد ٽالپر جي اڳواڻي وڙھندي شھيد ٿي ويا.  ٻيو معرڪو چوويهه مارچ تي مياڻي کان ڪجهه ڪلوميٽر پري ناريجاڻي ۾ لڳو، جنهن ۾ ھوش محمد شيدي پنهنجي ساٿين سان گڏ شھيد ٿي ويو. مياڻي جنگ ۾ جڏهن بلوچن جي شڪست جا آثار بلڪل چٽا ٿي چڪا هئا ۽ انگريز فوج بلوچ سپاهين کي تيزي سان شھيد ڪندي ٿي وئي، ته ان وقت به بلوچ سورمن م ڪا به  ڀاڄ نه پئي. سندن چھرن تي خوف جي بجاءِ، انگريز سامراج لاءِ واضع ڪروڌ ۽ حقارت هئي! 
چارلس نيپئير جي ڀاءُ وليم نيپئير ”سنڌ جي فتح“ (ڀاڱو ٻيو) ۾ لکيو آھي ته، ”مياڻي ۾  سنڌين جو لشڪر اهڙي ريت وڙھي رهيو هو، جو هنن پنهنجي جان جي پرواهه نٿي ڪئي، هو پنهنجي زندگي کان به وڌيڪ قيمتي شئي لاءِ وڙھي رهيا هئا.“
  اها مڪمل طرح غلط بياني آھي ته،  سنڌين جو لشڪر جنگ مان  پسپائي دوران ڀڳو هو، اها ڳالهه حڪمران طبقن به نه لکي آھي وليم نيپئير لکيو آھي ته، ”وحشين جو لشڪر جڏھن تمام گهڻن ماڻھن جي مارجڻ تي پوئتي هٽيو ته ،اسان انهن مٿان گوليون وسائڻ شروع ڪيون، وحشي گولين ۾ مرندي ڪرندي وحشي نفرت وارين نظرن ڏانهن ڏسي آھستي آھستي هلي رهيا هئا، هي وطن جا سرفروش  تاريخ ۾ ھميشا يادگار رهندا  هنن جي قرباني کين سرخروع رکندي.“

  24 مارچ شهيد جرنيل هوش محمد شيدي جي شھادت :
شهيد هوش محمد قمبراڻي پنهنجي پيءُ وانگر، سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم هو. هوش محمد 1801ع ڌاري پيدا ٿيو. مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبيدار سندس دوست هو. هوشو هن جو هر وقت ساٿ ڏيندو هو، پر جڏهن انگريزن مير صوبدار سان ملي سنڌ تي حملي لاءِ سوچيو ته هوشوءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. هن مير صوبدار کي گهڻو سمجهايو ته انگريز سنڌ جا دشمن آهن ۽ انهن جي سازش ۾ نه اچ، پر هو نه مڙيو.
اهڙيءَ طرح انگريزن آهستي آهستي سنڌ تي پنهنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 1843ع ۾ هنن سنڌ جي حڪمران ٽالپرن کي دڙڪا ڏئي ٺاهه لاءِ راضي ڪيو. اڃا ٺاهه جون ڳالهيون مس شروع ٿيون ته 11 جنوري 1843ع تي انگريزن حملو ڪري، خيرپور جي ميرن جو ”امام ڳڙهه“ وارو قلعو فتح ڪري ورتو.
17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ لڳي ته، انگريزن مير صوبدارخان جي ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي پيش پوڻ لاءِ پيشڪش ڪئي. هوشو ان وقت به مير صوبدار خان جي سخت مخالفت ڪندي کيس چيو ته ”ميرصاحب پنهنجن کي مارائي، سرداري بچائڻ ديس سان دشمني آهي. عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙهه!“ ان تي مير صوبدار مٿس ڪاوڙ ڏيکاري ۽ کيس چيو ته ”منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“
انگريز هڪ هڪ مير کي پڪڙي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪندا ويا ۽ نيٺ 21 فيبروري 1843ع تي انگريزن جي فوج حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، ميرن جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير محمود ۽ مير صوبدار خان کي پڻ زبردستي قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو.
هوش محمد شيدي ”دُٻي واري جنگ“ ۾ هڪ سئو ساٿين سان پوين پساهن تائين وڙهندو رهيو ۽ تاريخي نعرو هنيو ته ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. هوشوءَ جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي انگريز فاتحن به ساراهيو آهي.
آخر سنڌ ڌرتي جو هي سورمو 24 مارچ 1843ع تي آخري دم تائين وڙھندي مارجي ويو، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. هوشو جي شھادت هن وقت به وڏو اتساهه آھي.

مياڻي جي جنگ  جي شھيدن جو يادگار جوڙايو :
هر سال جڏھن سترنهن فيبروري جو ڏھاڙو ايندو آھي ته،  اسين مياڻي جنگ جي شھيدن کي ياد ڪندا آھيون. افسوس ته سنڌ جا هن وقت به هزارين  لکيل پڙھيل ماڻھو ناواقف آھن ته، اهو مياڻي جو ميدان ۽ سندن يادگار ڪٿي آھي. هڪ طرف انگريزن جي مارجي ويل سپاهين جو هي مياڻي جنگ واڻڪي وسي لڳ يادگار آھي جيڪو 1843۾ جو ڙايو ويو هو، جيڪو اڄ به پنهنجي آب ۽ تاب سان موجود ۽ مڪمل طرح محفوظ آھي، ٻئي طرف مياڻي جي جنگ جي  ڪمانڊر جرنيل جان محمد ٽالپر ۽ ٻين جانثارن جون قبرون آھن، جيڪي اڄ به ڪسمپرسي واري حالت ۾ آھن ۽ ميسارجڻ طرف وڃي رهيون آھن.
اسان  هر سال هن جرنيل جان محمد ٽالپر جي يادگار جوڙائڻ ۽ ھن ٽي سئو سالا قديم مسجد کي بهتر ڪرڻ ان جي زمينن تي قبضا ڇڏرائي محفوظ ڪرڻ جون درخواستون لکندا رهيا آھيون، پر ڪنهن به اداري توڙي سنڌ جي آرڪائيو کاتي، ثقافت کاتي هن جي ڪا سار نه لڌي آھي. هن ميسارجي ويل آثارن مان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته، اسين جيڪو مياڻي ۾ غلام بنايا ويا هئاسين اها غلامي اڃا ختم ناهي ٿي، هيٺ ھڪ طرف جان محمد ٽالپر ۽ سنڌ جي جانثارن جون تصويرون آھن ۽ ٻئي طرف انگريزن جو جوڙايل يادگار آھي.
مياڻي جي جنگ جو سبق فوري طور نصاب ۾ شامل ڪري  نوجون نسل کي هن وڏي واقعي بابت آگاهه ڪيو وجي

مزارن تائين پڪو روڊ جوڙي، اتي ايندڙ ويندڙ رستن تي بورڊ لڳايا وجن ـ