ضلعي ٺٽي جو تاريخي پسمنظر :
سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن خطي کي تهذيب، واپار، روحانيت، سياست ۽ علم جو مرڪز چيو وڃي ته اهو بلا شڪ ضلعي ٺٽو آهي. هي خطو نه صرف سنڌ جي قديم تاريخ جو عڪس آهي پر پوري ڏکڻ ايشيا جي تهذيبن جي سنگم طور به سڃاتو وڃي ٿو.
ٺٽو ڪڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، جتي حڪمرانن جا محل، علمائن جون درسگاهون، صوفين جون خانقاهون ۽ واپار جا عالمي بندر موجود هئا. هي خطو سنڌو درياهه جي وهڪري، سمنڊ جي ڪناري، ۽ ريگستاني واپارين جي رستن جي وچ ۾ واقع هجڻ سبب هڪ قدرتي "تجارتي سنگم" بڻجي ويو.
قديم سنڌ ۽ ٺٽي جي شروعاتي تهذيب ٺٽي جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ اسان کي سنڌو سڀيتا (Indus Valley Civilization) تائين وڃڻو پوي ٿو. ڀنڀور ۽ مڪلي جهڙا علائقا ان قديم تهذيب جا اهم آثار سمجهيا وڃن ٿا. ڀنڀور قديم واپار جو مرڪز ڀنڀور، جيڪو اڄ ٺٽي ضلعي جو اهم تاريخي ماڳ آهي، قديم زماني ۾ ديبل بندر جي نالي سان مشهور هو. هي شهر:
عرب، ايران ۽ هندستان جي واپاري رستن تي واقع هو، هتي سون، مصالحا، ڪپڙو ۽ اناج جي واپار جو مرڪز هو، سنڌ جي قديم سامونڊي واپار جو دروازو هو. ٺٽي جو عروج سنڌ جي تاريخ ۾ سومرا ۽ سمن جو دور ٺٽي لاءِ انتهائي اهم رهيو.
سومرا حڪمرانن جي دور ۾ سنڌ جي خودمختياري مضبوط ٿي مقامي حڪومتن جو نظام قائم ٿيو واپار ۽ زراعت کي هٿي ملي سمن جو دور ۽ ٺٽي جو گادي بڻجڻ سمن جي دور ۾ خاص طور تي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي حڪومت ۾ ٺٽو پنهنجي عروج تي پهتو. ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو علم، ادب ۽ فن جو مرڪز بڻيو دنيا جي وڏن شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ڄام نندو جي دور کي سنڌ جي "سنھري دور" طور ياد ڪيو وڃي ٿو. مڪلي ايشيا جو سڀ کان وڏو قبرستان ٺٽي جي تاريخ جو سڀ کان نمايان حصو مڪلي جو قبرستان آهي، جيڪو صرف قبرستان نه پر هڪ "کليل عجائب گهر" آهي. مڪلي تي سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جا مقبرا موجود آهن اسلامي فنِ تعمير جا شاندار نمونا ملن ٿا صوفين، بادشاهن ۽ سپهه سالارن جون قبرون آهن. مڪلي کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي قبرستانن مان هڪ شمار ڪيو وڃي ٿو، جتي صدين جي تاريخ خاموشيءَ سان دفن آهي. ٺٽو بطور گاديءَ جو شهر ٺٽو ڪيترن ئي دورن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ان وقت حڪومتي انتظام هتان هلندو هو. عدالتون ۽ درٻارون قائم هيون غير ملڪي واپاري هتي اچي ڪاروبار ڪندا هئا ٺٽو ان وقت هڪ بين الاقوامي شهر هو جتي ايران، عرب، ترڪي ۽ هندستان جا واپاري ايندا هئا. واپار، بندرگاهون ۽ معاشي اهميت ٺٽي جي تاريخ جو هڪ اهم رخ ان جو واپاري نظام آهي.
اهم بندرگاهون: ديبل (ڀنڀور) ڪيٽي بندر، لاري بندر، ساموئي بندر، ڪلان ڪوٽ
اهي بندرگاهه سنڌ کي دنيا سان ڳنڍيندا هئا. واپاري شين ۾ شامل هئا مصالحا، ڪپڙو، هيرا جواهر، اناج ۽ لوڻ ٺٽو هڪ عالمي واپاري مرڪز جي حيثيت رکي ٿو.
جاگرافيائي اهميت ٺٽو ضلعو سنڌو درياهه جي ڊيلٽا تي واقع آهي سمنڊ جي ڪناري سان ڳنڍيل آهي. زرخيزي ۽ مڇي مارڻ لاءِ مشهور آهي هي جغرافيائي پوزيشن ان کي هميشه اهم بڻائيندي رهي آهي. قديم آثار ۽ ڀنڀور جي اهميت ڀنڀور جي آثارن مان ملي ٿو ته هتي منظم شهري نظام موجود هو، پاڻي جي نيڪال جو نظام هو پٿر ۽ سرن جي مضبوط عمارتون هيون هي سڀ ثبوت ٻڌائين ٿا ته سنڌ جي تهذيب انتهائي ترقي يافته هئي. روحانيت ۽ صوفي روايت
ٺٽي جي تاريخ صرف سياسي يا معاشي نه آهي، پر روحانيت سان به ڀرپور آهي. هتي ڪيترائي بزرگ ۽ صوفي بزرگ دفن آهن، جهڙوڪ:
مڪلي جا اولياءَ شيخ تراب، عبدالله شاھ اصحابي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شاھ مراد شاھ شيرازي، ستيون، شاھ پريون ، پير پٺو، مخدوم معين وغيرھ، اهي شخصيتون سنڌ ۾ امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام ڏينديون رهيون.
هتان سنڌ جو مال عرب ملڪن ڏانهن ويندو هو هندستان ۽ ايران سان واپار ٿيندو هو يورپ تائين به واپاري رابطا هئا ٺٽو ان وقت ايشيا جي اهم واپاري شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. ڪينجهر ۽ ڪلري ڍنڍون فطرت جو حسن ٺٽي جي فطري حسن ۾ ڪينجهر ڍنڍ ۽ ھاليجي ڍنڍ جو وڏو ڪردار آهي.
ڪينجهر ڍنڍ سنڌ جي وڏي ۽ خوبصورت ڍنڍن مان هڪ سياحت جو اهم مرڪز شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لوڪ داستانن سان لاڳاپيل روايت موجب نوري ۽ ڄام تماچي جي محبت جو داستان به هن ڍنڍ سان جڙيل آهي.
ھاليجي ڍنڍ مڇي مارڻ لاءِ مشهور مقامي ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو قدرتي ماحول سان ڀرپور اهي ڍنڍون ٺٽي کي صرف تاريخي نه پر قدرتي حسن سان به مالا مال ڪن ٿيون.
ريلوي جو نظام ۽ ٺٽو:
برطانوي دور ۾ جڏهن ريلوي نظام قائم ٿيو ته ٺٽو به ان نظام سان ڳنڍيو ويو.
اهم ريلوي اسٽيشنون، ڌاٻيجي اسٽيشن، جھمپير اسٽيشن، ساڏورو اسٽيشن، گھارو اسٽيشن، برادا آباد اسٽيشن، اونگر اسٽيشن، ميٽنگ اسٽيشن، لطيف چانگ اسٽيشن، جنگشاهي اسٽيشن، رن پٺاڻي اسٽيشن
ريلوي نظام سان واپار وڌيڪ تيز ٿيو ماڻهن جي آمدرفت آسان ٿي علائقائي ڳانڍاپو وڌيو سنڌو درياهه جا پتڻ زندگي جا رستا ٺٽي ۾ سنڌو درياهه جا ڪيترائي تاريخي پتڻ هئا جيڪي اڄ به اهميت رکن ٿا.
اهم پتڻ ٽنڊو حافظ شاهه (گدو پتڻ)، راڄو نظاماڻي پتڻ، جهرڪ پتڻ، ڏاڏوري پتڻ سونڊا پتڻ,ٺٽو پتڻ اهي پتڻ واپار جا رستا هئا مسافرن جي آمدرفت جا مرڪز هئا ثقافتي رابطا جو ذريعو هئا.
سونڊا جو تاريخي قبرستان سونڊا جو قبرستان ٺٽي جي تاريخي ورثي مان هڪ اهم ماڳ آهي. هتي قديم دور جون قبرون موجود آهن مقامي قبيلن جي تاريخ دفن ٿيل آهي اسلامي ۽ سنڌي فنِ تعمير جا نشان ملن ٿا هي قبرستان ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ موت به تاريخ جو حصو رهيو آهي. ڪوھلي کاڻيون ۽ معاشي وسيلن جي اهميت ٺٽي جي ڪجهه علائقن جهڙوڪ جھرڪ، جھمپير، اونگر، سونڊا، ڄنگھڙي ۾ ڪوھلي (پٿر) جون کاڻيون موجود آهن.
ماتا شنگھھ ڀواني مندر ۽ مذهبي هم آهنگي ٺٽي ۾ صرف اسلامي ورثو نه پر هندو تهذيب جا به نشان موجود آهن. ماتا شنگھھ ڀواني مندر قديم هندو مندر.
مذهبي هم آهنگي جو مثال مڪلي جي ٽڪري سان جڙيل روايتون هي مندر ٻڌائي ٿو ته ٺٽو هميشه مذهبي رواداري جو مرڪز رهيو آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي پڻ مڪلي ٽڪري تي آيو مندر جي ويجھو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڌري پڻ آھي روايتن ۾ آھي ته جڏھن ھندو ھن مندر کان ٿيندا بلوچستان جي علائقي ڏانھن ويندا ھئا جتي ھندو جو وڏو مندر پوڄا مرڪز آھي ھنگلاج ويندا ھئا . ڪي ليکڪ چون ٿا شاھ عبداللطيف ڀٽائي اتان زمين ۾ ٽٻي ھنئي يعني ھنگلاج مان ته وري اچي مڪلي تان نڪتو ..
دولهه درياخان مڪلي جو سپهه سالار مڪلي تي دفن ٿيل عظيم شخصيت دولهه درياخان سنڌ جي تاريخ ۾ بهادري جو نشان آهي. سمن دور جو سپهه سالار سنڌ جي آزادي لاءِ جنگجو ڪردار وفاداري ۽ بهادري جو مثال ٺٽي جي زوال جا سبب جيتوڻيڪ ٺٽو هڪ وقت ۾ عروج تي هو، پر پوءِ آهستي آهستي زوال طرف ويو. اهم سبب سنڌو درياهه جو رخ بدلجڻ بندرگاهن جي اهميت گهٽجڻ سياسي مرڪز جو شفٽ ٿيڻ (ڪراچي ۽ حيدرآباد طرف) مغلن کان پوءِ انتظامي ڪمزوري. جديد ٺٽو تاريخ کان حال تائين جو سفر ٺٽو جيڪو ڪڏهن سنڌ جي گادي، علم، واپار ۽ تهذيب جو مرڪز هو، اڄ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي جتي ماضي جي عظمت ۽ حال جي بيحسي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ٿي. اڄ جو ٺٽو تاريخي ورثي سان ڀرپور آهي، پر ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آهي!
(بقايا قسط ايندڙ شماري ۾ پڙھندا)