جنگشاھي سنڌ جي دلڪش تاريخ:
رپورٽ: جاويد جان
جنگشاھي ڪوھستان جو واحد علائقو آھي، جنھن جي سونھن ڪنھن کان لڪيل ناھي، جنگشاھي ڪوھستان جي جابلو پٽي تڏھن حسين ٿي ويندي آھي جڏھن سانوڻ جون برساتون جبلن تي وسنديون آھن، تڏھن پري پري جي علائقن جا مالونڌ ماڻھون مڇر جي عذاب جي بچاءَ خاطر جبلن جو رخ ڪندا آھن. برسات جي سان جابلو پٽي حسين دلڪش بنجي ويندي آھي، جنھن ۾ مارو جبل ڪنڊي سيني باشار ساڏورو بردآباد ڪنڀاٽ سيندر نڪ ڇني درگاھ جنگشاھي بابا رنپٽياڻي ڪارو جبل ۽ ٻيا ڪيترائي جابلو علائقا ڇڌي، مالونڌ ماڻھون جابلو چوٽين جو رخ ڪندا آھن، ھر طرف رونق ھوندي آھي ۽ ھر طرف ٻار ٻچا ۽ مال ڍور نظر ايندا آھن ۽ جبلن ۾ ميلو مچي ويندو آھي. برسات جي موسم ۾ وھندڙ پاڻي جھڙا آبشار ۽ ڍورا جڏھن وھندا آھن، تڏھن ھر طرف خوشي جھڙو ماحول ھوندو آھي، خاص طور تي شام جي وقت جڏھن جبلن جي چوٽين تي ٿڌي ھوا لڳندي آھي تـھ ماڻھن ۾ مدھوشي جھڙو سحر طاري ٿي ويندو آھي ۽ دل خوش ٿي ويندي آھي. اھو آھي جبلن جو حسين دلڪش نظارو جيڪو ھر ماڻھون کي وڻندو آھي. ڪوھستان فقط برسات جي موسم ۾ دلڪش نھ، پر ھتي قيمتي پٿر، ريتي ۽ بجري سان بھ مالا مال آھي.
جنگشاھي ڪوھستان جي اتر طرف مختلف ونڊ پاور ڪمپنيون آھن ۽ ڪجھھ پنڌ تي سپر ھاءِ وي بـھ آھي. جنگشاھي کان نوري آباد جو رستو ڪچو آھي، جيڪو ڪي ئي ڏھاڪن کان تعمير ٿي نھ سگھيو آھي. جنگشاھي جي اولھھ ۽ اوڀر طرف جابلو پٽي تي مشتمل آھي ڏکڻ طرف ڪجھھ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ھاليجي ڍنڊ ۽ ھاليجي جي ويجھو نيشنل ھاءِ وي آھي جتان ڪراچي، ٺٽو، گھارو، داٻيچي، سجاول کان بدين جاتي شاھھ، يقيق شاھھ، بندر ساڪرو ڳاڙھي، ڪيٽي بندر ۽ بٺورو دڙو مختلف روڊ رستا آھن. جنگشاھي جي ڪجھھ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ڪي ڊي اي واھ بـھ لنگھھ پڻ آھي، جيڪو ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جو اھم ذريعو آھي. جنگشاھي کي ريلوي اسٽيشن بھ آھي، جنگشاھي جي چار ئي پاسن کان قدرتي صنعتي تجارتي ڪمپنيون آھن، مثلن جابلو پٽي ۾ مختلف ونڊ پاور ڪمپنيون آھن، تنھن کان سواءِ جھمپير ساڏورو بردآباد داٻيجي، نوري آباد تائين ونڊ پاور ڪمپنيون پکڙيل آھن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تھ جنگشاھي کي بجلي جي سھولت بھ مھيا ڪونھي. پاڻي، صحت ۽ روزگار جھڙا منصوبا تھ پري پري تائين نظر نٿا اچن. ايڏي وڏي ايراضي ۾ ميگا پروجيڪٽ لڳڻ باوجود نوجوان اڄ بھ تنگ دستي ۽ غربت ۾ مبتلا آھن. افسوس اھو پڻ آھي تـھ بااثر ماڻھن جو اڄ بھ علائٔقن جي زمينن تي قبضا جاري آھن. جنگشاھي ۾ ھاليجي ڍنڊ ۽ وھندڙ ڪي ڊي اي واھھ تـھ آھي، پر جنگشاھي واسين کي پئيڻ جو پاڻي بھ دستياب ڪونھي، ھتي ريلوي اسٽيشن تھ آھي، پر ريل گاڏي لاءِ ڪو عملو مقرر ڪونھي، ھتي مختلف ڪمپنيون تھ آھن، پر انھن ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن لاءِ ڪا نوڪري ڪونھي!
سنڌ حڪومت کي گھرجي تھ، جنگشاھي جھڙن پٺتي پيل علائقن کي ترجيحي بنيادن تي ڏسي ۽ عوام جي سھولت لاءِ ڪي خاص اپاءُ وٺڻ گھرجن.