موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
مڪلي جو ماڳ ، سنڌ جي تاريخ، علم ۽ روحانيت جو لازوال ورثو!
رپورٽ: شريف گل خاصخيلي
سنڌ جي سرزمين صدين کان وٺي تهذيب، ثقافت، علم ۽ روحانيت جي امين رهي آهي. هن ڌرتيءَ جي هر ڪنڊ پنهنجي اندر هڪ داستان سموئي بيٺي آهي. ڪڏهن محبتن جو، ڪڏهن جدوجهد جو، ته ڪڏهن معرفت ۽ سچائي جو. انهن ئي تاريخي ۽ روحاني ماڳن مان هڪ عظيم ۽ بي مثال ماڳ آهي مڪلي، جيڪو ٺٽو جي ڀرسان واقع آهي. مڪلي نه صرف سنڌ، پر پوري دنيا لاءِ هڪ اهم تاريخي ورثو آهي، جنهن کي ڏسي انسان پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت گهري سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو. ٺٽو سنڌ جو علمي ۽ تهذيبي مرڪز  آھي. ڪو زمانو هو، جڏهن ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هي شهر صرف سياسي مرڪز نه، پر علم، ادب، فن ۽ ثقافت جو گهوارو پڻ هو. هتي جا مدرسه، لائبريريون، خانقاهون ۽ درسگاهون پوري برصغير ۾ مشهور هيون. علم جي تلاش ۾ ايندڙ شاگرد ۽ عالم ٺٽي جو رخ ڪندا هئا، جتي کين علم ۽ دانائي جا در کليل ملندا هئا. ٺٽي جي هن علمي فضا ۾ مڪلي جو ماڳ هڪ روحاني مرڪز طور اڀريو، جتي نه صرف وڏا عالم ۽ صوفي دفن ٿيا، پر انهن جي تعليمات ۽ پيغامن جي روشني به هميشه لاءِ محفوظ ٿي وئي. مڪلي دنيا جو عظيم قبرستان مڪلي کي دنيا جي سڀ کان وڏن قبرستانن مان هڪ قرار ڏنو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو ته هتي لکين ماڻهو دفن آهن، جن ۾ بادشاهه، وزير، عالم، صوفي ۽ عام ماڻهو شامل آهن. هن ماڳ جي وسعت، تاريخي اهميت ۽ فنِ تعمير ان کي عالمي سطح تي هڪ منفرد حيثيت عطا ڪن ٿا.  پراڻيون قبرون، عاليشان مقبرا ۽ انهن تي ٿيل نفيس نقش نگاري انسان کي صديون پوئتي وٺي وڃن ٿيون. 
مڪلي جي ترقي خاص طور تي ڄام سمون جي دور ۾ ٿي. ان وقت ٺٽو سنڌ جي راڄڌاني هو ۽ سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي لحاظ کان عروج تي هو. ڄام سمون نه رڳو پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪيو، پر علم، فن ۽ تعمير کي به فروغ ڏنو. سندس دور ۾ مڪلي تي ڪيترائي شاندار مقبرا ۽ عمارتون تعمير ٿيون، جيڪي اڄ به انهن جي عظمت ۽ فنِ تعمير جو ثبوت آهن. انهن مقبرن ۾ استعمال ٿيل پٿر، نقش نگاري ۽ ڊيزائن ان وقت جي اعليٰ فني مهارت کي ظاهر ڪن ٿا. صوفي بزرگ، اولياءَ ۽ علمي شخصيتون مڪلي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهن. انهن هستين پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت، علم جي واڌاري ۽ روحانيت جي فروغ لاءِ وقف ڪئي. انهن مان هڪ اهم نالو آهي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم، محدث ۽ فقيه هو. سندس علمي خدمتن قابل تعريف آھن.  ساڳي طرح عبدالله شاهه اصحابي جهڙا بزرگ به هن ماڳ تي آرامي آهن، جن جو پيغام محبت، امن ۽ رواداري هو. انهن صوفين انسان کي انسان سان جوڙڻ، نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ خدا سان تعلق مضبوط ڪرڻ جو درس ڏنو. فنِ تعمير  ڪاشي ڪاري، خطاطي ۽ گلڪاري پنهنجي وقت جي اعليٰ فن جي نمائندگي ڪن ٿيون. هر مزار تي اڪريل آيتون ۽ نقش نه رڳو جمالياتي حسن جو اظهار اھن، پر انهن ۾ هڪ گهرو فلسفو به لڪل آهي.  هتي هر قبر اهو ٻڌائي ٿي ته دنيا جي طاقت، دولت ۽ حيثيت سڀ عارضي آهن. اهو احساس انسان جي اندر عاجزي پيدا ڪري ٿو. اهو کيس سيکاري ٿو ته غرور، نفرت ۽ لالچ کي ڇڏي محبت، سچائي ۽ انسانيت کي اختيار ڪرڻ گهرجي.
مڪلي سنڌ جي سڃاڻپ آهي. اهو ماڳ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، علم ۽ روحانيت جو عڪس آهي. سنڌ جي ماضي جي عظمت ۽ موجوده حالتن جو تقابلي جائزو وٺي سگهي ٿو. هي ماڳ نه صرف سياحت لاءِ اهم آهن، پر اهو تحقيق ڪندڙن، تاريخدانن ۽ شاگردن لاءِ به هڪ وڏو ذريعو آهن.  افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، اڄ مڪلي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.  مينھن جي پاڻي جو بيھڻ، تيز هوا، انساني لاپرواهي ۽ سار سنڀال جي کوٽ سبب ڪيترائي مقبرا تباهه ٿي رهيا آهن. ڪجهه هنڌن تي غير قانوني قبضا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڪٿي تھ موالين جا اڏا پڻ آھن. جيڪي   
جيڪي هن تاريخي ماڳ جي حسن ۽ حيثيت کي متاثر ڪن ٿا. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا، ته هي عظيم ورثو آهستي آهستي ختم ٿي سگهي ٿو.

اسان سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن خاص طور آرڪالاجي ۽ ثقافت جي وزير کي اپيل ٿا ڪريون تھ سنڌ جي تاريخ کي بچائڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ ورتا وڃن تھ جئين تاريخ کي محفوظ ڪري سگھجي. هن ماڳ جي بحالي، صفائي، تحقيق ۽ تحفظ لاءِ موثر پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. تعليمي ادارن ۾ مڪلي جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي ايونٽ ۽ اسٽيڊي ٽوئر رکيا وڃن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ورثي کي سڃاڻي ۽ ان جي حفاظت ڪري سگھي.