سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي، جتي سمنڊ جون لهرون ڌرتيءَ سان پيار ڪن ٿيون، اتي کاروڇاڻ آباد آهي. هڪ اهڙو شهر جيڪو پنهنجي قدامت، روحانيت، سادگي ۽ قدرتي حُسن جي ڪري الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سنڌ جي دل مان نڪتل هڪ نهر، صدين جو ساٿي، هزارين دلين جو ڌڙڪو –سنڌو درياھ،جيڪو هندوڪش جي برفن مان جنم وٺي، پنجاب جي پيٽن مان لنگهي، سنڌ جي دل سان پيار ڪري، آخرڪار اچي ”کاروڇاڻ “جي ڪناري سنڌي سمنڊ جي آغوش ۾ اچي، خاموش ٿي وڃي ٿو. هڪ نهر جو اکر هڪ قوم جي تاريخ، ”کاروڇاڻ“ صرف هڪ سامونڊي ڳوٺ نه، پر سنڌو درياھ جي آخري محبت جو مقام آهي. هتي درياھ پنهنجي سفر جي پڇاڙيءَ تي سمنڊ سان ائين ملندو آهي، جيئن شاعر پنهنجي بيت کي درد جي آلاپ سان پورو ڪندو آھي. جتي پاڻيءَ جو سُر صدين جي ڳولا، جدوجهد، ۽ قربانيءَ جو گيت بڻجي وڃي ٿو.هيءَ جڳهه آهي جتي پاڻي تاريخ لکي ٿو، ۽ لهرون لطيف جا بيت ڳائن ٿيون ۽ جتي درياه سمونڊ سان ملندو آھي ته اتي ڌرتي به چُپ ٿي ويندي آهي. ”کاروڇاڻ“ اهو ماڳ آهي، جتي سنڌو جنهن کي سنڌ جي ساھ جون رڳون چيو وڃي ٿو، اتي پهچي سمنڊ سان ميلاپ ڪندو آھي، پر اُن ملڻ ۾ وڇوڙو به آهي، ۽ محبت به، جيئن ڪنهن سان عشق ڪرڻ سان جدائي جو جام پيئڻو پوندو آھي ته ،محبت جو مزو به چکبو آھي. جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا ڏسبا آهن ۽ ماهيگيرن کي سک ۽ شانتي ملندي آهي.”کاروڇاڻ“ وارا ماڻهو ڄڻ سنڌوءَ جا آخري محافظ آهن، ڇاڪاڻ تھ اهي هرروز سنڌو درياھ کي سنڌي سمونڊ سان ملندي ڏسندا آهن ۽ انهن کي سڀ کان گھڻي تڪليف تڌھن ٿيندي آھي، جڏھن سنڌو تي ڪو ڏکيو وقت ايندو آھي. سنڌوءَ وانگر، انسان به جڏهن آخري وک کڻندو آھي ته سندس ياد ڪنهن ڪتاب جي زينت بڻجي، تاريخ ۾ رهجي ويندي آهي. کاروڇاڻ سنڌ جي ساھ جو آخري ساز، ۽ سنڌوءَ جي روح جو آخري راز آھي. ”کاروڇاڻ“ صرف مٽيءَ جو ڳوٺ نه، پر فطرت جو فني شاهڪار آهي، جتي سمنڊ جون لهرون به راتين ۾ رحمت بڻجي وسنديون آهن.سادن لباسن ۾ ويٺل اهي ماهيگير، جن جي هٿن تي نمڪ لڳل هوندو آهي، پر انهن جي دلين ۾ ڪو مَير نه هوندو آهي سادا ۽ سٻاجهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پيٽ گذر ۾ مصروف رهندا آهن ۽ کاروڇاڻ جو عورتون ڀرت ڀرينديون آهن، مرد هٿن ۾ ڄاريون کڻي سمنڊ جو سينو سهائيندا آهن کاروڇاڻ جي شاعر محمد رفيق چيو آهي ته:
اسين ملاح مڇيءَ مار،
مڇيءَ سان آهي اسان جو پيار!
جڏهن آڻيون تڏهن چاڙهيون، سمنڊ جو ٿا سينو سهايون،
ھوڙا کڻيو وڃون ٻاهر، اسين ملاح مڇيءَمار!
۽ ٻار جيڪي سمنڊ جي ڇولين سان کيڏندا آهن ۽ رات جو ڏاڏيءَ کان پراڻي دور جون ڪهاڻيون ٻڌندا آهن.جتي هر لهر ۾ تاريخ جي صدا آهي. کاروڇاڻ نه صرف حسن جو نگر آهي، پر تاريخ جو زنده ڪتاب آهي. ڪڏهن سومرن جي دور جا قافلا ته ڪڏهن وري ٽالپرن جا ٻيڙا ته ڪڏهن وري انگريزن جي قدمن جا نقش سڀ هتي جي مٽيءَ ۾ محفوظ آهن.کاروڇاڻ اها جڳھھ آهي جتي عشق جون لهرون لاڙ جي پٽن تي پلٽنديون آهن ته جتي محبت جي ميدانن ۾ بيهي ڪري سنڌ جي قومي راند ملاکڙي لاءِ پهلوان پنهنجي چيلھھ تي سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهندا آهن ۽ اها جڳھھ آهي، جتي قرب جون ڪچهريون ٿيندون آهن، جتي پکي امن ۽ الفت جا آکيرا ٺاهيندا آهن ۽ ڪلفت جي ڪاري ڪانگن کي اڏاري ڇڏيندا آهن. .
کاروڇاڻ نه صرف ماهيگيرن جي ڌرتي آهي، پر روحاني بزرگن جي نگري به آهي، جتي امن، عشق، ۽ انسانيت جي خوشبو پکڙيل آهي.
تاريخ جي ورقن ۾ کاروڇاڻ جو نالو به موهن جي ڌڙي جيان قديمي حيثيت رکي ٿو. هيءُ بندرگاهه قديم زماني ۾ سامونڊي واپار جو اهم مرڪز رهيو آھي، هتان کان کاروڇاڻ جو ڳاڙهو چانور جيڪو ڏاڍو مشهور هو، اهو بمبئي،گجرات ۽ ڪلاچي جي علائقن ڏانهن اماڻيو ويندو هو ۽ هتان جو سامونڊي رستو جيڪو سوکي بندر کان نڪرندو هو، سمنڊ جي شدد جي ڪري سوکي بندر تباھ ٿي ويو.کاروڇاڻ جي زندگي جو وڏو حصو سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ماڻهو هتي ماهيگير آهن جيڪي ننڍين ٻيڙين تي سمنڊ ۾ وڃي سمنڊ جو سينو چيري مڇي ماريندا آهن. سج اڀرڻ ۽ لهڻ وقت سمنڊ تي ڦهليل رنگن جا منظر خوابن جهڙا لڳن ٿا.
ٻيڙين جو لڏڻ، پاڻيءَ جون لهرون، ۽ ريتيلن ڪنارن تي ٻارن جي راند، هي سڀ هڪ فلم جهڙو فطري ڏيک ڏين ٿا.هتي جا ماڻهو سادا، محبت ڪندڙ، ۽ مهمان نواز آهن. عورتون روايتي لباسن ۾، هي ماڻهو سنڌي ٻولي کي وڌ ڀائندا آهن.کاروڇاڻ جي ثقافت ۾ سمنڊ، صوفيت، ۽ سادگي جي تهذيب سان رچاءُ آهي.
ڪچي رستن، مٽيءَ جي گهرن، ۽ نمڪين هوا ۾ پڻ سنڌ جو اصلي حسن محسوس ٿئي ٿو.کاروڇاڻ ۾ جتي لهرن جي زبان عشق آهي ۽ هوائن ۾ صوفيت جو سر آهي.هر سنڌي نوجوان جو فرض آهي ته اهڙن ماڳن کي لفظن، فوٽن، ۽ خيالن ۾ محفوظ ڪري ايندڙ نسل تائين پهچائن.