هي بيان ”ڪوروَ فوج“ جي هاٿين بابت Mahābhārata 6.17.28 جي Bhīṣma Parva ۾ اچي ٿو، جتي دريوڌن جي فوج، ڀيشم پتامهه جي ڪمان هيٺ جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ آهي. ”ڪورو فوج“ پنهنجا هاٿي اڳتي وڌائي ٿي ان موقعي تي: ”ڪورو فوج“ جا هاٿي اڳڀرا ڪيا وڃن ٿا ۽ جڏهن انهن جي قدمن جا دڙها، سونڊن جا وراڪا ۽ گجگوڙون ميدان ۾ گونجن ٿيون، ته: سامهون بيٺل فوجون ”پانڊو“ ۽ ”سندن اتحادي فوجون“ ڏڪي وڃن ٿيون. Critical Edition, Bhandarkar Oriental Research Institute جي اصل سنسڪرت ماخذ Mahābhārata 6.17.28 آهي ته :
gajānāṃ garjitaṃ śrutvā
sainyāni vyathitāni ca.
مستند انگريزي ترجمو (Translation based on Critical Edition sense; cf. Ganguli & CE concordance)
Hearing the trumpeting of the elephants,
the armies were shaken and distressed.
هاٿين جي گجگوڙ ٻڌي، فوجون ڏڪي ويون ۽ خوف ۾ اچي ويون)
هتي gajānāṃ garjitam(هاٿين جي گجگوڙ) قديم هندستاني فوجي - نفسياتي دهشت جي علامت طور ڏني وئي آهي. هاٿي صرف جنگي هٿيار نه، بلڪه جنگي دهشت (psychological warfare) جو ذريعو هئا. ”مهاڀارت“ جي زماني ۾ سنڌ، گنڌارا ۽ اتر - اولهه جا علائقا خاص طور جنگي هاٿين لاءِ مشهور هئا، جنهن سبب يوناني، ايراني ۽ هندي متنن ۾ سندن خوف جو ذڪر ملي ٿو.
هي اصلي سنسڪرت متنBORI (Pune) Critical Edition سڀ کان مستند علمي نسخو آهي. قديم شارح نيلڪنٺ (Nilakaṇṭha Bhaṭṭa 17 هين صدي) جو وضاحت ڪري ٿو ته atra kauravāṇāṃ gajānāṃ garjitam يعني ”هتي ڪورو فوج جي هاٿين جي گجگوڙ جو ذڪر آهي.“ ڀشم پرب Bhīṣma Parva جي شروعاتي جنگي ترتيب موجب ڪورو جي فوج ۾ هاٿي، رٿن جو وڏو تعداد آهي، جڏهن ته پانڊو فوج ۾ تيرانداز ۽ رٿ ويڙهاڪ جي خاص طاقت آهي. ان ڪري متن چوي ٿو ته هاٿين جو آواز ايترو دهشتناڪ هيو جو سامهون واريون فوجون ڏڪي ويون. هاٿي هتي offensive weapon طور بيان ٿيا آهن. ”ڪورون“ جو لشڪر گهڻ قومي(multi-ethnic) هو. ”مهاڀارت“ . Mahābhārata Bhīṣma Parva (Book 6) جو BORI Critical Edition واضح ذڪر ٿيل علائقا ٻڌائي ٿو جتان هاٿي آيا هيا.
سِنڌُو ديش (Sindhu–Saindhava)جو خاص ذڪر آهي. سنسڪرت متن ۾ بار بار لفظ اچي ٿو، (Saindhavāḥ) ترجمو: سنڌو ديس جا ماڻهو ۽ سندن جنگي هاٿي. هتان جا هاٿي وڏا، وحشي جنگي هاٿي هوندا هئا. جيئن مهاڀارت Mahābhārata 6.19 – 6.20 ۾ اچي ٿو.
saindhavāḥ sindhu-sauvīrāḥ… قديم شارحن (نيلڪنٺ وغيره) مطابق: Sindhu-deśa haṭhī-pradhāna bala (سنڌ علائقو جنگي هاٿين لاءِ مشهور هو)
گنڌارا (Gandhāra) (Gāndhārāḥ)- (اڄ جو: پشاور – سوات – ٽيڪسلا علائقو) گنڌارا جا حڪمران به سنڌين جيان ”ڪورو اتحادي“ هئا، هتان جا هاٿي مضبوط ۽ وڏا سمجهيا ويندا هئا.
ڪامبوجا (Kamboja) (Kāmbojāḥ) – (موجوده: بدخشان، پامير، اتر افغانستان) جا به هاٿي مشهور هئا. هي علائقو جنگي گھوڙن ۽ جنگي هاٿين جي واپار لاءِ مشهور هيو. يوناني به کين horse-breeders and elephant traders چون ٿا.
انگ، ونگ، ڪلنگ (Aṅga–Vaṅga–Kaliṅga)- (خاص طور اوڀر هند جا علائقا) مهاڀارت چوي ٿو:
aṅgā vaṅgā kaliṅgāś ca gajayodhyāḥ
(انگ، ونگ ۽ ڪلنگ جا ماڻهو هاٿين سان جنگ ڪندڙ هئا)
ڪلنگ هاٿي قديم هند ۾ سڀ کان مشهور هئا.
پراگجيوتش / ڪمروپ - (Assam)قديم نالو Prāgjyotiṣa / Kāmarūpa هي علائقو gaja-bhūmi (هاٿين جي سرزمين) سڏبو هو.
مهاڀارت جو صاف بيانBhīṣma Parva چوي ٿو:
ترجمو: (ڪورن جا سڀ هاٿي مختلف ملڪن مان آيل هئا)
(CE sense rendering)
ڪورو فوج جا هاٿي هڪ ملڪ جا نه هئا. اهي سنڌ، گنڌارا، ڪامبوجا، ڪلنگ، انگ، ونگ، ڪمروپ جا شامل هئا. ان ڪري ئي ڪورو فوج وٽ هاٿي سڀ کان وڌيڪ هئا. اهوئي سبب آهي جو gajānāṃ garjitaṃ śrutvā sainyāni vyathitāni ca (هاٿين جي گجگوڙ سان ميدان ڏڪي پيو)
هتي سمجهڻ گهرجي ته، هاٿي جابلو جانور ناهن، اهي ٻيلن، ندين ۽ گرم ميداني علائقن جا جانور آهن.
اصل ماخذن، علاقائي جاگرافي، ۽ قديم فوجي نظام جي بنياد تي صاف ڏسون ٿا ته. گنڌارا ۽ ڪمبوجيا جا هاٿي مقامي نه هئا، پر اُهي واپار، خراج ۽ فوجي اتحاد وسيلي آندا ويندا هئا. قديم متن ”هاٿي جا مالڪ“ چون ٿا، اهي ”پيدا ڪندڙ علائقا“ نه هئا مهاڀارت جڏهن چوي ٿو، ترجمو:
(Gāndhārāḥ… gajayodhāḥ) ته ان جو مطلب هي ناهي ته ”هاٿي گنڌارا جي جبلن ۾ پيدا ٿيندا هئا“ پر مطلب آهي ”گنڌارا وارن وٽ هاٿي موجود هئا. يعني خريد ڪيل، تحفي ۾ مليل، يا اتحادي علائقن مان آندل. قديم دور ۾ هاٿي هڪ ”اسٽريٽجڪ واپاري جنس“ هئا، يوناني ۽ ايراني ماخذ بلڪل واضح چون ٿا: جيئن Straboچوي ٿو ته Indian elephants were exported westward. ۽ Arrianلکي ٿو ته Elephants were brought from the Indus plains. (هاٿي سنڌو واديءَ مان جبلن ڏانهن واپار ذريعي ويندا هئا) ان جي ڪري هاڻوڪي ”سنڌ ۽ پنجاب“، هاٿين جو اصل مرڪز هئا. جتي قديم دور ۾ قدرتي طور تي هاٿي رهندا هئا: سنڌو درياهه جا ٻيلا ۽ پنجاب جا ريپرين ٻيلا، سرسوتي- هاڪڙي وادي ۽ اتر راجسٿان (قديم دور ۾ سرسبز) علائقو يعني قديم سنڌ جا علائقا. يوناني کين چوندا هئا Elephant forests of the Indus. گنڌارا ۽ ڪمبوجيا ”ٽرانزٽ اسٽيٽس“ (Transit Power ) هئا. جيئن يونان ۾ هاٿي ڪونه هئا، پر سيلوسيد سلطنت، بطليموسي مصر ۽ يوناني-باخترين بادشاهتن وٽ ”هندستاني هاٿي“ هئا، ڪو به مؤرخ نٿو چوي ته مصر يا يونان ۾ هاٿي ڄمندا هئا. ”مهاڀارت“ جو اشارو پاڻ ڏئي ٿو، سندس هڪ اهم سٽ آهي ānītā gajāḥ يعني ”آندا ويل هاٿي.“ لفظ ānīta جو صاف مطلب آهي ”ٻاهران آندل.“ مهاڀارت جي فوجي فهرست ۾ گنڌارا ۽ ڪامبوجا جو نالواچڻ جو مطلب اهو آهي، ته اُهي هاٿي سنڌ ۽ اوڀر هند مان واپار يا خراج وسيلي حاصل ڪيا ويندا هئا. ان جي ڪري ”مهاڀارت“ ۾ ٻڌايل هاٿين جي گهڻائي اصل ”سنڌ“ جي هئي. (ڊاڪٽر ”اديب“ انقلابي جي ڪتاب سنڌ جي فوج تاريخ، جلد 2 تان ٽڪرو)