هي تصويرون ڪراچيءَ جي اولهندي ڪناري تي واقع قديم بلوچ ۽ سنڌي آبادي منگهوپير جي نمڙيا برفت چوڪنڊي قبرستان جون آهن، جتي پنهنجي دور جا مشهور نمڙيا برفت سردار دفن ٿيل آهن. هن تاريخي قبرستان جو دورو ناميارن محققن ۽ آثارِ قديمه جي ماهرن، محترم علي احمد بروهي، محترم بدر ابڙو، محترم ڪليم لاشاري، محترم شيخ خورشيد، محترم گل حسن ڪلمتي ۽ محترم ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو ڪري چڪا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو هن وقت به هن قبرستان بابت تاريخي تحقيق ۾ مصروف آهن.
مؤرخن موجب، هتي ملڪ صفدر ولد ملڪ هارون برفت، ملڪ دوها ولد ملڪ هارون برفت، ملڪ بولا خان ۽ ملڪ سردار خان جون قبرون پڻ موجود هيون. انهن قبرن مٿان ڇتري نما گنبذ پڻ موجود هو، جنهن جي هڪ ٿنڀي تي انهن بزرگن جا نالا به اُڪريل هئا. ان کان علاوه هتي ويهن کان وڌيڪ ٻيون تاريخي قبرون پڻ موجود هيون.
افسوس جي ڳالهه آهي ته غفلت، نااهلي ۽ بي ڌياني سبب هي عظيم تاريخي ورثو تباهيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. هڪ پاسي لينڊ مافيا جا قبضا، ٻئي پاسي وڌندڙ آباديءَ جو دٻاءُ، ۽ ٽئين پاسي نئين ناظم آباد هائوسنگ سوسائٽي جي قيام سان گڏ ماڻهن جي بيخبريءَ سبب هي قديم ورثو ختم ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي ويو آهي.
ڇتري نما گنبذ مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، ان جي ڇت ۽ گهڻا ٿنڀا غائب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هاڻي رڳو ٻه ٿنڀا باقي بچيا آهن. قديم قبرن تي ٿيل نفيس نقش نگاري ۽ خوبصورت تراشيل پٿر به ماڻهو کڻي ويا آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن تاريخي قبرستان جي حفاظت، سار سنڀال ۽ نگرانيءَ لاءِ ڪو به مؤثر بندوبست موجود ناهي.
سنڌ حڪومت جي آثارِ قديمه واري کاتي، برفت قبيلي جي معزز سياسي اڳواڻن سردار ملڪ اسد سڪندر (ايم اين اي)، ملڪ چنگيز خان، ملڪ سڪندر خان (ايم پي اي)، درگاهه منگهوپير جي گادي نشين، ڪاڇيلو قبيلي جي پڳدار شهيد خليفي حاجي خدابخش جي جانشين خليفي مير محمد، منگهوپير ٽائون جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي، منگهوپير جي سرگرم سياسي اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي ضلعي اولهه جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ يوسي وائيس چيئرمين علي اڪبر ڪاڇيلو، ۽ ٻين سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارين کي اپيل آهي ته هن عظيم تاريخي ورثي جي بچيل حصي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. منگهوپير جو رهواسي، اسان جو دوست ۽ روشن خيال سماجي شخصيت عبدالجبار آفريدي پڻ پنهنجي وس آهر هر فورم تي هن قبرستان، منگهوپير جي قدرتي حسن ۽ قديم ورثي جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي.
محترم گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو پڻ ڪيترائي ڀيرا هتي جو دورو ڪري لاڳاپيل اختيارين کي هن صورتحال کان آگاهه ڪري چڪا آهن، پر افسوس جو اڃا تائين ڪو به مؤثر قدم نه کنيو ويو آهي.
خطرو اهو آهي ته جيڪڏهن هاڻي به هن تاريخي ورثي جي حفاظت لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته هي انمول ورثو مڪمل طور ختم ٿي ويندو ۽ هتي موجود قديم آثار هميشه لاءِ مٽجي ويندا!
***