ملير ڪراچي ۾ ڪافي ڏينھن کان احتجاج مظاھرا ۽ ميڙاڪا ٿيا آھن ته نوانوي ساله ٿيل ليز زمينن کي سرڪار رد ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ سڀ کان پھريون سگھارو آواز ۽ ميڙاڪو ملير ۾ قائم ٿيل سماجي تنظيم ”سنڌ انڊيجيئس رائٽ الائنس“ جنھن ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا اڳواڻ شامل آھن، جنھن جو سيڪريٽري يوسف مستي خان جي پارٽي سان لاڳاپيل ڪارڪن حفيظ بلوچ آھي جنھن گڏاپ جي شھر ۾ انھي اھم مسئلي تي وڏو ميڙاڪو گھرايو جتي ڪراچي بار جا وڪيل عوامي ورڪرز پارٽي جو اڳواڻ اختر حسين ايڊوڪيٽ شھيد ڀٽو اڳواڻ ذوالفقار جونيئر ۽ ٻين قوم پرست پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا ۽ انھن سرڪار کان سخت مطالبو ڪيو ته نوانوي ساله ليز زمين بحال ڪئي وڃي .پر سرڪار اڄ ڏينھن تائين خاموش آھي ان سلسلي ۾ ڪابه پيش رفت نه ٿي آھي تنظيمي اڳواڻ به ھڪ ٻه مظاھرا ڪاٺوڙ ۽ ملير ۾ڪرڻ کان پوء وقتي طور تي خاموش ٿي ويا آھن .
ان سلسلي ۾ مقامي زميندارن کان ۽ سنڌ انڊيجينس الائنس جي اڳواڻن کان ڌار ڌار موقف ورتو ويو آھي جيڪو ھن ريت آھي .
نوانوي ساله زمين جي اصل ڪھاڻي ملير جي زميندار جي زباني .
ملير جي گمنام زميندار جنھن جي زمين جا ڪجھ ايڪڙ ملير ندي ڳڙڪائي وئي باقي بچيل زمين ملير ايڪسپريس جي حوالي ٿي وئي ان ٻڌايو ته اڳوڻي دور يعني انگريز دور ۾ ڪليڪٽري نظام ھوندو ھو جيڪو روينيو جي زمينن جي مالڪي ڪندو ھو ۽ ان جي قاعدي قانون موجب زمينن جي ورھاست ۽ ڪاغذ پٽ تيار ڪيا ويندا ھئا منھنجي ڏاڏي کي انگريز دور 1935ع ۾ ملير ۾ زرعي زمين جي الاٽمنٽ ڏني وئي جنھن جا ڪاغذ مون وٽ موجود آھن ۽ مون فوتي کاتو به تيار ڪرايو ھو جنھن کي موجوده روينيو کاتو ڪونه ٿو مڃي .
واضح رھي ته جڏھن ملير ندي تي پل جي تعمير ٿي تھ اھو سال 1965ع جو آھي ايوبي آمريت مارشل لا وارو دور، ان وقت اسان جي زمين جا ٻه ايڪڙ انھي پل دوران متاثر ٿيا ته اسان سرڪار کان معاوضي ۽ متبادل زمين لاءِ لکت ۾ مطالبو ڪيو، جيڪو سرڪار قبول ڪيو، پر مارشل لا جي قھري قانون جي ھئڻ ڪري اڄ ڏينھن تائين نه معاوضو مليو ۽ نه ئي متبادل زمين ملي .اھو مسئلو اڄ ڏينھن تائين حل نه ٿيو ته ٻي قھري ڪاروائي ملير ايڪسپريس وي ٺھيو ته ان دوران به منھنجي زرعي زمين جنھن جا ڪاغذ سچا ثبوت مون وٽ آھن، انھي ايڪسپريس وي ۾ منھنجا چار ايڪڙ اچي ويا، جتي منھنجا وڻ ٽڻ ۽ سبزيون آباد ھيون ان جو ڪيس به ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويو آھي، پر اڃان تائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو آھي .
سنڌ انڊيجينس الائينس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ موقف ڏيندي چيو ته اھي قديم زمينون ھتي جي مقامي ماڻھن جون ملڪيتون ھيون جيڪي انگريز دور کان به اڳ جون آھن مغل دور ۾ جتي مختلف مقامي قبيلن جا چراگاه ھوندا ھئا ڪابه سرڪاري زمين نه ھئي، نوانوي ساله ليز رد ٿيڻ جو اصل سبب ڪراچي بدامني ڪيس آھي، جيڪو 2018 ۾ سپريم ڪورٽ ۾ بلڊر مافيا پيش ڪيو ھو، جئين ڪراچي جون زرعي زمينون ڦٻايون وڃن، انھي تي سپريم ڪورٽ ليز تي پابندي وجھي انھي قديم ليز کي رد ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو، ان لاءِ مقامي زميندارن جن کي زمين مليل ھئي، انھن، ان آرڊر جي خلاف 2023ع ۾ ڪورٽ جو در کڙڪايو ھو، پر اڃان تائين مسئلو جئين جو تئين آھي.
انڊيجينس اڳواڻ سيد خداڏنو شاهھ جو موقف ڪجھھ ھن ريت آھي ته 1912ع ۾ انگريز سرڪار ڪالونائز ائڪٽ ٺاھيو، جنھن تحت جيڪو به فرد زمين يا جائيداد لاءِ درخواست ڏيندو ھو ته ان کي زمين ڏني ويندي ھئي، جيڪو قانون ورھاڱي کان پوءِ 1967ع تائين قائم رھيو، ٽيھھ ساله زمين جو مدو 2022ع ۾ پورو ٿيو، اسان جو سرڪار کان اھو مطالبو آھي ته ٽيھھ ساله زمين کي بحال ڪيو وڃي، جنھن کي سروي زمين چون ٿا باقي نوانوي ساله زمين ستون فارم مان، شھري علائقن ۾ فارم ٻئي ۾ تبديل ٿي ويندي آھي، جنھن تي بلڊر مافيا پنھنجون بلڊنگون تعمير ڪندا آھن . مشھور ليکڪ ابراھيم صالح محمد پنھنجو موقف ڏنو ته انگريز دور ۾ ملير ۽ گڏاپ جا علائقا ڪراچي ۾ شامل ڪونه ھئا، اتي زرعي زمينون ۽ باراني زمينون ھونديون ھيون، جيڪي مقامي وڏيرن جاگيردارن جون ملڪيتون ھيون، اھي خوشحال امير خاندان ھئا ڪافي سالن کان پوءِ انگريز ھتي جي قبائلي سردارن سان ملي ڪري، اھي علائقا گڏاپ کان سيوھڻ ۽ ڪيٽي بندر تائين ڪراچي ۾ شامل ڪيا، زمينن جي ورھاست پنھنجن پسنديده ماڻھن سان ڪئي، جنھن جو رڪارڊ برٽش لائبريري لنڊن ۾ آھي .
انگريز دور ۾ مقامي من پسند زميندار ۽ ڪامورن کي مليل جاگيرون:
ھي نوانوي ساله رد ٿيل زمينون اصل ۾ اھي زمينون آھن، جيڪي انگريز سرڪار پنھنجي ماڻھن کي الاٽ ڪيون، جيڪي انگريز سرڪار جا حمائتي ھئا جن کي انگريز سرڪار پنھنجي نمائندي سيٺ نائومل جي نگراني ۾ ڏنيون، جيڪي زمينون مقامي ماڻھن، جوکيا، گبول ۽ خاصخيلي قبيلي وارن جون ھيون، جن انگريزن جي غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته انگريز اھي زمينون ڪليڪٽري نظام، جيڪو 1847ع ۾ قائم ھو، ڪراچي جو ڪليڪٽر پريڊي ھو ان سيٺ نائومل جي نگراني ۾ ٻاھران آيل ميمڻ بلوچ ۽ اسماعيلي خواجه ۽ پيرن ميرن کي نوانوي ساله ليز ڪري ڏنيون، جيڪي اڄ به انھن جي حوالي آھن ۽ اھي مالڪ بڻجي ويا آھن . انھن مان ڪجھھ زمينن تي قبضو ختم ڪرايو ويو آھي، جنھن جو ھڪ مثال ميتو خواجا جي ويھھ ايڪڙن کان مٿي زمين جيڪا ان جي نالي ٿيل ھئي، ان کي مقامي زميندار ڇڇر خاصخيلي 1980ع ڌاري روينيو وڪيل جي معرفت شھباز بلڊنگ حيدرآباد جتي روينيو جي آفيس قائم ٿيل آھي، اتان انگريز دور جو رڪارڊ ڪڍرايو ته اھا زمين سندس ڏاڏي ڇٽو خاصخيلي جي نالي ھئي، پر انگريز سرڪار اھا زمين ميتو خواجا کي الاٽ ڪئي، ڏھن سالن جي مسلسل جدوجھد کان پوءِ ڪورٽ جي ذريعي اھا زمين ڇٽو خاصخيلي جي پونيئرن کي ملي، جيڪو کاتو 1917ع جو ھو، ان جو ستون فارم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ميتو خواجا کي ان زمين تان ڪورٽ جي آرڊر تحت بيدخل ٿيڻو پيو .
موجوده صورتحال ۾ جڏھن نوانوي ساله زمين رد ٿيڻ جا حڪم ناما جاري ٿيا آھن ته بقول ملير جي زميندار جي ته اِھا اھائي زمين آھي، جيڪا انگريز سرڪار جاگيرن جي نالي ۾ ڏني ھئي .
انھي رد ٿيل زمينن تي سرڪار عمل ڪري ٿي ته اھا زمين ملير جي اصلوڪن انڊيجيئس جوکين، گبول بلوچ ۽ خاصخيلي قبيلي جي پراڻن کاتيدارن کي ملي سگھي ٿي، پر ائين ٿيو ته ھي وڏو انقلابي قدم ھوندو حقيقي اصل ماڻھن کي پنھنجو حق ملي سگھندو.
سرڪار سڳوري انھي اھم تاريخي مسئلي تي غور فڪر ۽ سنجيدگي سان سوچي سمجھي عمل ڪري، پر ائين ٿيندو نظر ڪونه ٿو اچي ڇو ته ملير جا چونڊيل نمائندا به انھي حق ۾ نه آھن اھي موجوده زميندارن سان گڏ آھن، جن کي زمينون انگريز دور ۾ الاٽ ٿيون ھيون، اھي زمينون موجوده دور ۾ تقريبا سڀ وڪرو ڪري بلڊر مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن، پر ڪجھھ زمينون اڃان انھن نون کاتيدارن جي حوالي آھن، جن ۾ مشھور فارم ھائوس ٺھيل آھن، ان ۾ خاص طور تي پير محفوظ فارم گجراتي ميمڻ جو باغ ڪلثوم ابن بطوط فارم بيگم باغيچو ۽ ٻيا لاتعدا فارم ۽ باغ اڃان تائين جئين جو تئين موجود آھن، باقي زمينن تي پلازه ۽ ٽاون تعمير ٿي ويا آھن .
***