ذهني اذيت ۽ جسماني ٽارچر کان پوءِ....منهن ۾ ڌڪ هڻندي طنزيه انداز ۾ صوبيدار پڇيس:
” ها ڙي ڪتي جا.......ڏي خبر ٻني گهڻي اٿئي؟“
تشدد ايترو ته گهرو ۽ گهڻو ٿيل هئس جو ڪنن مان به رت پئي ڳڙيس ۽ صوبيدار جو آواز سمجهه ۾ ئي نه آيس. فقط ڏٺائين ۽ هڪ ڀيرو صوبيدار ڏانهن نهاري اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
صوبيدار ڪاوڙ ۾ سيني ۾ لت هڻندي ٻيهر پڇيو:
”اڙي ڪتي جا..... ٻني گهڻي اٿئي؟
سيني تي لت لڳي ته تارا ڄڻ ٻاهر آيس ۽ رڙنڪري ويس....”ابا ڙي “
صوبيدار طنزيه انداز ۾.....” ها هاڻ ٻڌاءِ، جيڪو پڇاءِ نه ته کل لاهي ڇڏيندوسانءَ، ٻني گهڻي اٿئي؟“
کنگندي، تڪليف کي شدت سان محسوس ڪندي وراڻيائين:
”هڪ جريب به نه“
”پوءِ ڙي.... سوئر ڇو پيو بڪواس ڪرين، اٿئي ته جريب به نه ڪتي جا.....“
خاموش رهيو!...ڪونه ڪڇيائين، جهڙوڪ ڀت!
ٿوري دير کان پوءِ... وري لت سيني ۾ لڳي ته کنگ سان گڏوگڏ منهن مان خون اچي ويس.... صوبيدار روبدار آواز ۾.....
” ٻڌاءِ؟“
سَند سَند سور ڪرڻ لڳس، ائين محسوس ڪيائين ته اڄ جسم کي ڪنهن ڪوري ڪپي ڇڏيو هجي.
هٻڪندي سور کي محسوس ڪندي، ڏکاري لهجي ۾ وراڻيائين:
”صوبيدار بلڪل ٻني ته ناهي، پر ضمير ته آهي نه!“
جئين ئي آواز صوبيدار جي ڪنن تي پهتو ته سندس پوري جسم کي ڄڻ باهه وڪوڙي وئي. نوجوان تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري ڇڏيائين ۽ فورن سپاهن کي رڙ ڪندي چيائين:
”هن سوئر جي اهڙي دعوت ڪيو، اهڙي جو هن مان ضمير وارو جن نڪري وڃي!“
سپاهي يڪدم ڳاڙهيون اکيون ڪندي، نوجوان متان وسي پيا!