DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
ذهني اذيت ۽ جسماني ٽارچر کان پوءِ....منهن ۾ ڌڪ هڻندي طنزيه انداز ۾ صوبيدار پڇيس:
” ها ڙي ڪتي جا.......ڏي خبر ٻني گهڻي اٿئي؟“
تشدد ايترو ته گهرو ۽ گهڻو ٿيل هئس جو ڪنن مان به رت پئي ڳڙيس ۽ صوبيدار جو آواز سمجهه ۾ ئي نه آيس. فقط ڏٺائين ۽ هڪ ڀيرو صوبيدار ڏانهن نهاري اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
صوبيدار ڪاوڙ ۾ سيني ۾ لت هڻندي ٻيهر پڇيو:
”اڙي ڪتي جا..... ٻني گهڻي اٿئي؟
سيني تي لت لڳي ته تارا ڄڻ ٻاهر  آيس ۽ رڙنڪري ويس....”ابا ڙي  “
صوبيدار طنزيه انداز ۾.....” ها هاڻ ٻڌاءِ، جيڪو پڇاءِ نه ته کل لاهي ڇڏيندوسانءَ، ٻني گهڻي اٿئي؟“
کنگندي، تڪليف کي شدت سان محسوس ڪندي وراڻيائين:
”هڪ جريب به نه“
”پوءِ ڙي.... سوئر  ڇو پيو بڪواس ڪرين، اٿئي ته جريب به نه ڪتي جا.....“
خاموش رهيو!...ڪونه ڪڇيائين، جهڙوڪ ڀت!
ٿوري دير کان پوءِ... وري لت سيني ۾ لڳي ته کنگ سان گڏوگڏ منهن مان خون اچي ويس.... صوبيدار روبدار آواز ۾.....
” ٻڌاءِ؟“
سَند سَند سور ڪرڻ لڳس، ائين محسوس ڪيائين ته اڄ جسم کي ڪنهن ڪوري ڪپي ڇڏيو هجي.
هٻڪندي سور کي محسوس ڪندي، ڏکاري لهجي ۾ وراڻيائين:
”صوبيدار بلڪل ٻني ته ناهي، پر ضمير ته آهي نه!“
جئين ئي آواز صوبيدار جي ڪنن تي پهتو ته سندس پوري جسم کي ڄڻ باهه وڪوڙي وئي. نوجوان تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري ڇڏيائين ۽ فورن سپاهن کي رڙ ڪندي چيائين:
”هن سوئر جي اهڙي دعوت ڪيو، اهڙي جو هن مان ضمير وارو جن نڪري وڃي!“

سپاهي يڪدم ڳاڙهيون اکيون ڪندي، نوجوان متان وسي پيا!