موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
دير سوير!  ڪھاڻيڪار: زاھد منگي
  صوبيدار نظير احمد ٻپهريءَ ڌاري گشت تان واپس ٿاڻي تي پهتو ته سڌو لاڪ اپ ڏي ويو،   جتي ٻه نوان ماڻهو نظر آيس. هڪ ڪرڙ وڍ همراهه هو ته ٻيو وري سترنهن ارڙنهن سالن جو ڇوڪراٽ هو.
” ڪير آهن؟“ سنتريءَ کان پڇائين.
”سر اهيو ڇورو بشني آهي، بينڪ مان سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪڍندي پڪڙيو آهي. هو ٻيو همراهه هڪڙي بزرگ جا پيسا ڦٻائي ويو آهي. ان جي فرياد تي گرفتار ڪيو اٿائونس.“
” بزرگ ناهي پڪو وياجي آ سائين، ٽيهن هزارن جي جاءِ تي ڇٽيهه هزار ڏنا اٿمانس تڏهن به هن جو قرض نه ٿو لهي.“
همراهه سنتريءَ جي ڳالهه تي هٿ ٻڌي نماڻائي مان صوبيدار ڏي نهاريندي چيو،
”بس ڪر ڙي جوءِ جا...... شريف ماڻهوءَ تي الزام ٿو هڻي.“ سنتريءَ همراهه کي تکو ڳالهاوءُ ڏنو. صوبيدار ٻنهي سان ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ اچي آفيس ۾ ويٺو.
ڳاڙهو ۽ نيرو رنگ ڌنڌلي رنگ واري ٿاڻي جي عمارت به هن ملڪ جي انصاف جي نظام جيان ئي جهوني هئي. جنهن جي مٿان وچ تي “ايمان اتحاد ، تنظيم” لکيل هو. چئن ڪمرن ۾ هڪ صوبيدار جي آفيس، ٻي وڏي منشيءَ جي آفيس هڪ مال خانو ۽ ان سان لڳ ئي لاڪ اپ هو.
ٿاڻي جو آڳر ڪچو ۽ ڪشادو هو، جنهن ۾ ٻه بيد مشڪ ۽ هڪ ٽالهيءَ جو وڻ بيٺل هئا، جن مان وقت تي جوابدارن کي ٻڌي ماڪوڙا بڇائڻ جو ڪم ورتو ويندو هو. ڪنهن مهل ڪو چهبڪ به پٽي وٺندا هئا. صوبيدار نظير جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺو ته سپاهي گهرام گلاس پاڻيءَ جو کڻي آيس. هن پاڻي پي  بس ڪئي، ته سپاهي نادر عليءَ اندر اچي ٻڌايس.
”سائين مقتول پيرل جي امڙ فاطمه آئي آهي. ڏاڍا دلاسا ڏئي موٽائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿمانس پر وڃڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، چوي ٿي هروڀرو صاحب سان ملان.“
صوبيدار ڪجهه گهڙيون سوچن ۾ گم ٿي ويو. ” پوڙهيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان، ڇا چوانس.، ڇا اڄ سچ ٻڌائي ڇڏيانس  ته تنهنجي پٽ جي قاتل کي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون.؟ پر هن صدمي ۾ مري نه وڃي اها اميد ئي کيس جيئرو رکي ويٺي آهي. هونئن به هن ملڪ جا غريب اميد جي سهاري ئي ته جيئرا آهن.“
“سائين پوءِ پوڙهيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ سپاهيءَ جي آواز سندس سوچن جي سلسلي کي ٽوڙي وڌو.
” ها، اندر سڏ ڪرينس.“
” سڏ ڪر ڪراڙيءَ کي.“
سپاهي نادر ٻاهر ويو، ڪجهه دير کانپوءِ مقتول پيرل جي امڙ ڦاپل ۽ سندس نون، ڏهن سالن جو پوٽو اندر اچي بيٺا.
هوءَ ڏڪار سٽيل ڪنهن علائقي جي لڳي رهي هئي. صفا هڏن جي مٺ ٿي وئي هئي. ڄڻ ڪيترن ڏينهن کان اَنَ جو ڪو داڻو نه کاڌو هيائين. سندس اکيون روئي روئي سڪي بنجر بڻجي ويو هيون.
” امان جيجان ويهه“ صوبيدار کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو،
” ابا منهنجي ٻچي جي خون سان انصاف ڪر، ري گناهه ماريو اٿن.“
هن جي زبان جي خشڪي سندس ڳالهائڻ مان ظاهر هئي.
” هائو جيجان، گهٻراءِ نه اسان پوري ڪوشش ڪيون پيا، قاتل جلد گرفتار ٿيندا.“
” ڀريو مهينو ٿيو آ، اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو اٿئو. مون رن زال جو هڪڙو ئي پٽ هو. دنيا ۾ اڪيلو سهارو هيم. هيءُ ننڍا ٻچا مان ڪيئن پاليان.؟ هن گڏ ويٺل پوٽي جي مٿي تي هٿ رکي وري ڳالهه شروع ڪئي. “ منهنجي نهن ته ان ڏينهن کان هوش ۾ ئي ناهي. منهنجو ته ويڙهو ئي اجڙي ويو.
ڦاپل سڏڪندي پنهنجي درد ڪهاڻي بيان ڪري وئي. ڪيڏو سوز هو ان ڪهاڻيءَ ۾!! درد جي آخري حد هئي. پوڙهيءَ جي اکين مان ڳوڙهن بجاءِ الا وسي رهيا هئا، جن ۾ صوبيدار پاڻ کي سڙندي محسوس ڪري رهيو هو. هيڪر دل ۾ خيال آيس ته ٽيبل تي پيل رول کڻي پوڙهيءَ کي هٿ ۾ ڏئي چوي ته،
” هي وٺ ايتري تائين وهائيندي رهه جيتري تائين تنهنجي هٿن ۾ ست آهي.” پر هو اهڙا ڳوڙها ڏسي پٿر بڻجي ويو هو. اهڙيون آهون، دانهون ۽ بي وسيون هن لاءِ ڄڻ ڪا معني نه رکنديون هيون.  صوبيدار سوچڻ لڳو ڪيئن هن پوڙهيءَ کي ٻڌايان ته تنهنجي پٽ جي بااثر قاتل کي مان ۽ منهنجو منڊو قانون ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. تنهنجي پٽ اهڙي ظالم جي ظلم جي ڪچي ڪري وڌي هئي. جنهن اڳيان اسان بي وس آهيون. اسان جا هٿ ٻڌل آهن ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. سواءِ توکي انهن ڪوڙن ڏٽن ۽ دلاسن ڏيڻ جي اسان جي وس ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي.“
” ابا وس وارو آهين. الله عزت ڪئي اٿئي. مون مسڪين سان انصاف ڪر.“
پوڙهيءَ اهڙي طرح عازي ڪئي ڄڻ هو ڪو صوبيدار نه بلڪه جج هجي.
”وس وارو“ چئي هن کيس منهن ۾ ڄڻ ڀونڊو ڏئي ڪڍيو. هو هٿ پير ٻڌل اهڙو گڏو هو جيڪو مٿين جي اجازت کان سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو به نه پيو ڪري سگهي. اوچتو ڪراڙيءَ سان گڏ ويٺل پوٽي سامهون ڀت تي گهمندڙ ماڪوڙي کي ٿڦ هڻي ڪڍي. ماڪوڙو هيٺ ڪريو ته لت ڏئي چيڀاٽي ڇڏيائينس. ڇوڪري جي هن عمل صوبيدار جي اڳيان حيرت جا واهڙ وهائي ڇڏيا. هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي. ڇوڪري وٽ آيو مٿي تي هٿ رکي پڇائينس،
”پٽ ويچاري ماڪوڙي کي ڇو ماريئي.!؟“
“ ڪلهه مان وڻ هيٺان کيڏان پو ته مون کي چڪ پائي ويو هو.” ڇوڪري وڏي ڪاوڙ ۾ وراڻيو.
” پٽ اهو ته ڪو ٻيو ماڪوڙو هوندو هي ته نه هو.!!؟
” آهي ته ماڪوڙو نه..!!“
ڇوڪري وڏي ڪروڌ مان چيو، هن جي بدلي وٺڻ واري عمل صوبيدار کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو، هن ڇوڪري جي اکين ۾ نهاريو جيڪي وڄ جيان ٻري رهيون هيون.
صوبيدار پوڙهيءَ سان مخاطب ٿيندي چيو، ”دلجاءِ ڪر جيجان دير سوير تنهنجي پٽ جي قاتل سان حساب ضرور ٿيندو.“

***