اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ٻاهران ماڻهن جو هجوم لڳو پيو هو.
هر پاسي هر ڪنهن جي چهري تي اُداسي ۽ پريشاني هئي تہ وري ڪنھن جي چھري تي پنهنجي ويجهي عزيز جي فوتگيءَ جي اداسي ۽ مايوسي صاف نظر اچي رهي هئي، پر اهو بہ تہ ڪنهن جي هٿ ۾ دوائن جي پرچي هئي تہ، وري ڪنهن جي هٿ ۾ موبائل، تہ وري ڪنهن جي اکين ۾ صرف تماشي ڏسڻ جي چمڪ ڊوڙي رهي هئي.
هڪ غريب ڇوڪرو پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ کي اسٽريڪچر تي کڻي در پدر ڊوڙي رهيو هو.
"ڀائو... ادا ڊاڪٽر کي چئو نہ ... تہ منهنجي امڙ کي ڏسي ..... امڙ جو جسم ٿڌو ٿي رهيو آهي ۽ هوءَ ساھ کڻڻ ڇڏيندي پئي وڃي اسان ڏاڍو پري کان آيا آهيون شهر کان بہ پري جبل جي پاسي کان اها اميد کڻي تہ هتي امڙ جو علاج ٿي ويندو ۽ اها جلد صحت مند ٿي ويندي پر ...“
پر هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ ائين رڌل لڳو پيو هو ڄڻ کين ڪا وڏي خوشخبري ملڻ واري هجي.
هڪ نوجوان موبائل ڪئميرا آن ڪندي وڊيو ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
"يار، هي سرڪاري اسپتالن جو حال ڏسو... هڪ غريب پوڙهي بيماري جي حالت ۾ مري رهي آهي پر ڊاڪٽر کيس ڏسڻ لاءِ ئي تيار ناهن. هي ڏسو غريب ويچارو پريشان ۽ مايوس ڊاڪٽرن جي درن جا چڪر هڻي رهيو آهي پر کيس ڪوبہ داد رسائي ڪرڻ وارو ڪونهي. مان چاهيان ٿو تہ وس وارا هن مظلوم مائي جي علاج لاءِ وس وارن تي زور ڀرڻ جيئن هن ٻڌڙي جو مسئلو حل ٿي سگهي.جنهن کي ڪوبہ چڪاسڻ وارو. ڊاڪٽر موبائيل فونن ۾ گم تہ ڪي وري چانھ پيئڻ ۾ مشغول لڳا پيا هئا. جيڪي پنهنجن ڪرسين تان اٿڻ لاءِ تيار،ئي نہ ٿي لڳا. پاسي ۾ بيٺل ٻئي نوجوان موبائيل جي ڪئميرا آن ڪئي. "سرڪاري اسپتالن کي ملندڙ ڪروڙن روپين جي بجيٽ آخر ڪيڏانهن گم ٿي ٿي وڃي،يا اها بجيٽ ويٺل ڪامورن جي کيسن ۽ ڀڀ کي وڃي رهي يا ڇا اها بجيٽ بہ امير ماڻهن لاءِ رکي وئي آهي ..... پر هتي تہ ڪو ڪنهن جو حال پڇڻ وارو ئي نظر ڪونہ ٿو اچي." ڀائو تون پريشان نہ ٿي مان هي وڊيو اپلوڊ ڪندس... ۽ توکي انصاف ڏياريندس."
ٻئي پاسي هڪ سياستدان جو قافلو ڊوڙندي اسپتال ۾ داخل ٿيو.
اوچتو گارڊ رڙ ڪئي، رستو خالي ڪيو رستو خالي ڪيو. ڪمپائونڊر، نرسون، ڊاڪٽر سڀ ڊوڙي پيا.
"رستو خالي ڪيو ويو ... رستو خالي بہ ٿي ويو ..... ايم پي اي صاحب جي ڀاڻيجي کي تيز بخار،ٿي پيو آهي!".
اها ئي آخري ڪرسي هئي، جيڪا ڪلاڪن کان خالي نہ ٿي رهي هئي، تڪڙو کڻي اي سي روم ۾ رکي وئي.
غريب ڇوڪر وري التجا ڪندو رهيو:
"منهنجي امڙ کي ويهارڻ لاءِ ڪرسي تہ ڏيو ظالمو، امان کي هيئن هيٺ رکيو ويو آهي ڇو ؟"
وارڊ بواءِ کيس جَهڙڪِيو:
"ڏسين نٿو وائڙا؟ وڏا ماڻهو آيا آهن!"
پوڙهي ماءُ زمين تي ئي ليٽي پئي جسم سُن ٿيڻ لڳو.
ساھ ۾ تيزي اچي وئيس.
اکيون اڌ بند ٿيڻ لڳس.
ڇوڪر وري رڙ ڪئي:
"ڪو پاڻي ڍُڪ تہ ڏيو! امڙ منهنجي بيهوش پئي ٿئي..... ڪو پاڻي ڍُڪ ڏيو ....... رب کي مڃيو ڪو پاڻي چڪو ئي کڻي ڏيو."
پر هر ماڻهو موبائيلن سان کيڏندي ڄڻ بيهوش لڳو پيو هو. ڪو گيم کيڏڻ ۾ گم لڳو پيو هو تہ وري ڪو گانن ٻڌڻ ۾ مشغول لڳو پيو هو ۽ ڪو وري يا وڊيو ٺاهڻ ۾ رڌل هو.
ٿوري دير ٿيندي ئي پوڙهي عورت جو مٿو هڪ پاسي لڙڪي پيو.
ڇوڪر جي هٿن مان سندس ماءُ جو هٿ ٿڌو ٿي زمين پاسي لڪي ڪري پيو.
ڇوڪر دانهون شروع ڪيون "امڙ او امڙ اکيون کول ڏس مون کي. ڊاڪٽر مٿان بيٺو آهي توکي چڪاسڻ لاءِ. امڙ امڙ امڙ". هجوم مان ڪنهن آهستي چيو:
"شايد گذاري وئي..."
۽ پوءِ ساڳيا ماڻهو، جيڪي مدد لاءِ ۔ ۔ ۔ ۔ اڳتي نہ آيا هئا، هاڻي سي سڀ ويجهو ٿي تصويرون ڪڍڻ لڳا.
ڇوڪر اُٿي پنهنجي ماءُ جي چهري تي چادر وڌي ۽ پاڻيءَ ڀريل اکين سان ماڻهن ڏانهن اَچرج ۽ حيراني سان هڪ نظر ڏٺو ۽ انهن ساڳين چهرن کي تڪيندو روئندو رهيو ۽ ڳوڙهن جي برسات ۾ قميض کي آلو ڪري چوڻ لڳو.
"اڄ رڳو منهنجي امڙ نہ مئي آهي ... ۽ نہ ئي ڪنهن جو هي آخري جنازو آهي .....
اڄ انسانيت جي آخري ڪرسي بہ خالي ٿي وئي آهي...“.