DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
شهر جي هڪ عاليشان بنگلي جي ٻاهران بيٺل سارنگ جي هٿ ۾ اڄ به پنهنجي دل جيان هڪ اڇو گل هو، پر اڄ اهو گل هن جي آخري اميد وانگر مرجهائجي رهيو هو. بنگلي جي اندران ايندڙ ٽهڪن ۽ قيمتي خوشبوئن جي هڳاءُ ٻڌائي رهي هئي ته اڄ اتي ڪا وڏي تقريب آهي.
سارنگ، هڪ سادي ۽ غريب گهراڻي جو ڇوڪرو هو، جنهن وٽ نه ته وڏيون گاڏيون هيون ۽ نه ئي ڪو بلند رتبو. هن زويا سان اها محبت ڪئي هئي، جنهن ۾ دنيا جي ڪا به ميلاوٽ نه هئي. پر جڏهن هن زويا جو هٿ گهريو هو، ته زويا جي پيءُ کيس تڇ نظرن سان ڏسندي چيو هو:
"سارنگ! محبت پيٽ ناهي ڀريندي. اسان جو هڪ معيار آهي، هڪ اسٽينڊرڊ آهي. تنهنجي مٽيءَ جي خوشبو اسان جي قيمتي عطرن جو مقابلو ڪيئن ڪندي؟"
سارنگ تڏهن نهاريو هو ۽ نهايت عاجزيءَ سان وراڻيو هئائين:
"سائين، توهان جنهن کي اسٽينڊرڊ چئو ٿا، اها ته رڳو ڪاغذي چمڪ آهي. جنهن ڏينهن اها چمڪ گهٽجي وئي، ان ڏينهن توهان کي احساس ٿيندو ته توهان انسان نه پر رڳو نوٽ گڏ ڪيا هئا."
پر اڄ زويا جي شادي هئي—هڪ اهڙي شخص سان، جنهن جو ”اسٽينڊرڊ“ هن جي خاندان جي رتبي برابر هو. سارنگ اڄ انهن لفظن کي پنهنجي روح ۾ گونجندي محسوس ڪري رهيو هو. هن ڏٺو ته زويا جو گهوٽ هڪ چمڪندڙ گاڏيءَ مان لٿو. ويجهو بيٺل مهمانن مان آواز آيو:
"واهه! ڇا ته جوڙي آهي، مڙئي اسٽينڊرڊ جو ميل آهي!"
ٻئي وراڻيو: "ها، پئسو پئسي کي ڇڪي ٿو. ٻيو ته هن دنيا ۾ سڀ فريب آهي."
ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ان اسٽينڊرڊ جي پويان هڪ سچي محبت جو جنازو نڪري رهيو هو. سارنگ پنهنجي ميري قميص جي کيسي ۾ هٿ وڌو، جتي زويا جو آخري خط موجود هو، جنهن ۾ لکيل هو:
”سارنگ، مان مجبور آهيان. منهنجي پيءُ جي عزت سندس اسٽينڊرڊ ۾ آهي، منهنجي محبت ۾ ناهي.“
سارنگ مرجهائجي ويل گل کي ڏسي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو:
"اي گل! تون به اڄ ائين ئي بي قيمت ٿي وئين، جيئن منهنجي وفاداري. هنن روشنين جي چمڪ ۾ منهنجي روح جي اونداهيءَ کي ڪير ڏسندو؟"
هن آخري ڀيرو بنگلي جي رنگين روشنين کي ڏٺو ۽ پنهنجيون وکون ان اونداهي گليءَ ڏانهن موڙيون، جتي هن جي غربت کيس پڪاري رهي هئي. هن کي اڄ پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو هو ته هن دور ۾ ”دل جي برابري“ جي ڪا قيمت ناهي، اصل قيمت ته صرف ”بئنڪ بيلنس“ جي آهي. هن جو سچو پيار اڄ هڪ اهڙي بازار ۾ هاري ويو هو، جتي انسانن جي قدرن بدران ڪاغذ جا نوٽ ڳالهائيندا هئا.