اونداھيءَ اڌرات جو ھو گھران نڪري پيو، ڪاڏي وڃڻو ھئس الاءِ ڪاڏي پئي ويو، کيس ڏاڍو خوف ٿي رھيو ھو، ھلندي واٽ ھن کي عجيب مخلوق نظر آئي ٻن ڄنگھن کي ھلڻ واري، ٻہ ڪن ٻہ ٻانھون ، ٻہ اکيون ، ڳالھائڻ واري زبان، انسان جي شڪل شبيھہ ۽ بناوت واري مخلوق، کيس لڳو تہ آدم جي پٽ قابيل جي اولاد ھئي، جيڪا حقيقي انسانن کي ڏاڙھي رھي ھئي ، انسانيت جي وجود تان ماس روڙي رڙڪي رھي ھئي ، خوف جي شدت ھن جي وجود کي ھڪ پل ۾ وڻ ويڙھيء جيان وڪوڙي وئي ، ھڪ اداس نظر کڻي آسمان ڏانھن ڏٺائين ، کيس ڪائنات پنھنجي ماٽيجي ماءُ لڳي رھي ھئي، ٽمڪندڙ ستارا ويڳا ڀائر پئي لڳس جن سان ويڳائپ جو رشتو آدجڳاد کان ھئس، ھن پوئين پيرين مڙي ڊوڙڻ ٿي چاھيو ٻہ چار وکون کنيائين تہ ان مخلوق منجھان ڪنھن زناور مٿس حملو ڪري کيس ڏاڙھي وڌو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي زناور ھن کي پنھنجو بک بڻائڻ لاء ھن ڏانھن وڌڻ لڳا، ھن کي محسوس ٿيو تہ اھڙي خوفناڪ ۽ خونخوار ماحول ۾ ھو ئي اڪيلو انسان ھو سندس وجود زخمي ٿي پيو، پر نظر ڦيرائي ڏٺائين تہ ھر پاسي ٻيا بہ ڪيترائي انسان انھي مخلوق جو شڪار بڻجي پنھنجون جانيون وڃائي ويٺا ھئا، ڪي وري پنھنجي جان بچائڻ لاء ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙي رھيا ھئا ۽ ان آدمخور مخلوق منجھان ڪٿي ڪي زناور انسانن جي وجودن کي پٽي کائي رھيا ھئا، ھر پاسي انسانن جي رت ۽ ماس جي دم گھٽيندڙ بدبوء ھئي. ھو زخمي ٿي پيو ھو پر اتان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو
ڊاڪٽرن ۽ طبيبن جي چوغن ۾ لڪيل ڪاسائي انسانن جو ھڏ ۽ ماس ڪٽي ۽ ڪوري رھيا ھئا، ميڊيڪل اسٽورن تي پيھہ لڳي پئي ھئي پر اتي بہ دوائن بدران زھر وڪامجي رھيو ھو ، خريد ڪرڻ وارا ان ڳالھہ کان شايد بي خبر ھئا ، حڪيم ۽ ويڄ مريضن جي ڦٽن تي پھا رکڻ بجاء لوڻ ٻرڪي رھيا ھئا.اھو تماشو تيزيء وڌي رھيو ھو.
ھن ڊوڙي سھڪي گھر جي چارديواريء ۾ پھچي پناھہ ورتائين. سوچيائين : خدا ھيء ڪھڙي آدمخور مخلوق خلقي آھي جو شڪل تہ انسانن جھڙي پر وحشت جانورن کان بہ بدتر آھي، خدا انسانن سان دوکو ڪيو آھي ، يا ھي واقعي انسان آھن جيڪي اھڙا خونخوار جانور ٿي ويا آھن.!؟ . ڪجھہ بہ ھجي پر ھن مخلوق جي خلقت انسان ذات سان ويساھہ گھاتي آھي ، دوکو آھي ، فريب آھي ، خدا ھن روء زمين تي ھيء آدمخور مخلوق پيدا ڪئي يا ابن آدم کي ئي آدمخور بڻائي ڇڏيو اٿس....!؟
اھو خوف ۽ ھيراس ھن جي وجود ۾ تحليل ٿي ويو.
خدايا................!
ھن پنھنجي ٻنھي ڪنن تي ھٿ ڏئي ڪن بند ڪري آسمان جي ڪنگروئن کي ڌوڏيندڙ رڙ ڪئي ، پر ان رڙ جو آواز بند ڪمري جي چارديواريء سان پنھنجو مٿو ٽڪرائي خاموشيء ۾ تحليل ٿي ويو...............!
ڪجھہ دير کان پوء سامت ۾ آيو ، آئيني جي سامھون اچي بيٺو ، کيس پنھنجي رانڀوٽا لڳل چھري جو عڪس نظر آيو جنھن مان رت ٽمي رھيو ھو.
ھو وري گھر کان ٻاھر نڪتو، ٻاھر انسانن جي پٽيل ماس ۽ رت جي بدبوء سان گڏ ٻن ڄنگھن تي ھلندڙ زناور جي ساھن مان خارج ٿيندڙ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گيس جي بدبوء ڦھليل ھئي جيڪا صاف شفاف ھوا ۾ تحليل ٿي انسانن جو ساھہ ٻوساٽي رھي ھئي، ڪجھہ وکون کڻي اڳتي ھليو ، سندس دل جي ڌرتي خوف جي گھوڙي جي سنبن سان پٽجي ۽ اکڙجي رھي ھئي ، زناور تيزيء سان، ھا.........! تيزيء سان انسانن کي پنھنجي شڪار جي جڪڙ پڪڙ ۾ آڻي رھيو ھو، حد نگاھہ تائين شڪار ٿيندڙ انسان ۽ شڪار ڪندڙ زناور نظر پئي آيا. ھن جي ذھن ۾ ھڪڙو سوال پيئڻ بلا جيان ڪر کڻي بيٺو.ڇھاسي ارب نيوران مان ٺھيل ھن جي دماغ ۾ حقيقت کان وجوديت ۽ وجوديت کان فنائيت تائين وچ واري سموري عرصي بابت سوال گردش ڪرڻ لڳس،
ھي. سڀ ڪير آھن؟ انھن ۾ ماڻھو ڪير آھن ؟ ۽ انسان ڪير آھن؟
ھو اتي ئي بيٺو ھو تہ مٿس ھڪ زوردار حملو ٿيو ، ھو لڏي ويو ھن جي وجود ۾ ساھہ جي ڏوريء جي آخري تند وڃي بچي ھئي، حملو ڪندڙ زناور کان ھن سوال ڪيو ، بس ايترو ٻڌاء تون ڪير آھين ، ھي سڀ ڪير آھن ۽ مان ڪير آھيان.!؟ ھڪڙا بي وس لاچار مجبور محڪوم ٻيا ظالم جابر ، غاصب .!؟
بني بشر جي صورت ۾ حملو ڪندڙ زناور ھن جي نڙيء کي مھٽ ڏيندي وراڻيس : تون، مان ۽ ھي ٻيا ، اسين سڀ اشرف المخلوقات آھيون.