درٻار جي خاص ٽپالي، درٻار ۾ حاضر ٿي جهڪي لکنوي انداز ۾ فرشي سلام ڪري، ٽپال مير درٻار سرائي حوالي ڪئي ته سرائي ٽپاليءَ کي ھٿ اشاري سان وڃڻ جو چئي، ٽپال کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو. سمجهه ۾ نه آيس، ته سرائي ٽپال اڳئين ڏي وڌائي ۽ اڳئين وري ڏسڻ بنا وات ۽ اکين کي نه سمجهڻ وارو اشارو ڪري، اڳئين درٻاريءَ ڏي وڌائي. ائين ٽپال کي پير لڳي ويا. ھڪ کان ٻئي ڏي وڌندي وڌندي، آخر سڀ کان وڌيڪ پڙھيل درٻاريءَ وٽ پھتي، جيڪو عربي، فارسيءَ سان گڏوگڏ انگريزيءَ جو به اوتروئي ڄاڻو ھو. جنھن رڙ ڪري درٻارين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو:
“تعظيم ٿيوي والي رياست سائين دا ٽيليگرام ھي. ولائتي پجن صاحب لاھور تون والي رياست سائين دا مھمان ٿيوڻ پيا آندا ھي. استقبال ديان تياريان ٿيون.“
شھر سڃي ۾ منادي ٿي وئي. اوسي پاسي جي منھن دارن ڏي نياپا ٿي ويا. اٺ گهوڙا ۽ ھاٿيون سينگارجڻ شروع ٿي ويون. ھڪ ھڪ پلٽُن تيارين ۾ لڳي وئي.
منھن دارن رستي رستي چونڪ چونڪ تي استقبالي محرابون ۽ دروازا لڳرايا ته جيئن مھمان پجن صاحب جي عزت افضائيءَ سان گڏ ھن تي والي رياست جي شان ۽ دٻ دٻي جو اثر پوي، ته والي رياست ڪيترو نه هر دل عزيز آ، پنھنجي رعيت ۾...!
ھي سڀ انتظام ٿي رھيا ھا، والي رياست جي غير موجودگيءَ ۾، گڏ ولائتي صاحب لاءِ علحده محل سينگارجي تيار ٿي رھيو ھو ته جيسيتائين ميرِ رياست اچي، تيسيتائين ولائتي صاحب جي آرام ۾ ڪا ڪسر نه رھجي وڃي، ان لاءِ ھي سڀ کيٽ کڙي رھيو ھو.
اسان جو خطو خاص وطن عزيز، ھرنعمت سان مالامال سنڌ دنيا جو آخري خطو آھي، جنھن ۾ رڳو عاشق حڪمران پيدا ٿيندا آھن.
جھڙي طرح ٿري بادشاھه عمر سومرو، حڪمران گهراڻي روپا ماڙيءَ جي شھزادي مومل، ٺٽي ننگر جو بادشاھه ڄام تماچي ۽ اھڙي طرح رياست جو والي ڀي .جنھن جي غير موجودگيءَ ۾ سندس مھمان جي آمد سبب ھي انتظام ٿي رھيا ھا. جو والي رياست پنھنجا سردار ۽ خاص درٻاري ساڻ ڪري پنھنجي محبوبا وٽ لنگهي ويو ھو ميڙ وٺي، ريل ڀري ريجهائڻ لاھور ۽ مھينا ڪيمپون لڳائي ويٺا ھا انتظام ۾. جڏھين وڃي شرف باريابي ۽ محبت جو اقرار ٿئي. ان لاءِ ڪيئي ڀيرا سنڌي ميان مير ۽ داتا درٻار جي صاحب گدي نشينن وٽ اُميد برآوار ٿيڻ لاءِ دعائن ۽ دوائن واسطي مُٺيون به گرم ڪندا ھا. ائين ھر ڪنھن جون مُٺيون گرم ڪندي ڪندي خزانو مٺ ۾ واري داڻن وانگر ڪڻو ڪڻو ٿي کِسڪي ويو ته حڪم جي بجاءِ آوري ڪندي، باقي پرڳڻن کي حڪم به ته تاڪيد به ڪيو ھو، حصي جو محصول جمع ڪرڻ جو. خاص ويجهي خوشحال پرڳڻي لاڙڪاڻي کي.
ھڪ بي وسي ۽ ھيجاني ڪيفيت جو عالم ھو واليءَ تي. ھڪ ته ڌاريو ديس مٿان عشق جا اُلا، ھجي ھا پنھنجو ديس ته انڪار جو مطلب موت يا ڪوٽ تي چاڙھيو وڃي ھا انڪاريءَ
خوشيءَ ۾ ٻين قيدين کي مڪت ڪري ان جهور پوڙھي کي ڏاڏي سائينءَ جي ٻلي کي لڪڻ ھڻڻ جي آيل سزا ۾ اھو چئي قلعي تي رھڻ ڏنو ھو ته:
“اي ڏاڏي سائين دي نشاني ھي، اٿا سھڻا لڳندا پي.!”
پر ھي ته ديارِ غير، انهن جا قاعدا قانون پنھنجا. مٿان وري عشق ۽ محبوبن جا ماڻا ته راھون رولي ڇڏيندا آھن. ائين راھن ۾ رلي مھينن جا مھينا ديارِ غير ۾ بي يارو مددگار رياست جا وھنوار ٻين حوالي ڪري گلم جي توبچين جي فوج ساڻ ڪري، انتظار پيا ڪن، عشق جي اقرار ۽ گڏ ھلڻ جو. نه ته ساڳي نسل جا ساڳيا ماڻهو والي رياست جي علائقي ۾ رھڻ دوران گڏ ٿي شام جو سرائيءَ جون مُٺيون گرم ڪري والي رياست جي خانگي ھيڪلائي واري اوطاق ۾ سلام ڪرڻ آيا ھا.
والي رياست اوطاق جي ٿلهي تي تيلي ٻوڙ گهاٽو ڪونڊو چاڙھيون، سوچن ۾ ٻڏو ويٺو ھو ته جٿو در لنگهي جهڪي فرشي سلام ڪندي اڳتي وڌيو ته والي رياست جا نشا ئي ھرڻ ٿي ويا. ھڪل ڪري سرائيءَ کان پڇيائين:
“انهان غريبان تي ڪنھن ظلم ڪيتائي جو منھن مٿا پئي پٽِندي هن...!؟”
سرائي ھٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو:
“قبلا سائين! انهان تي ڪنھن به ظلم نھين ڪيتا. اي تُسان ڪُون فرشي سلام پيش پي ڪريندين.”
واليءَ کان رڙ نڪري وئي ھئي ،چوڻ لڳو:
”واهه دي عجيب ڀيڻ دي چ.... ھي ڪڍو ڀيڻ دي ته ......نون، ھان ڦاڙگهتيا ھنين ڪٿان...!”
اڄ انهن ماڻهن جي ماڻن ڪري اسٽيشن ڀر خيما کوڙيون پي انتظار ڪيو ۽ ھيڏي وري مھمان جي اچڻ جو انتظار پي ٿيو. آخر اھو ڏينھن به اچي پھتو، انتظار ختم ٿيڻ جو.
ريل جو پليٽ فارم رنگ ڀرنگي ڳاڙھين ساوين ۽ڦ جهنڊين سان ٻھڪي رھيو ھو. پليٽ فارم تي صف بندي ڪئي وئي ھئي. پھرين صف ۾ درٻار جا سرائي ۽ تر جا سردار وڏا پڳڙ ٻڌيون، تولا تولا آفيم جا ھضم ڪيون منجهند کان مياڻن ۾ تلوارون لڙڪايون بيٺا ھا. ٻي صف ۾ نچڻيون دھل شرناين تي جهمريون ھڻي رھيو ھيون ۽ سھرا، لاڏا ۽ ڳيچ ڳائي رھيون ھيون ميزبان ۽ ايندڙ مھمان جا. آخر صف ۾ سپاھي، محافظن ۽ جوابدار ھا.
باقي ھو لٺ راڄ، جيڪو ميرِ رياست ۽ مھمان لاءِ زندھه باد جا نعرا ھڻي رھيو ھو. ريل گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي ته ڄاڃين ۾ ولولو اچي ويو. دھل جي ٿاڦ تي نچڻ ۽ سھرن سان گڏ عوام ۾ نعرن جا ھوڪرا پئجي رھيا ھا.
مرحبائي نعرن ۽ ڌڙڪندڙ دلين سان ولائتي پجن صاحب جي ھيٺ لھڻ جو بي صبريءَ سان ھو انتظار.
نيٺ ايس.ٽي ظاھر ٿيو. ايس.ٽي اسٽيشن ماسٽر کان ۽ اسٽيشن ماسٽر ميرِ رياست جي منھن دار سرائيءَ کان ڪاغذن تي آڳوٺا ھڻائي ڪبوترن سان ڀريل پڃرو حوالي ڪري، اپس.ٽي سيٽي ھڻي انجڻ جي ڊرائيور کي سائي جهنڊي ڏيکاري ته گاڏي ڪو ڪون ڪندي ڏکڻ طرف ڪراچي پاسي رڙھندي اکين کان اوجهل ٿي وئي.