DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
هر طرف باهه جا اولا هئا،  اچانڪ وڏن وڏن پهاڙن مان جانورن جا هينگاٽ ۽ هر طرف کان رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿي آيون، جلد ئي پنهنجي غريباڻي مَنهَن مان مُنهن  ڪڍي نهاريم ته جبل کان تڪڙو هرڻ ڇلانگ هئين ۽ پٽ تي اچي ڦهڪو ڏيئي ڪريو. يڪدم تڪڙيون وکون کڻي هرڻ جي مٿان بيٺس. هرڻ جنهن جا پٺيان پير سڙي پيا هئا ۽ سهڪي رهيو هو. مون هرڻ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو:
”مٿي ڇا ٿيو آهي؟“
هرڻ بيحد درد ڀري انداز ۾ اکين مان نير وهائيندي چيو:
”اهو ئي جيڪو هيٺ ٿيندو آهي“
يڪدم وراڻيم:
”مطلب“
”سنڌ ۾ پيو رهين نه؟“ اکين ۾ چمڪ ۽ ڪروڌ نظر آيو.
چيم:
”ها“
”ته پوء حيراني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟!“
”مطلب“
”مطلب باهه جهڙي مٿي تهڙي هيٺ“
ڀرون ۾ گهج پئجي ويا. چيم: ”سمجهه ۾ نه آيو ادا هرڻ“
ڏک وچان وراڻيائين:
”ادا انسان هيٺ باهه لڳي جنهن ٻيلي ۾، ته سياڻو سمجهي ويندو ته ڪنهن ڀوئتار، پير کي زمين کپي ۽ جيڪڏهن مٿي جبل کي باهه لڳي ته سمجهي وڃنجي ته ڀوئتار جي به ڀوئتار..... ۽ پير جي به پير کي زمين کپي!“
هرڻ جي ڳالهه ٻڌي جهڙوڪ رڙ نڪري وئي. چيم:
” ادا هرڻ هاڻ جبل ڀي“
هرڻ اوڇنگار ڏيئي چيو:
”ها هاڻ جبل ڀي ۽ جبلن واري زمين ڀي“

ٿڌو ساهه ڀريندي هرڻ روئي ڏنو!!