هر طرف باهه جا اولا هئا، اچانڪ وڏن وڏن پهاڙن مان جانورن جا هينگاٽ ۽ هر طرف کان رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿي آيون، جلد ئي پنهنجي غريباڻي مَنهَن مان مُنهن ڪڍي نهاريم ته جبل کان تڪڙو هرڻ ڇلانگ هئين ۽ پٽ تي اچي ڦهڪو ڏيئي ڪريو. يڪدم تڪڙيون وکون کڻي هرڻ جي مٿان بيٺس. هرڻ جنهن جا پٺيان پير سڙي پيا هئا ۽ سهڪي رهيو هو. مون هرڻ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو:
”مٿي ڇا ٿيو آهي؟“
هرڻ بيحد درد ڀري انداز ۾ اکين مان نير وهائيندي چيو:
”اهو ئي جيڪو هيٺ ٿيندو آهي“
يڪدم وراڻيم:
”مطلب“
”سنڌ ۾ پيو رهين نه؟“ اکين ۾ چمڪ ۽ ڪروڌ نظر آيو.
چيم:
”ها“
”ته پوء حيراني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟!“
”مطلب“
”مطلب باهه جهڙي مٿي تهڙي هيٺ“
ڀرون ۾ گهج پئجي ويا. چيم: ”سمجهه ۾ نه آيو ادا هرڻ“
ڏک وچان وراڻيائين:
”ادا انسان هيٺ باهه لڳي جنهن ٻيلي ۾، ته سياڻو سمجهي ويندو ته ڪنهن ڀوئتار، پير کي زمين کپي ۽ جيڪڏهن مٿي جبل کي باهه لڳي ته سمجهي وڃنجي ته ڀوئتار جي به ڀوئتار..... ۽ پير جي به پير کي زمين کپي!“
هرڻ جي ڳالهه ٻڌي جهڙوڪ رڙ نڪري وئي. چيم:
” ادا هرڻ هاڻ جبل ڀي“
هرڻ اوڇنگار ڏيئي چيو:
”ها هاڻ جبل ڀي ۽ جبلن واري زمين ڀي“
ٿڌو ساهه ڀريندي هرڻ روئي ڏنو!!