DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
سانجهي ٿيڻ کان ٿورو اڳ ڳوٺ جي ڀر ۾ نم جي وڏي وڻ ھيٺان ڪچھري متل ھئي. ٿوري دير اڳ مال جو ڌڻ گذرڻ سان ا ڏامندڙ گؤڌول جي ڪري هوا ۾ ڳوٺ جي مٽيءَ جي بوءِ پکڙيل هئي ۽ ڳالھين مٿان حالتن جو تھ چڙھيل ھو.
ڪچھري ھلندي ڳوٺ جي اسڪول جي ماستر، مسڪين علي، نرم آواز ۾ ٻڌايو تہ اڄ عدالت جو جج صاحب اسڪولن جي دوري تي آيو ھو.
اھو ٻُڌي وتايي وارو يار ستايو فقير ٽھڪ ڏيئي کِلڻ لڳو.
ماستر مسڪين ٿورو حيران ٿي پڇيو، ”کِلين ڇو ٿو ستايا، مون ڪھڙو لطيفو ٻڌايو آھي؟“
ستايي بدستور ٽھڪن ۾ لُڏندي چيو، ”لطيفو ئي تہ ٻڌايو اٿئي، باقي ڇا...“
ماستر مسڪين چِڙڻ جي سرحد تي پھچي، شايد پنھنجا پَير جهلي ورتا ھئا.. آواز کي زوري نرم رکندي چوڻ لڳو، ”نہ.. ڀلا تون ئي ٻڌائي.. ان ۾ چرچي جي ڪھڙي ڳالھ آھي..“
وتايي جي کِل رڪجي ويئي، ھن گمڀير ٿي چيو، عدالت....!؟ عدالت وري ڪھڙي... جھان خان جي اوطاق چئو سائين... جتي ڪانڀو خان سان گڏجي، جھان خان انصاف جا ڪم لاھي ڪانڀ ٻڌيو ويٺو حقو ڇڪي!“
مون وچ ۾ پئي ستايي کي ٽوڪيو ”ايئن ناھي ستايا...“
ھو چڙي پيو، ”جي ايئن ناھي تہ پوءِ ھيئن ڇو آهي تہ جيڪي عدالتون انصاف جي عالمي رينڪنگ ۾ آخري نمبرن تي بيٺل.. نہ بيٺل بہ نہ، بلڪہ ڪِريل آھن، تن جا جج تعليمي ادارن ۾ اچي تعليم جو معيار جاچڻ نڪتا آھن!؟“
آئون چپ ٿي ويس. ڇا چوانس ھا.
پر ستايي فقير جي دل اڃا ڪٿي ڀري ھئي، تيز لھجي ۾ ڳالھائيندو رھيو، ”تہ معنٰي ھاڻ ڪاري مَينھن فيصلو ڪندي تہ ڳئون جو پُڇ ڪارو آھي.. وھ سائين واھ.. حد ٿي وئي ٻيو..“
”ڇڏ ھنن کي.. تون ٻڌائي تہ پوءِ جج صاحب ڇا چيو، ڇا ڪيو؟“ موسو جيڪو اڃان تائين ماٺ ڪيو ويٺو هو، تنھن ماستر مسڪين کان پڇيو.
ماستر مسڪين ٿڌو ساھ ڀري، سٿرن تي ھلڪو ھٿ ھڻندي ويچاري منھن سان چوڻ لڳو، ”ٿيندو وري ڇا.. نہ دعا، نہ سلام، نہ عليڪ سليڪ، نہ ڪا رسمي اجازت... سڌو گارڊن سان گڏ ڪلاس ۾ ڌوڪي آيو. ھڪڙو ھمراھ موبائل جي ڪيمري سان رڪارڊنگ ڪندو گڏ ھجيس.. ڀڳل دروزاي واري ڪلاس ۾ اچي، ڀڳل بينچن تي ويٺل شاگردن تي پنھنجي ليول جي سوالن جا ڌوڙيا لائي ڏنائين.. ھڪ بينچ تي سوڙھ سڪوڙ ڪري ويٺل چار چار شاگرد ايئن سُسي ويا، جو بينچن تي پنجين شاگرد جي بہ جاءِ ٺھي ويئي.“
”پو شاگردن جواب ڏنا ڀلا؟“ مُوسَي پڇيو.
”ڪوشش تہ ڪئي ويچارن، پر ماڪوڙو مڻ تہ ڪونہ کڻندو ادا.. ھجن ھا ھنن جي ليول جا سوال تہ جواب ڏين ھا.“
”سچوئين يار... پوءِ جج صاحب ڇا چيو..“
”مون تي چڙھت ڪري آيو... چي، اھو ٿا پڙھايو شاگردن کي..!“
”پوءِ تو ڇا چيس؟“
”ڇا چوانس... تہ ماڪوڙي تي مڻ لڏبو آ!؟ پر سائين.. ٿي پوءِ ساڻس بہ ڏاڍي...“
”سو وري ڪيئن..“
”مونکي نہ پڙھائي سگهڻ جا طعنا ڏيئي واندو ٿيو، تہ پاڻ چاڪ کڻي بورڊ تي لکي پڙھائڻ لڳو، اسان واري ھڪ واتوڙي شاگرد، نذير پڇيس تہ ’سر اوھان جج آھيو؟‘
’ھا بلڪل، آئون جج آھيان..!‘
’تہ پوءِ اوھان جو ڪم اسڪول ۾ پڙھائڻ آھي؟‘
”جج چيو،  ’نہ... پر اصل ۾ مونکي پڙھائڻ جو بہ شوق آھي ۽ آئون اوھان جي استاد کي بہ ڏيکارڻ چاھيان ٿو تہ پڙھائبو ڪيئن آھي.‘
ٻار وري چيس، ’ھڪڙو سوال پڇان سائين..‘
جج چوڻ لڳو ’ڀلي پڇ.‘
شاگرد چيو، ’اوھان کي پڙھائڻ جو شوق ٿيو تہ اوھان اسڪول ۾ اچي چاڪ ھٿ ۾ جهلي پڙھائي شوق پورو پيا ڪريو.. ۽ چئو پيا تہ اسان جي استاد کي سيکاريو پيا تہ پڙھائبو ڪيئن آهي.. فرض ڪريو تہ اسان جي سائينءَ کي ڪڏھن جج بڻجي فيصلا ڪرڻ جو شوق ٿئي ۽ ھو چاھي تہ اچي اوھان کي سيکاري تہ انصاف ھيئن ڪبو آهي، تہ ڇا اوھان کيس عدالت ۾ پنھنجي ڪرسيءَ تي ويهاري اھو شوق پورو ڪرڻ ڏيندا؟“
ماستر مسڪين اھو چئي چپ ٿي ويو ۽ سڄي ڪچھريءَ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. نيٺ مون ماستر مسڪين کان پڇيو، ”تہ پوءِ جج ڪھڙو جواب ڏنو.“
ماستر مسڪين وراڻيو، ”جج، جيڪو ٿوري دير اڳ مون کي نہ پڙھائي سگهڻ جا طعنا ڏيئي رھيو ھو، شاگرد نذير کي چوڻ لڳو، پڪ توکي اھو سبق ماستر پڙھايو آھي.“