ڊگھي ميدان تي جڏھن ڪروڙن ماڻھن جي وچ ۾، ھڪ ڊپائتو ۽ وڏين اکين وارو ماڻھو، سھڪندي سھڪندي ملائڪ آڏو ڦھڪو ڏيئي ڪريو!
ملائڪ ڀوائتن اکين سان نھاري، سڄي ٻانھن کان وٺي ڇڪي، اٿاريو ۽ روبدار آواز مان پڇيائينس:
”ڇو رڪجي وئين؟“
ماڻھو ڊپ وچان، ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.سندس اکين مان نير زاروزار وھڻ لڳا. ڪجھھ ڳالھائڻ ٿي گھريائين، پر چئي نه سگهيو. يڪدم ملائڪ جي ڀرسان بيٺل ٻي ملائڪ وراڻيو:
”ھن ويچاري سان وڏي ويڌن آھي، مان ھن کي سالن کان ٿو ڏسندو اچان، سندس حالت ڏسي ترس ايندو اٿم. ملائڪ ٿڌو ساھ ڀريندي چيو. “
“ڪيترو عرصو ٿيو آھي، ميدان تي؟“ ٻي ملائڪ پڇيو.
”تقريبن 35 سال، پجھٽيھ سالن کان ھي ماڻھو ائين ئي آھي. مان ھن کي ائين ڏٺو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ته بيحد خوش ۽ ٽھڪ ڏيئي تاڙيون پيو هڻندو آھي. ٻيا سڀ ماڻھو ڊوڙندا آھن ۽ ھي فقط ويھي ٽھڪ ڏيندو آھي ۽ ڪڏهن وري ايترو ته روئندو آهي جو سڀني ملائڪن کي هن جي روئڻ تي ترس ايندو آهي.... ٽھڪ ڏيڻ ۽ وري زاروقطار روئڻ شايد ھن جو موت گھري صدمي سان ٿيو ھوندو.“
”ڪنھن جھور پوڙھي ملائڪ کان ھن بابت پڇي سگهجي ٿو! ضرور ھن بابت خبر ھوندي، ملائڪ ٻي ملائڪ کي چيو.“
ملائڪ ”ھون“
پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھيا ته ھڪ ٻيو ملائڪ اچي مٿان بيٺو، ٻنھن کي پريشان ڏسي وراڻيو:
”ڇا مسئلو آھي، ڪھڙي ڳڻتي اچي ورايو اٿوء.“
ھڪڙي ملائڪ آڱر سان اشارو ڪندي چيو:
” او .......اھو جيڪو ماڻھو روئي رھيو آھي، هن جي دردڀري اوڇگهارن تي ڏک پيو ٿئي! خبر ناهي ڪهڙي تڪليف اٿس!
ٻي ملائڪ ڏک وچان وراڻيو:
”ھي پنھنجي ملڪ جو مشھور ليڊر ھو، ھي کلي انڪري ٿو، جو اڃان تائين ھن کي زندھ چئي ووٽ ورتو وڃي ٿو ۽ روئي انڪري ٿو جو ھن جي نالي تي ماڻھن کي ٽڳيو وڃي ٿو!!.