DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
ڊگھي ميدان تي جڏھن ڪروڙن ماڻھن جي وچ ۾، ھڪ ڊپائتو ۽ وڏين اکين وارو ماڻھو، سھڪندي سھڪندي ملائڪ آڏو ڦھڪو ڏيئي ڪريو!
ملائڪ ڀوائتن اکين سان نھاري، سڄي ٻانھن کان وٺي ڇڪي، اٿاريو ۽ روبدار آواز مان پڇيائينس:
”ڇو رڪجي وئين؟“
ماڻھو  ڊپ وچان، ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.سندس اکين مان نير زاروزار وھڻ لڳا. ڪجھھ ڳالھائڻ ٿي گھريائين، پر چئي نه سگهيو. يڪدم ملائڪ جي ڀرسان بيٺل ٻي ملائڪ وراڻيو:
”ھن ويچاري سان وڏي ويڌن آھي، مان ھن کي سالن کان ٿو ڏسندو اچان، سندس حالت ڏسي ترس ايندو اٿم. ملائڪ ٿڌو ساھ ڀريندي چيو. “
“ڪيترو عرصو ٿيو آھي، ميدان تي؟“ ٻي ملائڪ پڇيو.
”تقريبن 35 سال، پجھٽيھ سالن کان ھي ماڻھو ائين ئي آھي. مان ھن کي ائين ڏٺو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ته بيحد خوش ۽ ٽھڪ ڏيئي تاڙيون پيو هڻندو آھي. ٻيا سڀ ماڻھو ڊوڙندا آھن ۽ ھي فقط ويھي ٽھڪ ڏيندو آھي ۽ ڪڏهن وري ايترو ته روئندو آهي جو سڀني ملائڪن کي هن جي روئڻ تي ترس ايندو آهي.... ٽھڪ ڏيڻ ۽ وري زاروقطار روئڻ شايد ھن جو موت گھري صدمي سان ٿيو ھوندو.“
”ڪنھن جھور پوڙھي ملائڪ کان ھن بابت پڇي سگهجي ٿو! ضرور ھن بابت خبر ھوندي، ملائڪ ٻي ملائڪ کي چيو.“
ملائڪ  ”ھون“
پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھيا ته ھڪ ٻيو ملائڪ اچي مٿان بيٺو، ٻنھن کي پريشان ڏسي وراڻيو:
”ڇا مسئلو آھي، ڪھڙي ڳڻتي اچي ورايو اٿوء.“
ھڪڙي ملائڪ آڱر سان اشارو ڪندي چيو:
” او .......اھو جيڪو ماڻھو روئي رھيو آھي، هن جي دردڀري اوڇگهارن تي ڏک پيو ٿئي! خبر ناهي ڪهڙي تڪليف اٿس!
ٻي ملائڪ ڏک وچان وراڻيو:

”ھي پنھنجي ملڪ جو مشھور ليڊر ھو، ھي کلي انڪري ٿو، جو اڃان تائين ھن کي زندھ چئي ووٽ ورتو وڃي ٿو ۽ روئي انڪري ٿو جو ھن جي نالي تي ماڻھن کي ٽڳيو وڃي ٿو!!.