ٽريزري آفيس جي ورانڊي ۾ جهور پوڙهي بيواه ڪيترن ئي سالن کان آفيس جا چڪر ڪاٽيندي بيزار ٿي پئي هئي. سندس اڃايل اکين ۾ هڪ ئي سوال هو تـ کيس ”مرحيات مڙس جي پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان ڪيترا چڪر ڪاٽڻا پوندا؟“
پوڙهي عورت جي ڏڪندڙ هٿن ۾ فائل جو وزن ايترو ته گهڻو محسوس ٿيندو هو جهڙوڪ هڪ هڪ آفيسر جي صحيح مَڻن جي برابر هئي! هوءَ پنهنجي بيوسي ڪلارڪن آڏو ظاهر ڪري هاڻ ته ڪنهن ڀتر جئين ڀري چور چور ٿي پئي هئي!
پيڙاءُ، ڏک ۽ غربت جي ڏائڻ ان کي هيڻو ڪري مڪمل نااميد ڪري ڇڏيو هو۔ هاڻ ان کي ڪنهن به صاحب جي تلخ لفظن، روين ۽ دڙڪن جي پرواهه نه هئي۔ هن پهريون ڀيرو همت ڪري وڏي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿي۔ صاحب وڏو ڦرڻي ڪرسيءَ تي هندوري جئيان جهلي رهيو هو، سندس مٿي تي اڇي سليماني ٽوپي (حاجي ٽوپي) پهريل ۽ چهري تي وڏي سونهاري هئي. صاحب جون نظرون پنهنجي نئين تسبيح جي مڻين ۾ ٽڪيل هيون. صاحب تازو ئي ڪجهه ڏينهن پهريان عمري جي سعادت حاصل ڪري آيو هو.
پوڙهي درد ڀري انداز ۾ ڏکاري لهجي ۾ چيو:
” صاحب! او وڏا صاحب، ٻن سالن کان تنهنجي در جا ڌڪا پئي جهليا، نه ٿو ڪير منهنجي عمر جو ڪو لحاظ ڪري، نه ٿو ڪوئي منهنجي فرياد ٻڌي۔“
صاحب پوڙهي ڏانهن نهاري يڪدم پنهنجي ڪرسي مان اٿيو ۽ رڙ ڪندي چيائين:
”پوڙهي پوڙهي اندر ڪئين آئين؟ توکي ڪنهن اجازت ڏني!“
” صاحب پيٽ ٿو پنڌ ڪراءِ۔ اجازت وري ڪنهن کان طلب ڪريان۔ صاحب هي پوتيءَ جو واسطو اٿئي، منهنجي پينش بند آهي منهنجا ٻار پيا بک مرن!“
صاحب تسبيح کي ٽيبل تي رکندي، پاڙهي ڏانهن حقارت سان نهاريندي چيو:
”مائي تنهنجي فائيل ۾ مسئلو آهي!“
” صاحب ڪهڙو اهو ئي ته پڇان پئي، آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟“
”ڪو اٿس چڪر پوڙهي“ صاحب اڳ کان ڪجهه تيز رڙ ڪندي چيو۔
”ڀلا ان جو ڪو حل ته هوندو نه“
صاحب تسبيح کي ٽيبل تان کڻندي مشڪندي وراڻيو:
” ها حل تو کي ڪنهن ڪونه ٻڌايو آهي۔ ٻه سال ٿيا آهن اڃا توکي حل جي خبر ڪونهي۔“
پوڙهي ”نه صاحب تنهنجي آفيسر وارا ته ڳالهائن ئي نه ٿا“
”پوڙهي هتي زبان نه هٿ هلندا آهن، ۽......“
”۽ ڇا صاحب “پوڙهي حيرت وچان پڇيو۔
” ڏسي نه ٿي تسبيح پيو پڙهان هاڻ مٿو نه کاءِ وڃي منهنجي ڪلارڪ سان مل۔“ صاحب غصو ڪندي چيو۔
”تنهنجا ڪلارڪ ڳالهائن ئي نه ٿا“
صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر تسبيح رکندي ڪاوڙ واري انداز ۾ وراڻيو:
”مائي هاڻي اصل ڳالهه هي آهي، هتي هن آفيس ۾ پئسن جي بدلي پئسا ملندا آهن سمجهي۔ ڪلارڪ کي وڃي ٻه ٽي هزار تري تي رک۔ تنهنجو ڪم ٿي ويندو۔“
مائي صاحب جا لفظ ٻڌي اندر ۾ وسامڻ لڳي۔ صاحب کي ڪو به اکر نه چيائين۔ بس ماٺ۔۔۔۔۔ ائين ماٺ ڄڻ پوڙهي کي ڪو نانگ سراپي ويو هجي۔۔۔۔۔ ۽ آفيسر کان ٻاهر نڪرندي روئڻ سان گڏوگڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي، چپن ۾ چوڻ لڳي:
” واهه جو انصاف آهي!! ۔ واھھ ڙي صاحب واھ.....“