موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
ٽريزري آفيس جي ورانڊي ۾ جهور پوڙهي بيواه ڪيترن ئي سالن کان آفيس جا چڪر ڪاٽيندي بيزار ٿي پئي هئي. سندس اڃايل اکين ۾ هڪ ئي سوال هو تـ کيس ”مرحيات مڙس جي پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان ڪيترا چڪر ڪاٽڻا پوندا؟“
پوڙهي عورت جي ڏڪندڙ هٿن ۾ فائل جو وزن ايترو ته گهڻو محسوس ٿيندو هو جهڙوڪ هڪ هڪ آفيسر جي صحيح مَڻن جي برابر هئي! هوءَ پنهنجي بيوسي ڪلارڪن آڏو ظاهر ڪري هاڻ ته ڪنهن ڀتر جئين ڀري چور چور ٿي پئي هئي!
پيڙاءُ، ڏک ۽ غربت جي ڏائڻ ان کي هيڻو ڪري مڪمل نااميد ڪري ڇڏيو هو۔  هاڻ ان کي ڪنهن به صاحب جي تلخ لفظن، روين ۽ دڙڪن جي پرواهه نه هئي۔ هن پهريون ڀيرو همت ڪري وڏي صاحب جي ڪمري ۾  داخل ٿي۔ صاحب وڏو ڦرڻي ڪرسيءَ تي هندوري جئيان جهلي رهيو هو، سندس مٿي تي اڇي سليماني ٽوپي (حاجي ٽوپي) پهريل ۽ چهري تي وڏي سونهاري هئي. صاحب جون نظرون پنهنجي نئين تسبيح جي مڻين ۾ ٽڪيل هيون. صاحب  تازو ئي ڪجهه ڏينهن پهريان عمري جي سعادت حاصل ڪري آيو هو.
پوڙهي درد ڀري انداز ۾ ڏکاري لهجي ۾ چيو:
” صاحب! او وڏا صاحب، ٻن سالن کان تنهنجي در جا ڌڪا پئي جهليا، نه ٿو ڪير منهنجي عمر جو ڪو لحاظ ڪري، نه ٿو ڪوئي منهنجي فرياد ٻڌي۔“
صاحب پوڙهي ڏانهن نهاري يڪدم پنهنجي ڪرسي مان اٿيو ۽ رڙ ڪندي چيائين:
”پوڙهي پوڙهي اندر ڪئين آئين؟ توکي ڪنهن اجازت ڏني!“
” صاحب پيٽ ٿو پنڌ ڪراءِ۔ اجازت وري ڪنهن کان طلب ڪريان۔ صاحب هي پوتيءَ جو واسطو اٿئي، منهنجي پينش بند آهي منهنجا ٻار پيا بک مرن!“
صاحب تسبيح کي ٽيبل تي رکندي، پاڙهي ڏانهن حقارت سان نهاريندي چيو:
”مائي تنهنجي فائيل ۾  مسئلو آهي!“
” صاحب ڪهڙو اهو ئي ته پڇان پئي، آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟“
”ڪو اٿس چڪر  پوڙهي“ صاحب اڳ کان ڪجهه تيز رڙ ڪندي چيو۔
”ڀلا ان جو ڪو حل ته هوندو نه“
صاحب تسبيح کي ٽيبل تان کڻندي مشڪندي وراڻيو:
” ها حل تو کي ڪنهن ڪونه ٻڌايو آهي۔ ٻه سال ٿيا آهن اڃا توکي حل جي خبر ڪونهي۔“
پوڙهي ”نه صاحب تنهنجي آفيسر وارا ته ڳالهائن ئي نه ٿا“
”پوڙهي هتي زبان نه هٿ هلندا آهن، ۽......“
”۽ ڇا صاحب “پوڙهي حيرت وچان پڇيو۔
” ڏسي نه ٿي تسبيح پيو پڙهان هاڻ مٿو نه کاءِ وڃي منهنجي ڪلارڪ سان مل۔“ صاحب غصو ڪندي چيو۔
”تنهنجا ڪلارڪ ڳالهائن ئي نه ٿا“
صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر تسبيح رکندي ڪاوڙ واري انداز ۾ وراڻيو:
”مائي هاڻي اصل ڳالهه هي آهي، هتي هن آفيس ۾ پئسن جي بدلي پئسا ملندا آهن سمجهي۔ ڪلارڪ کي وڃي ٻه ٽي هزار تري تي رک۔ تنهنجو ڪم ٿي ويندو۔“
مائي صاحب جا لفظ ٻڌي اندر ۾  وسامڻ لڳي۔ صاحب کي ڪو به اکر نه چيائين۔ بس ماٺ۔۔۔۔۔ ائين ماٺ ڄڻ پوڙهي کي ڪو نانگ سراپي ويو هجي۔۔۔۔۔  ۽ آفيسر کان ٻاهر نڪرندي روئڻ سان گڏوگڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي، چپن ۾ چوڻ لڳي:
” واهه جو انصاف آهي!!  ۔ واھھ ڙي صاحب واھ.....“