DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
استادن جي ميرٽ جو معاملو:

رپورٽ:
جونيئر سائنس ٽيچرز پاران پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران استادن پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ آواز بلند ڪيو. احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ هو ته هو ڊگهي عرصي کان پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا رهيا آهن، پر کين اطمينان بخش جواب نه ملي سگهيو آهي. استادن مطالبو ڪيو ته سندن نوڪرين، پگهارن، سروس اسٽرڪچر ۽ ٻين بنيادي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. احتجاج دوران استادن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ بدران فوري طور تي ڳالهين ذريعي حل ڪڍيو وڃي. جونيئر سائنس ٽيچرز جو چوڻ هو ته استاد تعليمي نظام جي بنيادي حيثيت رکن ٿا، تنهنڪري جيڪڏهن انهن جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويندا ته ان جو سڌو اثر اسڪولن جي تعليمي سرگرمين ۽ شاگردن جي پڙهائي تي به پئجي سگهي ٿو. استادن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي سنجيدگي سان غور نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو. هنن حڪومت ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سندن نمائندن سان ڳالهين جو عمل شروع ڪري مسئلن جو مستقل حل ڪڍيو وڃي.
سنڌ جي جونيئر سائنس ٽيچر (JST) ٽيسٽ ۾ 40 يا ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن حڪومتِ سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته JST ٽيسٽ جي پاسنگ مارڪ 40 مقرر ڪري، 40 کان مٿي مارڪون حاصل ڪندڙ سڀني اهل اميدوارن کي پاس قرار ڏنو وڃي ۽ کين جلد کان جلد آفر آرڊر جاري ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن.
اميدوارن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سائنس جي استادن جي سخت کوٽ موجود آهي، جڏهن ته هزارين نوجوان اميدوار ٽيسٽ ۾ 40 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪري چڪا آهن. انهن اميدوارن ۾ ڪيترائي قابل، تعليم يافته ۽ بيروزگار نوجوان شامل آهن، جيڪي پنهنجي قابليت مطابق سرڪاري نوڪري جا حقدار آهن.
جونيئر سائنس ٽيچر 40 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن جو مطالبو آهي ته پاسنگ مارڪ 55 بدران 40 ڪري، 40 کان مٿي اميدوارن کي پاس قرار ڏنو وڃي ۽ بنا ڪنهن وڌيڪ دير جي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، جيئن سنڌ جي اسڪولن ۾ سائنس جي استادن جي کوٽ پڻ پوري ٿي سگهي.
اميدوارن حڪومتِ سنڌ، تعليم کاتي ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن جائز مطالبن تي فوري طور تي غور ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن سندن مطالبن تي جلد عمل نه ڪيو ويو ته  اميدوار جلد ئي بلاول هائوس جي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو ڏيڻ تي مجبور ٿيندا ۽ پنهنجي حقن لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکندا.

***