DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
اڄ  ٽي مئي آهي۔ سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.۔ هي ڏينهن صرف تقريبون، بيان يا رسمي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ناهي، پر ان سچ کي ورجائڻ لاءِ آهي ته جتي صحافت آزاد نه هوندي آهي ته اتي جمهوريت رڳو ڪاغذن تائين محدود خواب بڻجي ويندي آهي۔. صحافت رڳو پيشو ناهي، پر هڪ ذميواري پڻ آهي۔ جنهن ۾ قلم کي سچ جو امين بڻايو ويندو آهي۔ اها خبر جيڪا ايوانن ۾ لرزش پيدا ڪري، اها ئي اصل صحافت آهي۔ پر جڏهن اسين پنهنجي معاشري، خاص ڪري سنڌ جي حالتن تي نظر وجهون ٿا ته هڪ تلخ سوال سامهون اچي ٿو: ڇا اسين واقعي آزاد آهيون؟
پاڪستان ۾، خاص ڪري سنڌ ۾، صحافت ڪرڻ آسان ناهي۔، هي رستو ڪنڊن سان ڀريل آهي۔ هتي سچ لکڻ اڪثر خطري کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي.۔ ڪيترن ئي صحافين صرف ان ڪري پنهنجون جانيون وڃايون، جو هنن بااثر ماڻهن جي ظلم کي بي نقاب ڪيو.۔ سکر جو بهادر صحافي جان محمد مهر جو قتل اڄ به هڪ تازو زخم آهي۔ هن جو قلم رڳو خبر نه لکندو هو، پر عوام جو درد بيان ڪندو هو،۔ ساڳي طرح عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي ۽ نصرالله گڏاڻي ۽ انهن جهڙا ٻيا نالا اسان جي يادگيرين ۾ هميشه زنده رهندا۔ ، اِهي ماڻهو هئا، جن سچ ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ لکڻ جي همت ڪئي۔،۔ پر افسوس جو انهن کي انصاف اڄ تائين ناهي ملي سگهيو۔ قاتل سامهون هجڻ باوجود قانون جي گرفت کان آزاد  آهن. ۔
سنڌ جا صحافي اڄ به عدم تحفظ جو شڪار آهن،۔ جن کي گهٽ پگهارون، انهن کي ڪو به مستقل سهارو ناهي، ۽ بااثر ماڻهن خلاف لکڻ تي مسلسل خطرا۔ اهڙين حالتن ۾ سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ واقعي قرباني بڻجي وڃي ٿو،۔ پر تاريخ گواهه آهي ته سچ کي وقتي طور دٻائي سگهجي ٿو، هميشه لاءِ مٽائي نٿو سگهجي۔ ،بندوق جي گولي ٿوري وقت لاءِ خاموشي آڻي سگهي ٿي، پر سچ جي آواز کي ختم نٿي ڪري سگهي۔ پاڪستان ۾ صحافت جو سفر هميشه آزمائشن سان ڀريل رهيو آهي۔ آمريت هجي يا جمهوريت، هر دور ۾ قلم کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،۔ جڏهن به ڪنهن صحافي ڪرپشن، ناانصافي يا ظلم خلاف آواز اٿاريو آهي ته کيس خاموش ڪرائڻ جي هر ڪوشش ڪئي وئي آهي، اڄ صحافت جا چيلينج رڳو سياسي نه رهيا آهن۔ موسمياتي تبديلي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ، ۽ ماحولياتي مسئلا به اهم آهن۔ پر هڪ غير محفوظ صحافي انهن مسئلن تي اثرائتي نموني ڪيئن لکي سگهي ٿو؟ صحافت جي آزادي صرف خبر ڏيڻ جو نالو ناهي، پر هڪ اخلاقي ذميواري به آهي۔ اسان کي پنهنجي اندر موجود انهن عنصرن کي به سڃاڻڻو پوندو، جيڪي هن مقدس پيشي کي بدنام ڪن ٿا۔ انهن جي نالي تي اصل صحافين جو آواز دٻائڻ به ناانصافي آهي.۔

اڄ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته صحافت رياست جو ٿنڀو بڻجندي يا طاقتور ماڻهن جو هٿيار، ۔ جيستائين صحافي خوف کان آزاد ٿي سچ نٿو لکي سگهي، تيستائين جمهوريت مڪمل نه ٿيندي.۔هي ڏينهن انهن سڀني صحافين جي نالي ڪجي ٿو، جن پنهنجو قلم جو ڪڏهن به سودو نه ڪيو،۔ ۽ ڪڏھن بھ ايمانداري ۽ سچائي جو دامن نھ ڇڏيو. اسين مطالبو ٿا ڪريون ٿا ته صحافت جي تحفظ لاءِ ڪا خاص قانون سازي ڪئي وڃي  ۽ انهن کي محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي، شهيد صحافين جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن  قانون تي اعتماد بحال ٿئي، ۽ ميڊيا ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي پنهنجن ملازمن کي مناسب پگهارون ۽ انشورنس جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪن۔. ياد رکو، جنهن سماج ۾ صحافي خوف هيٺ زندگي گذارين ٿا، اتي سچ دفن ٿي وڃي ٿو! ۔ ۔