DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
جنگشاهي رورل هيلٿ سينٽر ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ، رهواسين ۾ ڳڻتي


رپورٽ: جاويد جان)

جنگشاهي جي رورل هيلٿ سينٽر (RHC) ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ انتظامي لاپرواهي سبب علائقي واسين ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي. مقامي رهواسين موجب اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سان گڏ صفائي جو نظام پڻ ناقص آهي.
اسپتال ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ لڳل ڪولر ۽ فلٽر ناڪاره بڻيل آهن، جڏهن ته پاڻي جي ٽينڪن جا ڍڪڻ نه هجڻ ۽ ٽينڪن اندر گندگي جمع هجڻ سبب مريضن کي صاف پاڻي جي سهولت ميسر ناهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته گندو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب مريضن ۾ پيٽ جي بيمارين جا خدشا وڌي رهيا آهن.
ٻئي طرف اسپتال جو ٽرانسفارمر به ڪافي عرصي کان خراب هجڻ جي شڪايت ڪئي وئي آهي. جهڙالي موسم ۾ سولر سسٽم صحيح نموني چارج نه ٿيڻ سبب فريزر ۾ رکيل پوليو ويڪسين ۽ ڇتي ڪتي يا نانگ جي ڏنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ انجيڪشنز جي حفاظت بابت پڻ خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
مقامي رهواسين الزام هنيو آهي ته اسپتال جي ماهوار بجيٽ جي استعمال بابت به شفافيت جي ضرورت آهي، ۽ مطالبو ڪيو آهي ته صحت کاتو معاملن جي فوري جاچ ڪرائي. علائقي واسين وزير صحت، سيڪريٽري صحت، ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته جنگشاهي RHC جو فوري نوٽيس وٺي، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، دوائن، صاف پاڻي، بجلي، صفائي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ غفلت جا ذميوار هجن ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.


***