DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
گلان کي پيءُ جي پڳ مارائي وڌو!!

سکر/ روهڙي (نمائندي وٽان)  روهڙي ڀرسان ٻن ٻارڙن جي ماءُ گلان ڀارو کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، عدالت ۾ والد طرفان پٽڪو پيرن تي رکڻ کان پوءِ ناري گلان  ڀارو چيو هو ته مون کي پڪ آھي ته مونکي قتل ڪيو ويندو، پر پيءُ پٽڪو لاھي ڏنو آھي، پيءُ جي عزت خاطر موت به قبول آھي، جهانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه بخش ڀارو ۾ ٻن ٻارڙن جي ماءُ گلان ڀارو کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري گلان ڀارو ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد سکر جي سيشن ڪورٽ پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي هئي، پيءُ امداد ڀارو جي منٿن بعد ناري گـُلان ڀارو گهر وڃڻ لاءِ راضي ٿي، ڪجھھ ڏينھن بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ذريعن موجب مقتولا ڪجهه ڏينهن اڳ جان بچائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي هئي ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران به پاڻ کي بچائڻ لاءِ  تحفظ جي اپيل ڪئي ھئي.  پر پوءِ به پيءُ سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي وئي، ڪجھھ ڏينھن اڳ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس مک جوابدار مولا بخش ڀارو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي، لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ايس ايس پي اظهر مغل موجب مقتول ناري ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، جنهن کي مامي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار برآمد ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، هن وقت تائين مقتولا ناري جي مڙس ۽ مامي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي ناري جي بيگناھھ قتل تي انساني حقن جي تنظيمن ۽ سماجي تنظيمن کان گھر ڪئي وئي آھي تھ ناري جي بيگناھھ قتل تي آواز اٿاريو وڃي.