DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
ڇاڇرو جو 60 ورهين جو ٻڪرار ڀارتي فورس هٿان مبينا گرفتار.....!
ڇاڇرو جي ڳوٺ ڄاريلو واسي 60 ورهين جي بڪو خان رند کي مبينا طور زيرو لائن پار ڪرڻ تي ڀارتي بارڊر فورس پاران گرفتار ڪرڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.
ڇاڇرو ڀرسان پاڪ ڀارت سرحد ڀرسان ٻڪريون چاريندڙ ڌنار کي ڀارتي فورسز زبردستي کنڀي کڻي وئي، جاريلو واسي 60 ورھين جو ڪنن کان ٻوڙو ٻڪريون چاريندي زيرو لائين تان ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز (BSF) ھٿان گرفتار بڪو خان رند ٻڪرين جو ڌنار ھو. سرحد ڀرسان ٻڪريون چاريندي ڊورن پويان زيرو لائين تي پھتو ته ڀارتي فورس گرفتار ڪري ورتو. وارثن موجب بڪو خان ڪنن کان ٻوڙو آهي. سندس ڪا خبر نه ملڻ تي وارث ڪيترن ئي ھنڌن تي ڳولا ڪندا رھيا، ڀارتي ميڊيا تي رپورٽون سامھون اچڻ بعد وارثن کي بڪو خان جي گرفتاري جي خبر پئي BSF پاران کيس ڀارتي پوليس حوالي ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي آھي، بڪو خان جي گرفتاري واري خبر بعد وارثن ۾ سخت گڻتي پکڙجي وئي، گھر ڀاتين پاران حڪومت پاڪستان ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فورن نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. انساني ھمدردي جي بنياد تي ڪنن کان ٻوڙي بڪو خان  رند کي ڀارتي حراست مان آزاد ڪرائي، وطن واپس آندو وڃي.

وارثن موجب، بڪو خان ٻڪريون چاريندڙ ٻڪرار آهي، جيڪو ٻڪريون چاريندي مبينا طور غلطيءَ سان سرحدي زيرو لائن پار ڪري ڀارتي حدن ۾ داخل ٿي ويو آھي، جنهن بعد ڀارتي اختيارين کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته کين بڪو خان جي گرفتاري بابت ڀارتي ميڊيا تي رپورٽون سامهون اچڻ کانپوءِ خبر پئي، جنهن سبب سندس خاندان ۾ سخت ڳڻتي پکڙجي وئي آهي. وارثن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي بڪو خان رند بابت معلومات حاصل ڪئي وڃي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي کيس ڀارتي حراست مان آزاد ڪرائي وطن واپس آندو وڃي.