DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو........!!

رپورٽ جاويد جان

جنگشاهي: پاڻي جي کوٽ، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ريل گاڏين جي اسٽاپ بحالي  لاءِ شٽر بند هڙتال.  جنھن ۾ جنگشاهي  جي  شهرين، آسپاس جي ڳوٺاڻن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، واپاري اڳواڻن ۽ مختلف تنظيمن جي سڏ تي پاڻي جي شديد کوٽ، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ريلوي انتظاميا پاران جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏين جا اسٽاپ ختم ڪرڻ خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي شهر جي مکيه بازارون مڪمل طور بند رهيون، جڏهن ته وڏي انگ ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت، واپڊا ۽ ريلوي اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته جنگشاهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو فوري نوٽيس وٺي، پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي بند ڪيل ريل گاڏين جا اسٽاپ فوري طور بحال ڪيا وڃن. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.