DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
پريا ڪماري سميت گم ٿيل  ٻار ڪٿي آھن......؟؟!

رپورٽ: محمد اجمل

سکر ضلعي جي شهر سنگرار مان  اغوا ٿيل پريا ڪماري کي ھن سال محرم الحرام ۾ گم ٿئي پنج سال پورا ٿيا آهن. 2021 جي محرم الحرام جي مھيني ۾ پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي گم ٿيندي پنج سال پورا ٿيا آهن،  پر پريا ڪماري جو اڃان پتو نه پئجي سگهيو. آھي، ھي واقعو فقط ھڪ خاندان جو نھ پر پوري سماج جو آھي!. پريا ڪماري جو  اوچتو گم ٿيڻ پوري سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي بحث جو مرڪز رهيو آهي. پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف وقتن ۾ مختلف شھرن ۾ احتجاج ٿيندا رهيا آھن، ھندو برادري توڙي سنڌ جي سماجي شخصيتن به پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ۽ پريس ڪانفرنسون پڻ ڪيون آھن،  تازو ٻٻرلي ۾  احتجاج پڻ  پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ  ڪيترن ئي ڏينھن تائين جاري رھيو، پر   صد افسوس جو  پريا کي بازياب تھ نھ ڪرايو ويو، پر احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪري کين احتجاج کي ئي ختم ڪيو ويو.. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سھڻي پارس پنھنجي واضح بيان ۾ چيو تھ، پريا منھنجي نياڻي آھي، اسان تيسين احتجاج  ختم نھ ڪنداسين، جيسين پريان اسان کي نھ ٿي ڏني وڃي. 26 جون 2026 ٻٻرلو باءِ پاس جي مقام تي پريا ايڪشن ڪاميٽي جنهن جي اڳواڻي سھڻي پارس ۽ لياقت جلباڻي جي اڳواڻي ۾ ٻٻرلو جي مقام تي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو. پريا ڪماري جي لڳل ڌرڻي ۾ ھوريان ھوريان  ٻين گم ٿيل ٻارن جا خاندان به  حصو وٺندا ويا، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 17 خاندان ان ڌرڻي ۾ پھتا جيڪو ڌرڻو ھڪ تحريڪ جو رخ اختيار ڪري ويو. اغوا ٿيل ٻارن ۾ پريا ڪماري ،فضيلا سرڪي، اجالا سولنگي ،صبا ڪلھوڙو ،نويد لاشاري، آصفه مغل ماجد لاشاري سميت ٻين اغوا ٿيل ٻارن جي خاندان به ان ڌرڻي جو حصو بڻجي ويا. حڪومت طرفان بار بار واعدا ڪندا رهيا، پر عملي نتيجي تائين نه پھچي سگھيا. ان کان اڳ به اعلي آفيسرن جي اڳواڻي ۾ جي آئي ٽيز جوڙيون ويون آھن، پر انھن  آئي ٽيز ا مان ڪو بھ کڙ تيل نھ نڪري سگھيو آھي، .

22 جولائي تي ھڪ ڀيرو وري پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران نيشنل ھاءِ وي بند ڪيو،حڪومت ۽ ڪاميٽي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون ۽ 24 جولائي تي صبح جو لڳ ڀڳ 2 بجي ٻٻرلو پوليس ايس ايس پي خيرپور مسعود مگسي جي اڳواڻي ۾ مظاهرين تي لاٺي چارج ڪري سول سوسائٽي، پريا ڪماري ايڪشن جي اڳواڻن، ڪوريج ڏيندڙ صحافي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ سھڻي پارس، لياقت جلباڻي ۽صحافي ساحل جوڳي، سميت ٻين احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن بعد 150 ماڻهن تي دھشتگردي ايڪٽ سميت مختلف فوجداري قلم لڳائي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي.