DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
پاڻي جي سخت کوٽ عوام پريشان!!
(رپورٽ: لياقت لاڙڪ)

درياهھ جي ڪناري تي آباد تعلقو سوڀوديرو جتي پاڻي جي کوٽ اسي سيڪڙو آهي، ۔آبپاشي انتظاميا سوڀوديرو تعلقي جي ڪيترن شاخن کي سالن کان پاڻي نه ڏئي سگهي آھي، جڏھن تھ ڪيترائي ڀيرا درخواستون پڻ جمع ڪرائي چڪا آھيون. ۔ خيرپور ضلعي جو سوڀوديرو تعلقو سنڌو درياهھ جي ڪپ تي قائم آهي ۽ سکر بئراج کان صرف سٺ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، پر افسوس تنھن ھوندي بھ  پاڻي کوٽ جي سخت کوٽ ي منھن ڏپئي رھيو آھي.  مشهور فيض نهر خيرپور ضلعي جا چار تعلقا آباد ڪري ٿو، پر ان جو پاڻي سوڀوديرو تعلقي تي نٿو پهچي. ۔سوڀوديرو تعلقي جون ڪيتريون شاخون سيٺارجا مائينر ، ابل واهھ ، سوڀا شاخ ، محراب واهھ ، گرڪڻو واهھ ، تيڪڻو واهھ ، تاج مائينر جون پڇڙيون گذريل ويهن پنجويهن سالن م پاڻي جو ڍڪ نه ڏسي سگھيون آهن. ۔ اونهاري جي شديد گرمي م فيض نهر جو پاڻي مڪمل طور  مٿان کان ئي  چوري ٿي رھيو آھي،  جڏھن تھ ڪيترائي ڀيرا اعليٰ عملدارن کي درخواستون ڏيئي چڪا  آھيون تنھن تي ڪو بھ  عمل ناھي ٿيو، افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ  آبپاشي عملدار وڏيون رشوتون وٺي پاڻي مٿين آبادگارن کي وڪرو ڪن ٿا، جنهن ڪري سوڀوديرو تعلقي جون اڪثر  شاخون سڪل آهن. ۔ هن وقت فيض نهر م سورهن سو ڪيوسڪ پاڻي آهي، پر  تنھن باوجود به نااهل آبپاشي انتظاميا هٿرادو وارا بندي جو بهانو ڪري، ٿورو ٿڪو ملندڙ پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آهي. عوام سخت تڪليفن کي منھن ڏيئي رھيو آھي. سنڌ جي اعليٰ اختيار ڌڻين کان مطالبو ڪجي ٿو تھ آبپاشي عملدارن کي ڪٽھڙي ۾ آڻي، آڏي پڇا ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ کي ختم ڪري سوڀو ديرو تعلقي جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي.