وڻ سماج دوست آھن، وڻن جي بجاءُ لاءِ اپاءَ وٺڻ گھرجن!
(رپورٽ: جاويد جان)
جنگشاھي ۽ ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ ڄار، ٻٻر، نم، ڪنڊي ۽ ڪرڙ سميت ٻين قيمتي ۽ قدرتي وڻن جي بي دردي سان ڪٽائي جو سلسلو جاري آهي. جيتوڻيڪ ضلعي انتظاميا قيمتي وڻن جي تحفظ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري وڻن جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي آهي، پر ان جي باوجود روزاني بنيادن تي سوزڪي، ٽريڪٽر ٽاليون ۽ هيوي ٽرڪن ذريعي وڏي مقدار ۾ ڪاٺ جي غيرقانوني واپار ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.
مقامي رهواسين ۽ سماجي حلقن موجب، وڻن جي وڌندڙ ڪٽائي سبب علائقي جي ماحولياتي توازن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. اڳ جي ڀيٽ ۾ برساتن جو سلسلو گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته گرمي پد ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. وڻن جي کوٽ سبب زمين جي زرخيزي متاثر ٿي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي رهائش ختم ٿي رهي آهي ۽ ماحولياتي آلودگي ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
عوامي ۽ سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي کي فوري طور نه روڪيو ويو ته مستقبل ۾ علائقو وڌيڪ ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏئي سگهي ٿو. هنن حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل کاتن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي غيرقانوني ڪاٺ جي واپار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ماحولياتي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ۽ وڏي پيماني تي وڻڪاري مهم هلائي علائقي کي ٻيهر سرسبز بڻايو وڃي.