موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!..................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي تازي (شماري: اٺين) بابت ھڪ تفصيلي فھرست ونڊ ڪجي ٿي!........مک ايڊيٽوريل....!............ دنيا جي عالمي سياست تي مھارت رکندڙ، سينيئر تجزيھ نگار، سينيئر ڪالم نگار، دانشور ۽ عالمي شھرت ماڻيندڙ محترم ڪشور محبوباڻي صاحب جو مشھور ڪالم: “ھاڻي دنيا بدلجي رھي آھي!”.........................ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي (ڊيسڪ تان) ھڪ شاندار رپورٽ: ڀارت ۾ بيروزگاري جي جوڙيل ڪاڪروچ جنتا پارٽي...........................سنڌ جي مشھور سينيئر صحافي، تجزيھ نگار، اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم حبيب جتوئي صاحب جو ملڪي صورتحال تي شاندار ڪالم: 28 ويھين ترميم جو مامرو! ڇا نگران حڪومت جون تياريون پيون ٿين؟!!............................... سنڌ جي نوجوان صحافي ۽ ليکڪ محترم شريف گل خاصخيلي صاحب جو مضمون: 28 ويھين ترميم سنڌ جي وجود تي وار آھي!...........................سنڌ جي سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم نثار لغاري صاحب جو مضمون: سنڌ جا اھم قومي مسئلا ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي!!......................... عذابن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ!!!(ڪَور اسٽوريز) سنڌ جي دردڪٿا!........................... نوجوان ليکڪ محترم امداد ”عاجز نصيراڻي جو مضمون: عورتن جا حق ۽ سندن تحفظ!.............................................(ورسيءَ جي مناسبت سان) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ياد ۾ (خراج عقيدت).............................. تاريخ ڳالھائي ٿي!........................................عام معلومات/................... سائنس / .................. شاعري./اصغر ميمڻ............... شبير آزاد.................... فواد ڪلوڙ.................... ڊاڪٽر عبدالوھاب جتوئي ساحل....................... ارشاد ڪٽپر................. سڌير بليدي.................. منور برھماڻي................. علي نواز مھراڻي....................................** تنقدنگاري/ ڪھاڻي ۽ مضمون: ڊاڪٽر حرا جان خاصخيلي ...................... زاھد منگي.................. شريف گل خاصخيلي..................... امداد عاجز نصيراڻي......................... اعجاز ممنائي جا مضمون پڙھي سگھون ٿا.
Skip to Content
ٽنڊومستي ۾ وحشت جي انتها!!
(​رپورٽ : لياقت علي شيخ)
تفصيل موجب، ​خيرپور جي پرامن علائقي ٽنڊومستي ۾ مسمات خالده روبينه چانڊيو کي انتهائي بيدردي سان قتل ڪري لاش جي بيرحمتي ڪئي وئي. هن وحشياڻي واقعي کانپوءِ سڄي ضلعي ۾ خوف ۽ حراس سان گڏوگڏ عوام ۾ شديد ڪاوڙ واري لهر پکيڙجي وئي. مقتوله جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ نياڻي جي اڻوقتائي موت تي هر اک آلي ھئي!
​مقامي ذريعن موجب، ٽنڊومستي جي حد ۾ جوابدارن پاران مسمات خالده روبينه چانڊيو مٿان ان وقت وحشياڻو حملو ڪيو ويو، جڏهن هوءَ پنهنجي گهر ۾ موجود هئي. جوابدارن پاران ڪاري جو الزام لڳائي، ماڻھن جي ھجوم ۾ روبينھ کي گھليندي مٿس سڌي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ روبينھ پنھنجي بيگناھي بابت ليلائي صفائي ڏيندي رھي ۽ پنھنجي عزيزن کي اللھ جا واسطا ڏيندي رھي!  واقعي کانپوءِ جوابدار غيرت جي نالي تي بيگناھھ عورت کي قتل ڪندي وڏي آسانيءَ سان هٿيار لهرائيندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏھن تھ  پوليس  ٻن جوابدارن  جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس جو چوڻ آھي تھ  ٻن جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو آھي. افسوس اھو آھي جو جوابدارن پوليس کي ٻڌائيندي چيو تھ، ٻھ ڏينھن اڳ روبينھ چانڊيو ۽ سندس سوئٽ پسند جي شادي ڪئي ھئي،  برادريءَ جي ڪجھھ ماڻھن ملي ڪري ٻنھن کي اعتماد ۾ وٺي گھاريو ھو،  روبينھ جڏھن ڳوٺ پھتي تھ سندس سوئٽ جيڪو گھوٽ پڻ ھو، اھو روبينھ کي اڪيلو ڇڏي فرار ٿي ويو!  جڏھن تھ ڳوٺ وارن جنھن مان روبينھ جو مامو ۽  ٻيو عزيز  ماڻھن جي ھجوم ۾ روبينھ کي بيدردي سان قتل ڪيو،  روبينھ ليلائيندي رھي، پر سندن ڪو بھ قياس نھ آيو!  سڄي علائقي ۾ وحشت تڏھن طاري ٿي، جڏھن ساڳئين درندن  ٽنڊومستي لڳ قبرستان ۾ بنا ڪفن جي، ھڪ کڏ کوٽي لاش کي دفنائي ڇڏيو! قبر جي ويڊيو جڏھن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ۽ ماءُ پيءُ جون عرش لوڏيندڙ دانھون جڏھن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون تھ ھر اک آلي ھئي ۽ ھر درد رکندڙ  دل روئڻ لڳي!  ھن سڄي واقعي ۾ ٽنڊومستي پوليس جو عمل بھ انتھائي ڏکوئيندڙ رھيو، روبينھ جي ماءُ ۽ پيءُ کان ٽي لک  ايف آءِ آر  لاءِ رشوت ورتي وئي ۽ بجاءِ جو ڏوھارين جا گھر ساڙي راک ڪجن، پر روبينھ جي گھر کي ڊاھي ميسمار ڪيو ويو! جڏھن ھن واقعي جي خبر پوري سنڌ ۾ پکيڙجي وئي، تھ پوءِ سنڌ جي وڏي وزير نوٽس ورتو!

مقامي انتظاميا ۽ امن امان جي صورتحال تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. ​ وارثن جو چوڻ آهي ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان جي بيگناهه نياڻي جو قتل ٿيو آھي. جوابدارن کي فوري طور تي  گرفتار ڪري ڪڙي مان ڪڙي سزا ڏني وڃي.  ​هن افسوسناڪ واقعي تي خيرپور جي سماجي، سياسي ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ عورتن مٿان وڌندڙ تشدد ۽ قتل جا واقعا سنڌي سماج لاءِ هڪ ناسور بڻجي ويا آهن. ضلعي انتظاميا ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي وئي آهي ته خالده چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو اهڙو قدم کڻڻ جي جرات نه ڪري سگهي. جڏھن ته ڊي سي خيرپور پڻ ھڪ تحقيقاتي ڪاميٽي جوڙي ھئي جنھن رپورٽ تيار ڪري ڊي سي خيرپور ۽ اعليٰ آفيسر ڏي موڪلي ڇڏي آھي ۔، خيرپور جي عوام پاران اھڙن واقعن جي سخت لفظن مذمت ڪئي وئي آھي.