DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
زھريلو  ڪيميڪل زندگيون ڳرڪائڻ لڳو!
(رپورٽ جاويد جان)

نوري آباد جي صنعتي زون مان نڪرندڙ زهريلي ڪيميڪل وارو پاڻي ويجهي علائقن لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويو آهي. علائقي واسين موجب مختلف ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ گندو ۽ زهريلو پاڻي بنا ڪنهن مناسب صفائي جي سڌو سنئون ڪلوکوھر ڊيم ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب نه رڳو ماحولياتي آلودگي وڌي رهي آهي، پر انسانن ۽ جانورن جي زندگين کي پڻ شديد خطرا لاحق ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڊيم جو پاڻي اڳ ۾ زراعت، مالوندن ۽ روزاني استعمال لاءِ ڪارائتو هوندو هو، پر هاڻي پاڻي مان بدبو اچڻ لڳي آهي ۽ ان جو رنگ به تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ بيچيني پکڙيل آهي۔ ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو زهريلو پاڻي صرف ڊيم تائين محدود ناهي رهيو، پر اهو اڳتي هلي مشهور ڪينجهر ڍنڍ ۾ پڻ شامل ٿي رهيو آهي،ڳوٺاڻن موندر خان پالاري، عامر بلاول پهنل پالاري ۽ ناصر علي پالاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب سندن مال مرڻ لڳو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڍور مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. سندن چوڻ هو ته جانورن ۾ ڪمزوري، چمڙي جون بيماريون ۽ ٻين خطرناڪ علامتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب مالوند سخت پريشان آهن. هنن الزام هنيو ته صنعتي ڪارخانا ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا ٽريٽمينٽ جي زهريلو پاڻي نيڪال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن۔. ڳوٺاڻن حڪومت، سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ڪيميڪل وارو پاڻي بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي. علائقي واسين مطالبو ڪيو ته ڪارخانن جي نيڪال ٿيندڙ پاڻي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن انسانن، جانورن ۽ قدرتي وسيلن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي۔.