متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس جي ڪارروائي دوران سندن گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ڪيترائي خاندان بي گهر ٿي ويا. سندن دعويٰ آهي ته اها ڪارروائي هڪ وڪيل جي چوڻ تي ڪئي وئي، جڏهن ته هو پاڻ کي بي گناهه قرار ڏين ٿا. انهن دعوائن جي آزاد تصديق هن وقت موجود ناهي، پر جيڪي منظر سامهون اچي رهيا آهن، اهي ڪنهن به حساس دل کي لوڏي ڇڏين ٿا. اهي گهر رڳو مٽيءَ جون ڀتيون نه هيون، پر غريبن جي سڄي عمر جي پورهئي جا نشان هئا. ڪنهن ماءُ پنهنجي هٿن سان اهو اڱڻ ٺاهيو هو، ڪنهن پيءُ پنهنجي اولاد جي مستقبل جا خواب انهن ڀتين ۾ اڏيا هئا، ڪنهن نياڻي جي شاديءَ جون اميدون انهن ڇتين سان سلهاڙيل هيون. اڄ جڏهن اهي ڀتيون مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون آهن ته لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن جي خوابن کي به ڊاهي پٽ ڪيو ويو هجي. جيڪڏهن ڪمزور ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي گهر ٿي وڃي، ته پوءِ انصاف جي دروازي تي هو ڪنهن نالي سان دستڪ ڏئي؟ مهانگائي اڳ ئي ماڻهن جي چلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪيترائي خاندان ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي مٿي تان ڇت به کسجي وڃي ته اهو صرف مالي نقصان نه، پر هڪ خاندان جي عزت، تحفظ ۽ مستقبل تي وار هوندو. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته متاثرن موجب هن ڏکئي وقت ۾ سندن آواز ٻڌڻ لاءِ اڃا تائين ڪو مؤثر قدم نظر نه آيو آهي. سياسي بيان، وڏيون تقريرون ۽ فوٽو سيشن ته ٿيندا رهن ٿا، پر ڪنهن يتيم ٻار جي اکين مان وهي ويل لڙڪ کي ڪير اگهي سگهندو؟ ڪنهن بي گهر ماءُ جي دانهن جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڪنهن پوڙهي جي ٽٽل دل کي ڪير جوڙيندو؟ قانون جو احترام هر شهري تي فرض آهي، پر قانون جو حسن به ان ۾ آهي ته اهو ڪمزور کي تحفظ ڏئي، اعليٰ اختيارين، چونڊيل نمائندن ، انساني حقن جي ادارن ۽ عدليه کان مطالبو ڪجي ٿو ته هن واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي تھ جيئن متاثر ماڻھن سان انصاف ٿي سگھي.